1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

واسديو موهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,759
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شخصيت - واسديو موهي

    ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

    وڏن جي ڪا به چوڻي اڃا تائين ڪڏهن غلط ثابت ڪونه ٿي آهي. ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٿيندي. پوء اُها چوڻي سنڌي جي هجي يا هندي مراٺي ۽ انگريزيء جي ڇو نه هجي. چوندا آهن وقت گهڙا گهاءُ ڀريندو آهي 70 سالن کان پوء به ورهاڱي جو زخم ڇو نه ڀرجي سگهيو آهي. وڏن جي ڪابه چوڻي ته بلڪل غلط نه ٿي ٿئي سگهي پر ورهاڱو ڪو زخم نه آهي. جيڪو وقت سان ڀرجي وڃي، زخم هجي ها ڀرجي بي پوي ها.
    مان ڀانيان ٿي، ورهاڱو هڪ اُهو وڏي وڏ وارو ماٽيلو ٻار آهي، جيڪو راڄنيتي ۽ ڀيد ڀاو جي آڌار تي سنڌي قوم کي پالڻ لاء ڏنو ويو. سنڌين سان وڏو ظلم ٿيو. هڪ ته وڏ وارو، ماٽيلو ٻار، سنڌي قوم کي سنڀالڻ لاء ڏنو ويو. مٿان وري جن سنڌي مسلم ذاتيء سان اسين ساز سلوڪت سان رهندا هئاسين. انهن ڀائرن کي اسان کان ڌار ڪيو ويو. جن سان اسانجا ڀائپيء جا ناتا هئا ۽ آهن.
    سکي ستابي سنڌي قوم مجبورن پنهنجن سنڌي مسلم ڀائرن کان وڇڙجندي، پنهنجا اباڻا اڏا ڇڏي، سنڌ مان اُهو ٻار(ورهاڱو) مجبورن گود ۾ کڻين، هندستان طرف رخ ڪيو.
    ۽ هندستان ۾ ورهاڱي روپي اُهو ٻار جئن جئن وڏو ٿيندو ويو، تئين تئين امڙ بابا يعني سموري سنڌي قوم جا ڪشٽ ڪشالا وڌندا ويا. اها سنڌي قوم جي وڏي ۾ وڏي بدنصيبي چئجي جو ورهاڱو اهو لڳاتار پيڙا ڏيندڙ ٻار ئي ٿابت ٿيو آهي.
    لغت ۾ وڌ ۾ وڌ ورهاڱو لفظ ئي هڪ اهڙو لفظ آهي. جيڪو سموري سنڌي قوم کي پيڙا ڏيندو آهي. ورهاڱي جي ڪاري باب سنڌين کي دربدر ڪيو. حالانڪ اسين شرنارٿي، پرشارٿي ۽ هاڻي پرمارٿي جي درجي تي پهتل آهيون
    پر ڇا صحيح ۾ اڄ به اسين اُهو درجو پائي سگهيا
    آهيون....... ?
    پنهنجا سمورا حق وٺي سگهيا آهيون...... ?

    حالانڪ هندستان ۾ اڄ سنڌي قوم تمام سکي ستابي آهي. پر ڀلا اباڻي وطن جي وڇوڙي جو درد، ڪير ڀلائي سگهندو. ستر سالن کان پوء به ورهاڱي جا نشان اهڙا پختا آهن، جو ورهاڱي سموري سنڌي ذاتيء کي سموري زندگي تمام ڀوڳايو. جنهن جا چتا عڪس اڄ به ڪيترن عام سنڌين ۽ ساهتڪار جي جيون ۾ چٽا ملندا.
    سنڌي قوم جي عظيم شخصيت ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار مضمون نگار تنقيد نگار، بنيادي طور غزلگو شاعرواسديو موهي جي جيون جي جهلڪين ۾ به اهڙا عڪس چٽا پسڻ لاء ملن ٿا.
    واسديو موهي جا وڏا سنڌ ۾ ميرپور خاص ۽ تمام سکي ستابا هئا. جتي موهيء جو جنم 2 مارچ 1944 ۾ شري وينسيمل سڌناڻي جي گهر ۾ ٿيو. موهي اڃا ٽن سالن جو مس هو ته ورهاڱي ٿيو.
    ورهاڱي سبب سندس وڏا هٿين خالي اچي جوڌپور ۾ رهيا. جتي هي رهيا، اُتي نانگ ۽ وڇون جو واسو هو. موهي جي سموري ڪٽنب کي وڇون ۽ نانگن جي وچ ۾ رهڻو پيو. وڇون ته ٻالڪ موهي کي به نه ڇڏيو. گهر جي سمورن ڀاتين کي روز وڇون سان مقابلو ڪرڻو پوندو هو. هوڏانهن مالي حالت تمام ڪمزور مٿان وڇون هنن کي پريشان ڪيو. پر وري به حالتن کي منهن ڏيندي دم گذر ڪندا رهيا.
    واسديو موهيء جي اسڪول ۾ داخلا ٿي. اُن وقت اُتي ڪو سنڌي اسڪول نه هو. گهر جو ماحول سنڌي هجڻ جي باوجود موهي کي هندي اسڪول ۾ دخلا وٺڻي پيئي. حالانڪ هندي هن لاء ڌاري ٻولي هئي. جنهن ڪري هن ٻالڪ جي ذهن تي ايترو اُڀري ته نه سگهي پر ڪجه ڪجه سمجهڻ جي هن ڪوشش ضرور ڪئي.
    سندس پتا ڌنڌي جي خيال کان 1950 جي آسپاس موهيء کي ساڻ ڪري احمدآباد اچي وسيو. مالي حالت تمام بري هئڻ سبب کين سائيڪلن جي دوڪان تي رهڻو پيو. جنهن دوڪان جو ماحول مسافر خاني جيان هو. هتي به وري ساڳئي ڪار هئي نه سنڌي اسڪول نه ئي وري ڪو هندي اسڪول موهي کي گجراتي اسڪول ۾ داخلا ملي. نئين ماحول ۾ نئون اسڪول هڪ ٻار جي سامهون وڏو مسئلو هو. جيڪو مسئلو موهي خود ئي حل ڪندي گجراتي به سمجهڻ لڳو.
    واسديو موهي جو باقي سمورو ڪٽنب سال اندر ئي احمدآباد اچي ويا. سندس چاچا چاچيون، سوٽ، ٻه ڀائر ڪشن ۽ پرشوتم هڪ ڀيڻ هيرو هڪ چال ۾ سڀ گڏجي رهيا. پاسي ۾ ارجن تنواڻي رهندو هو جيڪو اُن وقت اڃا "حاسد" جي نالي سان مشهور نه هو. اُن چال ۾ رهندي واسديو موهي ساهتيه سرجن ڪرڻ جي شروعات "ڀنڊاري" ڪهاڻيء سان شروع ڪئي ۽ پوء ڪبيرنگر جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هڪ سنڌي اسڪول هو. جتي موهيء کي داخلا ملي. حالانڪ سندس هندي ۽ گجراتي پڙهائي اُن وقت ته بيڪار وئي پر جنهن ته تعليم ڪابه بيڪار نه ويندي اڳتي هلي ان جو فائدو ضرور ملندو ئي آهي.
    حالانڪ واسديو موهيء کي واپس پهرين درجي ۾ داخلا وٺڻي پيئي پر موهيء صحيح معنا ۾ اسڪولي پڙهائي جو لطف ماڻيو. پر وري هن ٻار لاء نئون مسئلو پئدا ٿيو اُتي سنڌي اسڪول فقط چوٿين درجي تائين هو. جنهن ڪري موهيء کي مجبورن وري گجراتي اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پيئي
    واسديو موهي پڙهڻ ۾ تمام تيز فهم هو. پر هن ٻال هرديه سان شروع کان وڏي ٽريجدي ٿيندي آئي ۽ گجراتيء جي پنجين درجي ۾ فيل ٿي پيو. جنهن ڪري کيس پڙهائي تان هٿ ڌوئڻا پيا ۽ کيس سائيڪل جي دوڪان سنڀالڻو پيو جتي هن سائيڪل کولي وري فٽ ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ اُن وقت پانچوڪوئا ۾ لئبرري هلندي هئي واندڪائي وقت موهي اُتان ڪتاب وٺي پڙهندو هو ۽ سندس بابا گهر ۾ ئي انگريزي سيکاري ائين وري انگريزي اسڪول ته نه چئجي پر ڪلاسز ۾ کيس پڙهڻو پيو ته گڏوگڏ واردا پاران هن هندي جا امتحان پرويش، پريچيه به پاس ڪيا. ائين ڪلاسز ۾ هن پڙهائي جاري رکي.
    ڪجھه نيڪ ماڻهو جي سفارش سان نائين درجي ۾ کيس آدرش هاء اسڪول ۾ باقائدي داخلا ملي. جتي مينگهراج جارواڻي جهڙو قابل ماستر اسڪول کانپوء کيس ٽيوشن ڏيندو هو.
    پر اها واسديو موهيء جي بدقسمتي هئي جو ايترو ذهين شاگرد هوندي، جيڪو ٻار پهرين درجي کان پڙهائي جي مسئلن کي حل ڪندو آيو اسڪولي نيمن انوسار هن کي ماڳوئي نائين درجي مان ستين درجي ۾ داخلا ملي. حالانڪ ٻه ڏاڪا هيٺ ڪريو پر هن همٿ نه هاري وري چاه سان پڙهڻ شروع ڪيائين. پڙهائي ۾ ته هي ننڍپن کان ئي تيز هو جنهن ڪري ماسترن جو لاڏلو بڻيو. اسڪول ۾ پڙهندي، جانڪي نالي ڇوڪريء سان هن جي دوستي ٿي. جيڪا هن جي گهر جي ڀر ۾ رهندي هئي ۽ ارجن حاسد جي ڀاڻيجي هئي. ارجن حاسد سنڌي شاعريء جي کيتر جو تمام اوچ مقام جي شاعر کان موهي شاعريء جو فن سکيو .
    واسديو موهي ۽ جانڪي جي دوستي پيار ۾ بدلجي ويئي. ٻئي سڀني جي نظرن کان بچندي پاڻ ۾ گهمندا هئا.
    شاعرن جي سٿ ۾ موهي جو نالو 1962 ۾ شمار ٿيو. ڪهاڻيء جي ميدان ۾ هن 1980 ۾ قدم رکندي، پهرين ڪهاڻي "ڪارڻ" لکي ۽ انهن وچ جي سالن ۾ موهي جو قلم شاعري ۾ زور شور سان هلندو ئي رهيو آهي. هڪ دفعو وري هن ڪهاڻيء لاء قلم کنيو جو اڄ ڏينهن تائين سندس قلم شاعريء چاهي ڪهاڻيء ۾ گنڀيرتا ۽ سنجديه سان هلندو رهي ٿو.
    1963ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سٺين مارڪن جي ڪري کيس سينٽ زيويئرس ڪاليج ۾ سائنس جي داخلا ملي. پر وري بدقسمتيء سندس ساٿ نه ڇڏيو. مالي حالت ۾ ڪو به سڌار نه هئڻ سبب ٻئي ٽرم جي في ڪونه ڀري سگهيو. معصوم ٻار جي پڙهائي ننڍپڻ کان قسطن ۾ ٿيندي آهي. پر موهي جي همٿ ۽ حوصلو ڪڏهن به ڪونه گهٽيا.
    وري به سندس پريم جي پيچ جو نصيب زور هو. جو 1964 ۾ هن جي شادي جانڪيء سان ٿي. شاديء کانپوء وري هن پڙهائي جي پٽڙي کئين ۽ مالي حالتن کي مونهن ڏيندي اندور مان انٽر جو امتحان ڏنو ۽ 1965 ۾ هن کي هڪ اسڪول ۾ ماستري ملي. پر سال اندر ئي کيس ايل آء سي ۾ نوڪري ملي. جتي پوء پريم پرڪاش به هن سان گڏ نوڪري ڪندو هو.
    واسديو موهي جا سوٽ دبئيء ۾ وسيل هئا. موهي بہ دبئيء جي انڊين اسڪول ۾ هڪ دفعو وري ماستريء جي نوڪري ڪئي جڏهن ته سندس ٻئي ڀائر پرشوتم، ڪشن، سندس زال جانڪي ۽ ٻار به ساڻ هئا. ته گڏوگڏ ادبي دوستن جو به ساٿ رهيو موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش، موهن گيهاڻي، گوپ ڪمل، گورڌن شرما، شريڪانت صدف. پر دبئي ۾ به سندس پويان ڏينهن پيڙادائڪ رهيا. جو سندس زال ۽ ڌيء نيتو ۽ پٽ سنيل احمدآباد اچي رهيا. ڀارت ۾ اچي سنيل بيمار ٿي پيو. پهرين گهروارن موهي کي هن خبر کان بي خبر رکيو پر پوء کيس ٻڌايو ويو. جنهن ڪري موهي دبئي مان احمدآباد آيو.
    2003 جوان پٽ سنيل جو وڇوڙو ڏٺائين موهي اکين سان پٽ کي هڪ هڪ ساه ڇڏيندي ڏٺو. هڪ پيءُ کي، پٽ جو لاش، کڻڻو پوي اهڙي بدنصيبي جي دور مان موهي کي گذرڻو پيو ٻال اوسٿا کان هن جي مٿان بدنصيبي جو سايو پيڙهيء ۾ به موهي جي پٺيان ئي لڳو رهيو.
    وڇوڙا ڏاڍا ڏک ڏيندا اهن. پوء ڪهڙو به رشتي جو وڇوڙو هجي ۽ خاص پيءُ کي پٽ جو لاش جڏهن پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو پوي ته اهو انسان ته جيئري ئي ڄڻ ختم ٿي ويندو. پر آخر زندگيء کي مونهن ڏين لاء پُٽ کي ڪفن ۾ ويڙهيندي، ڳوڙھا اُگهندي، اکين جي ڇپرن تي بند ٻڌندي، مونهن تي مرڪ آڻيندي، اندر بلڪل ٽٽل هوندي به هو واپس زندگيء جي گاڏيء کي وري پٽڙيءَ تي اڻڻ لاء زندگي جي باقي راه ڏسڻ لاء انهن ئي بد قسمت اکڙين جو سهارو وٺندي، باقي گاڏيء کي ڌڪڻ لاء اُنهن بدنصيب ڪلهن کي آڌار بڻايو، جيڪي ڪلها پُٽ جو لاش کڻڻ وقت ئي ٽٽي چڪا هئا.
    واسديو موهي پُٽ جي انتم سنسڪار کان پوءِ سڄي ڪٽنب سميت دبئي ويو. سندس بدقسمتي اُتي اول ئي دبئي جي در تي کپ کوڙي ويٺي هئي. ٻئين ڏينهن هن جو ڀاءُ ڪشن به هي سنساري سفر تياڳيو.
    پٽ ۽ ڀاءُ جو وڇوڙو جوڌپور جي وڇون کان وڌ زهريلا جنت هئا. جيڪي موهي جي دل کي چيري، ذهن تي ويهي ٽپا ڏيڻ لڳا. ۽ موهي کي وقت به وقت نوجوان پُٽ ۽ ڀاءُ جي ياد ڏيارڻ لڳا.
    2004 ۾ موهي دبئي ڇڏي ڪٽنب سميت احمدآباد آيو. موهي جي همٿ ۽ حوصلي کي داد آهي. موهي ڪڏهن ڪنهن سان دانهن نه ڪئي. صاف سٿرو اڇو رنگ جهڙو کلندڙ مکڙي ۾ سڀ ڀڀلجي ويا ته موهي خوشنصيب آهي وقتي ڪن ساهتڪارن هن جي شخصيت تي نظر به هئين پر گهڻن کي ڪهڙي خبر ......
    اهڙي شخصيت جي مسڪرائيندڙ مکڙي جو راز سندس جيون ڪهاڻي ۾ زوردار وڄ سان برسات وسي آهي جنهنکي نه گهر نه ئي ڪائي ڇٽر چايا ..........
    اُن برسات ۾ موهي پنهنجا ڳوڙھا لڪائڻ ۾ ڪامياب ويو.
    واسديو موهيء جي زندگيء تي جيڪڏهن سرسري نظر وجهجي ته هن جي مول دکن جو ڪارڻ ورهاڱو ئي آهي نه ته هن جا وڏا سنڌ ۾ تمام سکيا ستابا هئا. وري هڪ دفعو مونکي اهو ورهاڱي جو وڏ کاڌل ماٽيلو ٻار منهنجي ذهن تي ڦيرا پائيندي سنڌ جي ڀينرن ڀائرن جي ياد تازي ڪرائي ٿو. ان ورهاڱي روپي ٻار کي وري به شابس آهي جو سنڌ ۽ سنڌي ڀينرن ڀائرن جي ياد وقت به وقت اسانجي ذهن تي تازي ڪرائي ٿو وٺي.
    2004 کانپوء واسديو موهي وري هڪ دفعو پريم پرڪاش جي سمپرڪ ۾ آيو ۽ مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جو واڳون بخوبي نڀائيندي، سنڌي ساهتيه جي وڪاس لاء يوگدان ڏيندي، ساهتيه سرجن پڻ جاري رکيائين. حالانڪ هن کي ويجهڙائيءَ ۾ دل جي بيماري ٿي پر وري هن دل تي اها ننڍپڻ واري ساڳئي همٿ ۽ حوصلي جي مرھم لڳائي، وري هڪ دفعو تيز رفتار سان نه فقط سنڌي ٻولي، سنڌيت پر هندي انگريزي جو پڻ ساهتيه جي وڪاس ۾ اڻ ڳڻيو ۽ انمول يوگدان ڪندو رهيو ۽ آهي.

    ٿوري نظر سندس ساهتڪ پهلو تي:
    واسديو موهي ورهاڱي وقت ٽن سالن جو هو پوء به هن جي ڪوتا چاهي سندس ڪجه ڪجه ڪهاڻين ۾ بره جو درد سمايل آهي، جنهن جي جهلڪ ڪيترين ئي ڪوتائن ۾ ملندي. جنهن مان هڪ ڪوتا جو مثال هت پيش ڪريان ٿي.

    تون هتان هڪ دري کول، مان ڀت ڀڃان
    ختم ائن قوم ساريء جو بنواس ڪر

    ۽ واسديو موهيء جي هيءَ ڪوتا سڀني ساهتڪارن کي تمام گھڻي وڻندي آھي:

    ٻوليء کي.......
    ٻوليون مونکي وڻنديون آهن
    پر ٽن کي پيار ڪندو آهيان
    انگريزيء کي
    مونکي روزي ڏيندي آهي
    هنديء کي
    مونکي ديش سان جوڙيندي آهي
    سنڌيء کي
    مونکي سپنا ڏيندي آهي

    سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”چيڪ بوڪ“ ۽ ”ڏيڍ ڳنڍ“ شايع ٿيل آهن. "چيڪ بوڪ" ڪهاڻي سنگره ۾ موهي اڻڳڻي رقم اوتي ڇڏي آهي. جو هن ڏهاڪي ۾ هندستان ۾ هنن ڪهاڻين جي انمول رقم آهي. جا سنڌي ساهتيه جي ڪهاڻي شاخ کي مالامال ڪري ٿي. جنهن ڪتاب ۾ جملي 13 ڪهاڻيون شماريل آهن. ھن ڪهاڻين ۾ موضوعن جي نواڻ آهي ۽ ڪهاڻيون لکڻ ۾ ليکڪ خاص مهارت حاصل ڪئي آهي.
    ڪتاب "ڏيڍ ڳنڍ " ۾ 11 سماجڪ گنڀير مسئلا آهن جن کي ليکڪ سهڻين ڪهاڻين دواران اڇي رومال ۾ اڇو صاف سٿري مال سان ڀرپور اوت پروت ٿيل آهن. ڪهاڻين ۾ بلڪل موضوع ۽ ماحول جي نواڻ جا چٽا عڪس پسڻ لاء مليا. واسديو موهي جون يارهن ئي ڪهاڻيون لاجواب ۽ بي مثال آهن.
    حالانڪ واسديو موهي جي ڪهاڻين جا مجموعا چيڪ بوڪ ۽ ڏيڍ ڳنڍ ڪهاڻين جو ماحول پنهنجائپ جون يادون پيو کڻي هلن جڏهن تہ ڪجه ڪٿي ڌاريائپ جو احساس پيو ڏيارائين خاص "ندي" ۽ هڪ ٻہ ٻئي ڪهاڻيء ۾ پر پوء جڏهن هن جي شخصيت جا پهلو مون محسوس ڪيا ته جنهن ساهتڪار جي سموري زندگي هڪ تلوار جي ڌار، ڪڏهن هندي، ڪڏهن گجراتي، ڪڏهن انگريزي ته ڪڏهن سنڌيء ڀن ڀن ٻولين جو جامو پائي نچندي هجي..........
    پر آنءُ هت ان تلوار جي ڌار جي آڌارت بلڪل نه، پر ساهتيه جي آڌار تي جيڪو ڄاڻيو، سمجهيو ۽ محسوس ڪيو اهي سو هت پيش ڪريان ٿي.
    آخر ۾ آنءُ ايترو چوندس هندستان جي حوالي سان واسديو موهي جون ڪهاڻيون سنڌي ساهتيه جڳت ۾ خاص ۽ هن ڏهاڪي ۾ تمام مٿاهين درجي جون اول درجو والارين ٿيون .
    مالڪ ڪندو واسديو موهي وڏي اورجا ۽ صحتمند جيون ماڻيندو.

    واسديو موهي کي مليل عهدا مان ۽ سنمان

    * ساهتيه اڪاڊمي اوارڊ 1999(ڪتاب - برف جو ٺهيل)
    * ڪشنچند بيوس اوارڊ 1995 گجرات (ساهتيه اڪاڊمي ڪتاب – مڻڪو)
    * نارائڻ شيام اوارڊ 1995 بيست ممبئي (ڪتاب - برف جو ٺهيل)
    * گجرات ساهتيه اڪاڊمي 2010 ترجمو تي انعام (ڪتاب- انترال)
    *اين سي پي ايس ايل ساهتيڪار سنمان 2010 (لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ)
    * پريه درشني اڪاڊمي لٽرري اوارڊ 2011
    * سنڌي اڪاڊمي دهلي
    لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ . 2011
    *. گنگاڌر ميهر نئشنل فار پوئٽري 2012
    *. آکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان
    اي جي اُتم ۽ سندري اُتمچنداڻي
    لائيف ٽائيم اچيومينٽ انعام 2015
    *. گجرات گؤروَ پُرسڪار 2017

    غزل سي ڊي / ڪئسيٽ
    *.سنگيت ۽ ڳايل پون ڪمار 2003
    *. سنگيت ۽ ڳايل گهنشيام واسواڻي 2004

    شخص ۽ فن پرچو

    *. ڪونج واسديو موهي پرچو اڪٽوبر 2006
    *. باقي واسديو موهي 2007

    شخص ۽ فن تي ڊاڪيومينٽري
    *. اين سي پي ايس ايل جي سهڪار سان
    سنڌي سنگت ممبئي 2015

    وديش ياترا
    *.چين ياترا ۾ تيلگو، ڪنڙ ، بنگالي ، گجراتي وغيره ليکڪن جي ڊيليگيشن جي اڳواني 2010
    *. يو اي اي ، سينگاپور ، مليشيا ، ٿائلنڊ ، ڪوئيٽ، سنڌ ، پاڪستان وغيره ۾ شخصي توڙي پيشيورانه مسافريون

    واسديو موهيء جي ساهتڪ پونجي


    *** شاعري جا مجموعا
    * .تضاد 1976
    *.صبوح ڪٿي آهي 1983
    *.مڻڪو 1992
    *.مڻڪو (گجراتي ۾ ) 1997 ترجمو جينت ريلواڻي
    *.مڻڪو (هندي ۾) 2001ترجمو ڀنور سنگه پنوار
    *.برف جو ٺهيل 1996
    *.برف جو ٺهيل( انگريزيء ۾)- Made of Ice
    ... ترجمو: ونود آسوداڻي ۽ رام درياڻي
    *. چهنب ۾ ڪکُ 2001
    *. ريل جي پٽڙي ميري 2009

    ***ڪهانين جا مجموعا
    *. چيڪ بوڪ 2012
    *. ڏيڍ ڳنڍ 2016

    چيڪ بوڪ هنديء ۾( پريس ۾ ) ترجمو ڀڳوان اٽلاڻي

    انگريزيء ۾ ترجما ونود آسوداڻي

    ***مقالا ۽ اڀياس

    *.ڳاله شاعريء جي 2007
    *.ورهاڱي کانپوء سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ 2008

    *** ترجما
    *. سُتل آتما، سجاڳ سرير 1968
    جپاني ناول The Key
    ليکڪ: جنيچيرو تانيزاڪي
    *. نامڪل (انگريزي مان سنڌي ) رام لنگم پلئه
    - ساهتيه اڪاڊمي مونوگراف 1996

    *. آنترال (انگريزي مان سنڌي) 2006

    Sahitya Academi's End Century Meditions

    *. جديد هندي ڪوتا سنگره 1950- 2010

    आधुनिकभारतीयकविता- हिंदी (१९५०-२०१०)

    هندي ڪوتائن جو سنڌيء ۾ ترجمو (پريس ۾)

    ***سمپادن

    *. وجود جو کنڊهر ڪوتائون - 1976
    *. جديد سنڌي شاعريء جو انتخاب 1950- 2010- (2011) اُنجو ترجمو
    आधुनिकभारतीयकवितासंचयन- सिंधी (२०१२)

    اُنجو انگريزي ترجمو( پريس ۾)

    *. آزاديء کانپوء غير افسانوي سنڌي ادب 2013
    *. ورهاڱي کانپوء سنڌي غزل جي چونڊ تنقيد 2014
    पश्चिमीक्षेत्रकहानीसंचय (२०१५)
    पश्चिमीक्षेत्रकवितासंचय (२०१५

    *. سرحد جي جي ارپار 2016 هند سنڌ جي شاعري

    भारतीयसाहित्यमेंगांधीजी- सिंधी (प्रेसमें)

    *. گجرات سنڌي ڪوتا سنگره (پريس ۾)

    विभाजनोत्तरसिंधीसाहित्यकाइतिहास (प्रेसमें)

    सिंधीगजलसंचयन (प्रेसमे)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو