گراڻا يا گهراڻا

'مختلف موضوع' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    گراڻا يا گھِراڻا خادم گھراڻو
    گراڻا يا گھراڻا سنڌ جي هڪ قديم ذات ۽ قبيلو آهي هنن کي گراڻا يا گھراڻا سڏيو ويندو آهي هن قبيلي وارن جو شجرو ڪٿان کان شروع ٿئي ٿو ڪنهن سان ملي ٿو اها ڪا خبر نه آهي جنهن جي لاءِ مختلف محققن کي گذارش ڪيئي ويئي آهي . سنڌي لغات ۾ گراڻو جي معنى ڪپڙو اڻندڙ يا ڪوري هن جو جمع گراڻا آهي هن قبيلي وارا جتي به رهيا آهن اتي انهن حڻو ڪري ڪورڪو ڪم ڪيو آهي جنهن ڪري گھڻا هنن کي ڪوري سڏيندا آهن اهو به معلوم ٿيو ته هنن جي رهائش پوري سنڌ ۾ لڪي شاھ صدر ، محراب پور ، ٽنڊو آدم ، ٽنڊوالهيار ، مير پور ساڪرو ، غلام الله ، نصرپور ، مٽياري ، هالا ، ڪڙيو گهنور ۽ ٻين علائقن ۾ آهي هنن جا اڪثر ڳوٺ انهن جاين تي آهن جتان اڳي سنڌو درياءُ جو گذر هوندو هو .جامغ سنڌي لغات ۾ گھراڻو جو مطلب آهي ڪٽنب قبيلو نسل اولاد گھراڻو جو جمع گھراڻا آهي . جيئن ته هي سڀ هڪ ڳوٺ ٻڌي رهندا هئا هن جو تعلق ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت سان هو ان زماني ۾ ڪورين جو وڏو مان مرتبو هوندو هو جنهن سبب هنن کي وڏگھراڻا سڏبو هو جيڪو وقت سان گڏ گھراڻا ٿي ويو . هي اصل سنڌ جا رهواسي آهن سماٽ سڏبا آهن سماٽ جو مطلب سنڌيانا ۾ آهي ته اصلي سنڌي قبيلن کي سماٽ چوندا آهن سماٽ لفظ سنسڪرت جو لفظ سماتر آهي جنهن جو مطلب آهي اصل رهاڪو ڪنهن وقت سنڌ ملڪ جون حدون تمام وسيع هونديون هيون ديري غازي خان ، ملتان ڪڇ ڀڄ ، ڪاٺياواڙ جھونا ڳڙھ سورٺيا ، لسٻيلي ،مڪران تائين پکڙيل هيون .حضرت سنڌ ڪتاب جنهن جو ليکڪ ڄاموٽ جحاجي خان چاچڙ سنڌي آهي جلد پهرين جي باب ڇهين ۾ اولاد حضرت سنڌ قبيلا الف بي وار صفحي 80 تي آهي ته هت مختصر طور تي اهڙن قبيلن ۽ اولاد حضرت سنڌ جي فهرست الف بي وار ڏجي ٿي جيڪي حقيقي اولاد حضرت سنڌ هئڻ جو سلسله نسب رکن ٿا جن ڪنهن جي چوڻ تي اجائي معلومات تي پنهنجو قبيلو ۽ ابا ڏاڏا تبديل ڪين ڪيا آهن جيڪي حضرت سنڌ جي اولاد هجڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو اول تسليم نه ڪيو آهي يا جيڪي غلط معلومات پاڻ کي حضرت عباس رضه ۽ حضرت حمزه رضه ۽ ٻين جو اولاد نٿا سمجھن بلڪ صاف اولاد حضرت سنڌ چوائين ٿا صفحي 88 تي جيڪا گھه الر جي لسٽ ڏني ويئي آهي ان لسٽ ۾ گھراڻه به لکيل آهي .ذاتين قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلو پيڊيا ليکڪ اياز ڀاڳت حصو ٻيون صفحو 1397 تي لکيو آهي ته گراڻو کي گھراڻو به چون اصل ۾ گراڻو آهي جيئن ته هر سنڌي پنهنجي ذات ۽ قبيلي کي ڪوشش ڪري عرب ذات مان هجڻ جي دعوى ڪندو آهي جنهن ڪري مختلف سبب ۽ حيلا ڏيندو آهي جنهن ڪري اڳتي هلي ان ذات وارا پنهنجي اصليت وڃائي ويهن ٿا ايندڙ نسل اصل نسب کان اڻ واقف ٿي وڃي ٿو .تاريخ نصرپور جو ليکڪ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي هن ڪتاجي صفحي 285 ۽ 286 تي لکن ٿا ته نصرپور جي اصلوڪن باشندن ۾ گراڻا گھڻي تعداد ۾ رهندا هئا . گراڻا قوم جا جدا جدا مختلف پاڙا آهن اهي پاڙا مختلف نالن سان سڏجن ٿا هن قوم ۾ پنهنجي وقت جا وڏا عالم مدرس پڻ ٿيا آهن اڳئي وقت ديندار راڄائتا دنيوي ڪاروهنوار ۽ ڏيتي ليتي ۾ به وڏا ايماندار ساک پت وارا هئا .تاريخ نصرپور جي صفحي 285 تي حاشيه ۾ هيٺ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جن لکن ٿا ته ميان محمد يوسف شاڪر ابڙو نصرپوري جو قول آهي ته گراڻا لفظ جو مطلب گوراڙو يعني عربن جي فوج ۾ منجينيق مان گولو هلائڻ وارو . ان نسبت سان ان قوم جي ماڻهن کي گراڻو سڏيو . سيد قادر ڏني شاھ ولد سيد مريد علي شاھ رضوي هڪ جھوني ڪتاب جي راقم ( ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي کي ) کي لکت ڏيکاري جنهن موجب هيءَ قوم اصل ۾ نصرپور شهر جي باني نصر خان مهاڻي جي 700 گھرن واري قوم مان آهي انهيءَ روايت جي حڪيم قاضي ميان محمد بخش ۽ مرزا قربان علي مغل پڻ تصديق ڪئي پهرين هيءُ گھراڻا سڏبا هئا پر وقت گذرندي گراڻا سڏجڻ ۾ آيا .ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا جو ليکڪ اياز ڀاڳت صفحي 1397 تي لکن ٿا ته گراڻو يا گھراڻو جو هرگز مطلب اهو نه آهي ته گوراڙو ۽ گوراڙو جي معنى به اها نه آهي منجنيق مان گولو هلائڻ وارو هي هڪ سنڌي لفظ آهي جنهن جي معنى سنڌي لغات موجب سارين جي ٻج جي موڙهي ۽ تاڪين جھلڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪورين جو هڪ اوزار . ان جو مطلب معنى ۽ مفهوم ناهي گولو يا بارود يا منجنيق هلائيندڙ تنهن ڪري ان راءِ کي يڪسر رد ڪري ڇڏجي ٿو .گراڻو يا گراڻا جي معنى آهي ڪپڙي کي آڏاڻن تي تيار ڪندڙ کي ڪوري يا ڪورڪي ڌنڌي وارو . انهيءَ ڪري ڪپڙي کي آڏاڻن تي تيار ڪندڙ کي گراڻو چئبو آهي جيئن ته مون اڳ لکيو ته گراڻو يا گھراڻو هڪ ئي ذات جو نالو آهي جنهن ثابتي ملي ٿي 989ع ۾ نصير نالي هڪ مهاڻي ان شهر جو بنياد وڌو جنهن جو ڪٽنب مٽ مائٽ ذات وارن جا بعد 700 گھڙ ٿي ويا هڪ شهر بڻجي ويو مهاڻن جي گھڻن گھرجن جي ڪري انهن کي گھراڻو يا گھراڻا سڏيو ويو جيڪي شهر جي باني نصير مهاڻي جا پونئير هئا . پر جڏهن هو ڌنڌن ( ڪورڪي ، هارپو .وغيره) سان لڳي ويا ته ڪرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو