1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

لوٽن ۽ لفافن کان چمچن تائين!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    599
    ورتل پسنديدگيون:
    624
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جيڪر ويجھو وڃي لوٽن جي ڪنهن ڍير تي نظر وجھبي ته اهي رڳو پلاسٽڪ جا لوٽا آهن جن کي هيٺ مٿي سجائي هڪ منظم شڪل ڏني ويئي آهي پر ڪجهه فاصلي تي وڃي ڏسبو ته اهي سمورا لوٽا ملي ڪري هڪ وڏي اڪيلي لوٽي جي شڪل اختيار ڪن ٿا ۽ انهن جي جز ۽ ڪل جو فرق مٽجي وڃي ٿو ڇوته هر ايڪائيء جو انفرادي لوٽاپڻ ختم ٿي ڪائناتي لوٽي ۾ ضم ٿي وڃي ٿو ۽ اهو همه گير شاهي لوٽو اسان جي نظرن سامهون موجود اڪيلي حقيقت بڻجي ڪري رهجي وڃي ٿو.ڪجهه اڃا به پري وڃي لوٽن جي ان ڍير تي نظر وجھو ته اهو هڪ شاهي گادي يا اقتدار جي ڪرسيء جو منظر پيش ڪري ٿو۽ جڏهن اسان دل جي نگاهه سان روزمرهه جي ان ٿانو کي ڏسون ٿا ته ٽونٽيء کان وٺي تري تائين اسان کي اهو هڪ بليغ سياسي،سماجي ۽ اخلاقي اشارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سياست ۽ صحافت ۾ لوٽي جو عمل دخل ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي.ستر اسي سال اڳ مولانا ظفرعلي خان هي لفظ ڊاڪٽر عالم نالي هڪ اهڙي ماڻهوء لاء ڳالهايو هو جيڪو هر ٽئين ڏينهن پارٽي بدلائي ڇڏيندو هو. پهرين هو اتحاد المسمين ۾ هو،پوء مسلم ليگ ۾ هليو ويو ۽ هوا جو رخ بدلجندي ئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو.جڏهن ملڪ تقسيم ٿي ويو ته پاڪستان پهچي هڪ دفعو وري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مولانا ظفر علي خان پاران مليل لقب هن کي اهڙو ته چنبڙي پيو جو ماڻهو کيس ڊاڪٽر عالم لوٽو چئي سڏڻ لڳا ۽ اها ڇيڙ ڇاڙ ايتري ته وڌي جوڊاڪٽر عالم لوٽو لاهور کان فرار ٿي واپس ڀارت هليو ويو.اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ غير ملڪي سياح شايد لوٽي جي شاندار مقامي تاريخ کان واقف نه هوندا آهن ۽ اهي ان کي رڳو عام استعمال جو هڪ ٿانو سمجھندا آهن.اسلام آباد آرٽ گيلريء ۾لوٽن جي ڍير کي حيرت وچان تڪيندڙ هڪ غير ملڪي سياح خاتون کي جڏهن ٻڌايو ويو ته لوٽو رڳو هڪ برتن ڪونهي بلڪه هڪ بليغ سياسي،سماجي ۽ اخلاقي استعارو آهي ته هوء چوڻ لڳي ته ان معنيٰ ۾ لوٽو انگريزي جي لفظ ” برائون نوز“ يعني ڀوري نڪ جو متبادل آهي.سندس چوڻ هو ته چاپلوسي ۽ چمچاگيري ڪرڻ وارا ماڻهو جڏهن پنهنجي ڪارڪردگيء جي معراج تي پهچندا آهن ته نياز نوڙت ۽ خاڪساريء ۾ سندن نڪ وڏي صاحب جي پيرن کي ڇهندي جسم جي ناقابل بيان حصن تائين پهچي ويندو آهي جتي لاڳيتو رڳڙڻ سان سندن نڪ ڀورو ٿي ويندو آهي.خاتون جو ضد هو ته لوٽي ۽ ڀوري نڪ ۾ سڌو تعلق آهي ڇوته لوٽي جي ٽونٽي به استعمال وقت انهن ئي جسماني عضون جي آسپاس گھمندي آهي جتي چاپلوس جو نڪ ڌڪا کائيندو آهي.ان امريڪي عورت جي تحقيق پنهنجي جڳهه پر اسان جي سادي کوجنا جو محدود دائرو رڳو ايترو اشارو ڪري سگھي ٿو ته اسان وٽ ”بي تري لوٽي“ جومحاورو مشهور آهي يعني اهڙو لوٽو جيڪو ڪنهن هڪ جڳهه تي نه ٽڪندو هجي.ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي پاسي لڙهڪي ويندو هجي.بي اصول ماڻهوء کي ان قسم جو لوٽو چيو ويندو آهي ۽ مولانا ظفرعلي خان به ان پس منظر کي سامهون رکي پنهنجي شڪار کي لوٽو قرار ڏنو هو.

    اسان وٽ سن اسي ۽ نوي جي سياست ۾ لوٽي جو لفظ داخل ٿيو هو پر لوٽي تي وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان پهرين ” چمچي“ کي ڪجهه خراج تحسين پيش ڪرڻ ضروري آهي.”چمچو“ به هڪ جامع ۽ مختصر لفظ ۾ بدلجڻ کان پهرين هر ديڳ جو چمچو هوندو هو پر هاڻي فقط ”چمچو“ چوڻ سان ئي هڪ خوشامدي،چاپلوس ۽ ٻچاپڙي شخص جو تصور ذهن ۾ اچي وڃي ٿو.هونئن ته ٿانون جي دنيا ۾ چمچي جو درجو نهايت هيٺ اچي ٿو پر منصبي فرضن جي لحاظ کان ڏسو ته ان ننڍڙي جان نهايت ئي وڏي ذميداري سنڀالي رکي آهي.کاڌي کي ديڳ مان ڪڍي پليٽ تائين پهچائڻو هجي ته اهو ڪم چمچي کان سواء ڪير ڪري سگھي ٿو؟چمچي جي ان جانثاريء تان صدقي وڃجي جو سندس سامهون رڳو اهو ئي فرض رهي ٿو ته کاڌي جي ڍير يعني ديڳ،ڍونگي يا ڊش وغيره مان مال کڻ ۽ پنهنجي مالڪ جي وات ۾ پهچاء.ظاهر آهي ته ديڳ مان مال ڪڍڻ لاء وڏا چمچا استعمال ٿين ٿا،ڍونگي مان پليٽ تائين جو سفر ڪجهه ننڍي چمچي سان طيء ٿئي ٿو جڏهن ته پليٽ کان وات تائين پهچڻ لاء پلاء کي نهايت ئي ننڍڙي چمچي جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.زردي۽ رس ملائيء لاء چمچو اڃا به ننڍو ٿي وڃي ٿو پر سائيز ڪهڙي به هجي چمچي جي ڊيوٽي اها ئي رهي ٿي.تنهن هوندي به منصبي فرضن جي ان بنيادي اهميت جي باوجود تمام ٿورا مالڪ آهن جيڪي پنهنجن چمچن جو قدر ڪندا هجن.ڏسڻ ۾ آيو آهي ته چمچي جي قدر ۽ قيمت مالڪ جي پيٽوپڻ تي دارومدار رکي ٿي يعني مالڪ جيترو پيٽو هوندو چمچي جي اهميت ايتري قدر وڌي ويندي.پر ان سموري اهميت باوجود چمچو جديد دور جي پنهنجي هم منصب لوٽي جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿو رکي. ڪم ۽ زبان جي مزي جي لحاظ کان به چمچي جي پهچ رڳو زبان تائين آهي جڏهن ته لوٽي جي ٽونٽي ان هنڌ تائين ڪم ڪري وڃي ٿي جتي وڏن وڏن جو پتو پاڻي ٿي ويندو آهي.چمچو کاڌي جي رڳو شروعات آهي جڏهن ته لوٽو ان جي انتها آهي ۽ هاضمي جي عمل کان پوء کاڌو جيڪا به شڪل اختيار ڪري ٿو انهيء سان مقابلو صرف لوٽو ئي ڪري سگھي ٿو.ڄڻ ته چمچي ۽ لوٽي جي مقام ۽ منصب ۾ اهو ئي فرق آهي جيڪو ڪنهن تحريڪ جي بنياد وجھندڙ ۽ ختم ڪندڙ جي وچ ۾ هوندو آهي.لوٽو جڏهن به گھري پنهنجي مالڪ جي چمچاگيري به ڪري سگھي ٿو پر ڪنهن چمچي لاء ترت لوٽي ۾ بدلجي وڃڻ ممڪن نه هوندو آهي.لوٽو جيڪر وقتي طور تي چمچي جو ڪردار اختيار به ڪري ٿو ته به لوٽا گيريء جي خطرناڪ هٿيارن کي ڦٽو نٿو ڪري بلڪ وقتي طور تي انهن جي استعمال کان ڪنهن مصلحت هيٺ گريز ڪري ٿو.اڄ جو لوٽو مولانا ظفرعلي خان جي اسي سالا پراڻي لوٽي کان گھڻو خطرناڪ آهي.

    ”لفافي“ جو وجود ته قديم وقت کان آهي پر اسان وٽ ان ڪجهه سال پهرين نواز شريف دور حڪومت ۾ مشهوري ماڻي هئي جڏهن ڪنهن به ناجائز ڪم لاء پئسا وصول ڪرڻ واري کي اهو لقب ملڻ لڳو هو.جيئن ته پئسو عام طور تي خاڪي رنگ واري لفافي ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ان ڪري وصول ڪندڙ پاڻ به ”لفافو“ سڏائڻ لڳو.پر لفافي جي ان سادي تشريح سان گڏ ان جي ڪجهه گهري پهلوء جي طرف به اشارو ڪرڻ ضروري آهي.لفافو هڪ ڍلي ڍالي،خالي خولي ۽ بنان ريڙهه جي هڏيء جي مخلوق آهي جنهن ۾ نئين نڪور ڪرنسي نوٽن جي ٿڦي وڌي وڃي ته ان ۾ آڪڙ پيدا ٿي پوي ٿي ۽ جيستائين لفافي ۾ نوٽ رهندا آهن ان جي آڪڙ به قائم رهندي آهي.نوٽ نڪري وڃڻ بعد لفافو واپس هڪ ڍلي ڍالي،خالي خولي ۽ رکي ڦڪي مخلوق بڻجي ويندو آهي ۽ نوٽن جي نئين کيپ لاء ڦڙڦڙائيندو رهندو آهي.

    دنيا چاهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي پر اسان جو نظام لوٽن،چمچن ۽ لفافن سان هميشه سينگاريل رهي ٿو.بورچيخانن ۽ غسل خانن کان ويندي اقتداري ايوانن تائين انهن جي پهچ هميشه بحال ۽ برقرار رهي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو