سال 2016 سنڌ سلامت جي مشھور پروجيڪٽ ڪتاب گھر جي شروعات ٿي. جنھن کي رڳو ڏيھ جي سنڌين ئي نہ پر پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌين بہ تمام گھڻو ساراھيو. گڏوگڏ سندن طرفان ڪتاب گھر جي موبائيل ايپ جي خواھش بہ وڌڻ لڳي. سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي زبردست ڊيٽابيس کي ساڳي سھيڙيل انداز سان ويب تان پام ڊيوائيسز تي منتقل ڪرڻ رڳو انتھائي محنت طلب ئي نہ پر گھڻ وقتو ڪم آھي جنھن تي ڪم ھلندڙ آھي. پر دوستن جي چاھ ڏسي سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي مکيہ ليکڪن جي ڪتابن کي ھڪ الڳ ۽ منفرد ايپ ۾ سھيڙي آڻڻ جي شروعات ڪجي ٿي. ان سلسلي ۾ پھرين ايپ محترم الطاف شيخ جي سفرنامن تي مشتمل ڪتابن تي پيش ڪجي ٿي. سرگوشي: ايپليڪيشن اسڪرين شاٽس ايپ جي خوبين ۾ شامل آھن: • امبيڊ ٿيل سنڌي فانٽ SSRead جنھن سان اردو، سنڌي ۽ انگريزي متن کي ھڪ ئي وقت پڙھڻ ۾ آساني • ابتداءِ ۾ 40 کان مٿي ڪتاب (پر صرف 11 ميگا بائيٽ سائيز) • سمورا ڪتاب آف لائين پڙھن جي سھولت • فانٽ سائيز تبديل ڪرڻ جا اختيار • سيٽ ڪيل فانٽ سائيز ايپ طرفان ياد رکڻ جي سھولت • پڙھندڙ ڪتاب کي ياد رکڻ جي سھولت • مواد کي ڪاپي ڪرڻ ۽ پاڻمرادو اقتباس سان شيئر ڪرڻ جي سھولت الطاف شيخ جي ڪتابن تي مشتمل هن شاندار ايپ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ گوگل پلي جي هن لنڪ تي اچو ھن ايپليڪيشن جي تجويز سليمان وساڻ ڏني جيڪا سَٿَ جي سرواڻ رشيد سمون جِي رھنمائيءَ ۾ سنڌسلامت جي ٻن پروگرامرن، عبيد ٿھيم ۽ سجاد علي چنا جِي اڻٿڪ محنتن جو نتيجو آھي، اميد ته سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي ترويج لاءِ هي ڪوشش پڻ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
سنڌ سلامت طرفان پنهنجي هونهار ڊويلپر عبيد ٿهيم جي اڄوڪي سالگراه ڏڻ تي سندس طرفان ئي تيار ڪيل هن شاندار ايپ کي رليز ڪندي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي... دعا آهي ته پاڻ سدا سرهو رهي ۽ پنهنجي زندگي جا سمورا سال ڀرپور طرح ملهائي.. !!