سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار نسيم کرل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل جي ورسي جي مناسبت سان [​IMG]

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    پنهنجي ڌرتي جي خيرپور رياست واري علائقي کي رب سائين سمورين خوبين سان مالامال بڻايو آهي هن زمين جي ٽڪري اهڙين ته عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ، جيڪي پنهنجي فن ۽ ڪردار وسيلي اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا اهڙي ڪردار جي مالڪ نسيم کرل جو نانءُ به سنڌ ادب منجهه هڪ وڏي حيثيت جو حامل پڻ آهي پاڻ اڳ کان 41 سال اڳ اڄوڪي تاريخ 14 جون گرمي جي منڌ سال 1978ع جي اربع واري ڏينهن پنهنجي ادبي ۽ هي رنگا به رنگي دنيا کي خير آباد چئي پنهنجو وسندڙ ويهڙو ڇڏي بربيابان ۾ ڌرتي ماءَ جي هنجهه منجهه وڃي ابدي آرامي ٿيو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوئي وريو ئي ناهي سندس عمر ايڏي وڏي به نه هئي هن سماج جي بي رحمي سندس کي جيئڻ لاءِ 38 سال 11 مهينا 16 ڏينهن پنهنجي زندگي جا حسين لمحا گذاري شهادت جو جام نوش ڪري سنڌي ادب جي جهول ڀري هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو، مڱر ڪيل ادبي ڪم اڄ به نوجوان نسل لاءِ هڪ سبق ۽ مشعل راهه بڻيل آهي، سندس ادبي ڪم منجهان ڪهاڻي واري صنف ايتري ته شهرت عطا ڪئي جو پاڻ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو يگاڻو ڪهاڻيڪار ،عظيم ڪهاڻيڪار ، ٻولي جو بي تاج بادشاهه ڪهاڻيڪار ، سنڌ جو چيخوف ڪهاڻيڪار ، وڏيرو ڪهاڻيڪار جهڙن لقبن سان هيترو وقت گذري وڃڻ باوجو اڄ به ياد ڪيو ٿو وڃي ،سندس جي ڪهاڻين جي مجموعن منجهه شبنم شبنم ، ڪنول ڪنول، چوٽيهون در، اکيون آرسيون ۽ ڊمي ڪمال جو ن ڪهاڻيون جا ڪتاب اڄ به سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪيون بيٺا آهن نسيم کرل صاحب پنهنجي ڪهاڻين جي لکڻ محل پنهنجي ٻولي جو نهايت بهترين استعمال ڪري سهنجا لفظ استعمال ڪري سنڌي سماج جي بهترين عڪاسي پڻ ڪئي آهي سندس جي ڪهاڻين بهترين خوبي اها به آهي ته پاڻ سنڌي زبان جا پهاڪا ، محاورا لفظ ٺيٺ سنڌي ڪتب آندا اٿس هن سماج جي چٽي طرح لفظن ۾ عڪاسي ڪري هر ريت رسم کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، نسيم کرل صاحب سنڌي سماج منجهه جتي به گندگي ، برائي ڏٺائين ان کي وڻندڙ لفظن جو روپ ڏئي پڌري پٽ ڪري پيش ڪري سماج اڳيان ظاهر ڪيائين سندس جي ڪهاڻين مان گهڻو تڻو ڳوٺاڻو ماحول کي نظر اچي ٿو پاڻ ڳوڻاڻو ماحول پيش ڪيو آهي پاڻ چورن جي ٻولي ، ٽانگي واري جي ٻولي ،پوليس واران جو انداز ڪچهري اهڙي ته بهترين نموني ساناستعمال ڪئي آهي جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو ڄڻ نسيم کرل پاڻ انهي واقعي يا قصي جو حصو آهي سندس ڪهاڻيڻ منجهان پهرين مراد ، کڙندا کٽڻهار ، ڪافر جي ڇا ڳالهه ڪجي سنڌ جو هي يگانو ڪهاڻيڪار خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کرل جي مشهور زميندار حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر منجهه 29 جون خميس ڏينهن سال 1939ع ڌاري جنم ورتو پڙهيل لکيل گهراڻي جو هي ٻار لا_ڪوڏين سان نپيو ۽ پڙهائي واري عمر کي رسيو ته والد صاحب پنهنجي ئي ڳوٺ منجهه قائم ٿيل پرائمري اسڪول منجهه ويهاريو جتان هن ٻار پنج درجا سال 1948ع ڌاري پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سندس کي خيرپور جي ناز پائلٽ اسڪول ۽ هاءِ اسڪول خيرپور منجهان مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪيو تنهن بعد هو سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جو رخ ڪري اتان گريجوئيشن جي سند حاصل ڪري ورتي نسيم کرل صاحب قانون جي اعلي ڊگري ايل ايل بي به پڻ ڪري ورتي هئي پاڻ پڙهائي واري زماني کان وٺي ڪهاڻي لکڻ واري شگف سان سرشار نظر اچي ٿو مطالعي ڪرڻ بعد معلو ٿئي ٿو ته نسيم کرل صاحب هن شروع منجهه هڪ ڪهاڻي (مهمان ) جي عنوان سان ترجمو ڪئي بعد ۾ هن هڪ ٻئي مٿان ڪهاڻيون لکي مسلسل سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهيو پاڻ نثري صورت منجهه ڪافي ڪالم پڻ لکيائين جيڪي ان وقت هفتيوار (جاويد ) جي زينت بڻيا سنڌ جو هي عظيم ڪهاڻيڪار سنڌي سماج جي ڪهاڻي وسيلي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ ذاتي دشمني جي ور ڇڙهي ويو جيڪو اڄ کان 41 سال اڳ هن ئي تاريخ 14 جون 1978ع تي سنڌي ادب جي سڀني ساٿين گهر ڀاتين کان اوچتو موڪلائي پاڻ آخري ڪهاڻي لکي هميشه لاءِ ڏاڏاڻي ڏيهه روانو ٿي ويو سندس جي جي اڄ 41 ورسي تي ڪهاڻي ڪانفرنس جو 2 جو انعقاد ڪيو ويو آهي جتي سنڌ جا مشهور ڪهاڻيڪار سندس جي ڪهاڻين کي پيش ڪندا ۽ سندس جي ادبي ڪم ۽ ڪردار تي لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪندا هن ڪانفرنس جو بندو بست سنڌ جا ناليوارا اديب ابراهيم کرل نسيم کرل يادگار ڪاميٽي جو سربراهه ۽ بهترين شاعر امر اقبال صاحب پڻ ڪندا
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو