منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين،

'ٻول' فورم ۾ ساجد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2019۔

  1. ساجد سنڌي

    ساجد سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2018
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو
    ٻرندڙ بر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    اڪ اڃارا، ٻوهه اڃارا، مرگهه اڃارا نيڻ
    ڳوڙهن ڳوڙهه اسان جون ڳالهيون سڏ اوسارا نيڻ
    هونئن ته لڙڪ لکئي جا ليکا پر متوارا نيڻ
    ڇپر ڇمر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    ڪرڪي ڪونج ته ڄڻ ته ڪريي ۾ ڪو ڪانءُ کتو
    تاڙي جيئن تنواريو ڇرڪيو ڪوئي سور ستو
    ڪڻڇي ڪنٺ ۾ پلٽي پيو آ دل جو درد ڌتو
    هاڻ زهر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    رڻ ۾ روهيڙي جيئن ڪوئي رت هاري ويراڳي
    تو کي تَنهن جي ڪل ئي ڪهڙي، او وينگس! وڏ ڀاڳي
    نکٽ نکٽ کي مون آ نهاريو، جوڳيسر جيئن جاڳي
    پوئين پهر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    هونئن ته ڏک ڏڪار به آهي، پوءِ به پسي جا ٻيڙا
    تو کي ڪرڙ ڪڪوريا آڇين هيل ته آءُ پهيڙا
    گج جا ٽونئر گسن ۾ پٿريان، پٿريان چنريءَ ريڙا
    صبر ستر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    ساٺيڪي تي هيل سنجيندي منهنجيون اکڙيون ڀربيون
    آواڙي جي اوٽ ۾ ويهي، تو سان ڳالهيون ڳرهبيون
    ويساکيءَ جي واريءَ ڀرجي، منهنجيون ديدون ڌربيون
    سوچ سڄر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    ڏهريءَ ۾ ٽانڪار نه ٽهڪي، ڪونڀٽ لاسون ڪاريون
    توکي اڪنڊي ڀورا بادل! ڄاڻ ته رنيون ڄاريون
    گھانگھيٽي ۾ گل نه اڇائين، موراڙيون ماٺاريون
    ڏک ڏڪر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    مهريءَ تي مولهئي سان سوچي هڪڙو ڏجھندڙ ڏوٿي
    ڪونج ڳچي جي هنسلي وڪڻي گھر جي ٻاريم جوتي
    پٽڙي کي پيزار نه پيرين، ڌيءَ وٽ ناهي پوتي
    سانگ سمر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو