1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

مٺي عيد جون ڦڪيون خوشيون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    589
    ورتل پسنديدگيون:
    619
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”انوري“ فارسيء جو مشهور شاعرهو پر شاعريء سواء سندس قسمت ۾ ڏک ۽ مصيبتون به گھڻيون لکيل هيون.هڪ هنڌ پنهنجن مصيبتن کي بيان ڪندي لکيائين ته آسمان مان جيڪا بلا به لهي ٿي اها زمين تي لهندي ئي انوري جي گھر جو پتو پڇي ٿي.لڳي ٿو ته هن وقت اسان جو پيارو وطن پاڪستان به انوريء جو گھر بڻجي ويو آهي.پر اسان کي به شايد انهن مصيبتن جي وچ ۾ رهڻ جو هنر اچي ويو آهي،روز روز جي آسماني ۽ زميني مصيبتن جي وچ ۾ رهندي ڪجهه ته اهو سليقو اسان کي پاڻهي اچي ويو آهي ته ڪجهه وري اسان جي ٽي وي چينلن به اسان کي سيکاريو آهي.اوهان عيد جي آسپاس جي ڏينهن ۾ ڏٺو هوندو ته اڃا ڏکويلن جي ماتم جو منظر آهي جن جو سهاڳ لٽجي چڪو آهي يا جن جون هنجون ويران ٿي ويون آهن،اهي بي حال نظر اچن ٿيون ۽ اوڙي پاڙي وارا انهن کي دلاسو ڏيئي رهيا آهن پر اوچتو ئي منظر بدلجي ٿو،رپورٽر ڏکويلن کان موڪل ورتي ۽ انهن بازارن ۾ وڃي نڪتو جتي ٻار ۽ وڏا عيد جي خريداري ڪري رهيا آهن،ڇوڪريون واليون خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن،ڳورين ڪرائين تي چڙهندڙ چوڙيون پنهنجي بهار ڏيکاري رهيون آهن ۽ هٿن تي لڳندڙ مهندي پنهنجو رنگ ڏيکاري رهي آهي،ريشمي ڪپڙن جي دوڪانن تي رش،جوتن جي دوڪانن تي هجوم،اجھو هاڻي اسان سوڳوارن سان گڏ غمگين هئاسين ۽ هاڻي ئي اسان رومال سان ڳوڙها اگھيا ۽ هاڻي خوش ۽ خرم مخلوق جي وچ۾ پهچي انهن جي گوڙ شور ۾ شامل ٿي ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين.ٽي وي چينلن جا رپورٽر وڏي جوش خروش سان خريداري ڪندڙ ٻارن،عورتن ۽ نوجوانن کان عيد جي تياريء جي باري ۾ پڇي رهيا آهن.اهي ٽي وي رپورٽر اهو ئي تاثر ڏيئي رهيا آهن ته عيد تي وڏو ميلو متل آهي،خريدارن ۾ جوش ۽ جذبو آهي،بازارن ۽ گھٽين ۾ گهما گهمي آهي پر حقيقت اهاآهي ته غريب طبقي جي هن سال ڪاعيد ناهي.مهنگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو آهي،پگھاردار طبقي جي حالت به قابل رحم آهي،آمدني اها ئي ۽ خرچ وڌي ويا آهن.جيڪي ڀاڄيون پهرين ويهن کان ٽيهه روپيا ڪلو ملنديون هيون اهي اسي کان سو روپيا وڪجي رهيون آهن. گيهه،چانورن ۽ کنڊ جو اگھه ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪو آهي.گوشت ته گوشت پر دالين جا اگھه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.کير،اٽو ۽ مصالحا وغيره به وٺڻ کان چڙهي ويا آهن.پهرين دفتر پهچڻ لاء جتي سو روپين جو پيٽرول موٽر سائيڪل ۾ استعمال ٿيندو هو اتي هاڻي 150 کان 170 روپين جو پيٽرول استعمال ٿئي ٿو.هر شيء کي باهه لڳي ويئي آهي جڏهن ته مزدوريون ۽ پگھارون اهي ئي ساڳيون آهن.اهڙي صورت ۾ مهنگائيء جو سمورو بار غريب ماڻهن تي ئي ڪري رهيو آهي. مهنگائيء جي آيل ان طوفان زندگيء جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو آهي.ننڍو ڪاروباري طبقو هجي يا گھريلو صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهو،روزاني ڏهاڙيء تي مزدوري ڪندڙ طبقو هجي يا پگھاردار ماڻهو.سڀ جا سڀ مهنگائيء جو ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.ملڪ جي معاشي صورتحال هر ايندڙ ڏينهن تي وڌيڪ ابتريء طرف وڌندي محسوس ٿي رهي آهي جنهن سان مهنگائي توڙي بي روزگاريء ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي.ملڪ جي معاشي صورتحال کي ڏسندي چئي سگھجي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اها حالت وڌيڪ لکين ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ اڇلي ڇڏيندي.جيڪر ان بگڙجندڙ معاشي صورتحال کي ترت سنڀالڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي ته اسان هڪ اهڙي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پونداسين جتان نڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو.ان سان نه رڳو بي روزگاريء ۾ اضافو ٿيندو بلڪه امن امان جي صورتحال به خراب ٿيڻ جو خطرو آهي.ظاهر آهي ته جنهن غريب جي گھر جو چلهو نه ٻرندو ان کي پنهن جن معصوم ٻچن جو پيٽ پالڻ لاء هر قسم جي حالتن سان جنگ ڪرڻي پوي ٿي.ان صورت ۾ انسان ته انسان پر ڪو جانور به پنهن جن ٻچن کان بکيو مرڻ ڏسي نٿو سگھي.جنهن جي گھر ٻن وقتن جي ماني ئي ميسر نه هجي ان جي لاء ڪهڙيون عيدون ۽ ڪهڙيون خوشيون! هو ته سرمائيداري نظام ۾ پيسبو ئي رهي ٿو،ان ظالم طبقي سان تعلق رکندڙ حڪمران طبقو انهن غريبن کي ان حال ۾ ڇڏي ئي نٿو جو اهي به پنهنجي زندگيء ۾ خوشي يا عيد جون ڪجهه گھڙيون ملهائي يا گذاري سگھن.ڪو زمانو هو جو عيد خوشين ۽ شادمانين جو ڏينهن هوندو هو،ان ڏينهن ٻار،جوان ۽ وڏي عمر جا مرد توڙي عورتون نوان ڪپڙا پهريندا هئا ۽ مرد عيد گاه طرف روانا ٿيندا هئا.عيد نماز کان فارغ ٿي سمورا ماڻهون پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملي هڪ ٻئي کان پنهنجن ڪمين ، ڪوتاهين،غلطين ۽ زيادتين جي دل سان معافي گھرندا هئا.گھرن ۾ قسمين قسمين کاڌا پچندا هئا.جيڪر ڪو ماڻهو مالي طور تي ڪمزور هوندو هو ته به هو پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري ان ڏينهن تي ڪجهه نه ڪجهه ضرور تيار ڪري ايندڙن ويندڙن جي خدمت چاڪري ڪندو هو يعني عيد نهايت ئي روايتي ۽ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي هئي.هر ماڻهو عيد جي خوشين ۾ پاڻ توڙي پنهن جي ڪٽنب،مٽن، مائٽن ۽ دوستن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپورڪوشش ڪندو هو،ٻار وڏن کان عيدي وصول ڪندا هئا ۽ ان سان گڏ وڏڙن جون ٺير ساريون دعائون به حاصل ڪندا هئا.ڏاڏي امان صبح سوير ڪا نه ڪا مٺي شيء تيار ڪندي هئي،گھر جا ننڍڙا ٻار ڏونگھي ۽ بادام کائڻ لاء ڏاڏي امان جي چوڌاريء گڏ ٿي ويندا هئا.وقت بدليو ته سڀ ڪجهه ئي بدلجي ويو.ملڪ جي خراب معاشي صورتحال سبب غربت،مهنگائي،بي روزگاري ۾ ايتري قدر ته اضافو ٿيو جنهن مٺي عيد جون سڀ خوشيون ئي ڦڪيون ڪري ڇڏيون.اهڙيء طرح هاڻي عيدن جي خوشين ۾ اهو روايتي جوش،ولولو،جذبو، خلوص، محبت ۽ پيار به ڏينهون ڏينهن اڻ لڀ ٿيندو ٿو وڃي.پهرين وارو عيد جو انتظار ۽ ان کي ملهائڻ جو اهو جوش خروش هر هنڌ جھڪو نظر اچي ٿو.بلڪه ايئن ٿو لڳي ڄڻ عيد جي چنڊ کي غربت،مهنگائي ۽ بي روزگاريء جهڙن وڏن مسئلن جو گرهڻ لڳي ويو هجي ۽ روزن بعد سڀ کان گھڻيون خوشيون ڏيندڙ ڏڻ هاڻي واجبي بڻجي رهجي ويو آهي جنهن جي خوشين جي تلاش ۾ ماڻهو پنهنجن حقيقي عزيزن ۽ قريبن کان پري ٿيندا ٿا وڃن.اسان کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ عيد جا رنگ ئي نرالا هوندا هئا،صبح سوير نماز عيد کان پوء مٽن مائٽن جو هڪ ٻئي جي گھرن جو چڪر لڳائڻ، تحفا ۽ سوکڙيون ڏيڻ،پنهن جي هم عمر دوستن ۽ مائٽن کي عيد جي خوشين سان منسوب شعر لکي دعائن سان خوبصورت عيد ڪارڊ موڪلڻ زندگيء جون بس ڪي سهڻيون يادون بڻجي ڪري رهجي وييون آهن.انهن مان گھڻو ڪجهه وقت گذرڻ سان گڏ مهنگائيء جي نذر ٿي چڪو آهي.اهو ئي سبب آهي جو غريب ماڻهو عيد جي ڏينهن به پنهنجي گھر جو چلهو ٻارڻ لاء جاکوڙ ڪندي نظر اچن ٿا.ملڪ تي ٿاڦيل سرمائيداراڻو ذهن رکندڙ نااهل حڪمرانن طرفان جڙندڙ عوام دشمن معاشي پاليسين عوام جو ڪچوبر ڪڍي ڇڏيو آهي.انهن جاهل حڪمرانن پنهنجن مفادن خاطر قوم کي آئي ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو،جيڪر باقي ڪا ڪسر رهيل هئي ته اها هاڻوڪن حڪمرانن پوري ڪري ورتي آهي يعني رڳو نون مهينن ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان گھڻو قرض وٺي اهڙو ته ڪمال ڪيو آهي جنهن سان نه رڳو ملڪي معيشت تباهيء جي ڪناري پهچي ويئي ۽ ڊالر جي اڏام آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي پر پوري خطي ۾ روپئي جي قيمت خاڪ بڻجي رهجي ويئي.هن حڪومت جي انهن پاليسين جي سڌاري جي ته ڪا اميد نظر نٿي اچي پر مالي طور تي پهچ رکندڙ خدا ترس ماڻهو جيڪر ڪجهه حصو پنهنجي طرفان ملائين ته غريبن جي عيد ۾ به خوشين جا ڪجهه رنگ ڀري سگھجن ٿا.
    https://sindhsujag.blogspot.com/p/img.html
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو