انڊلٺ جي رنگن جهڙو شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سالگرهانڊلٺ جي رنگن جهڙو سنڌ ڌرتي جو شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال[​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    پنهنجي ڌرتي جو هي جنت نماءَ ٽڪرو سڄي جهان منجهه پنهنجي سڀني خوبين ڪري سڃاڻپ ۾ الڳ حثيت رکي ٿي اهڙي ريت هن ڌرتي پنهنجي سيني تي ڪيترن ئي صفتن جي ماڻهن کي جنم ڏئي پنهنجي پنهنجي ڪيل ڪردار سان هڪ عظيم حيثيت سان مالا مال ڪري سندس نالي کي روشن ۽ نروار رکيو آهي پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ جي سيني تي ڪيترن ئي قسمن جي شاعري ڪندڙ شاعر اوائلي زماني کان وٺي پنهنجي من خيالن جو اظهار شاعري جي ٻول ٻولڻ سان ڪندا پيا اچن اهڙي ريت اها شاعري جيڪا ٻارن جي وندر ۽ ورونهن ۽ اخلاقي قدرن جي سکيا سان ٻار کي سر شار بڻائي ۽ شاعر پنهنجي من جو آواز گيتن ۽ نظمن جي موتين مالها سٽاءَ سان پيش ڪري شاعري جو رنگ ڀري پيش ڪري ته ٻار جو حوصلو نهايت اتم نظر ايندو آهي اهڙي هنر ٻارڙن جي شاعري جو (فن ) سنڌ جي مڙي شاعر جهڙوڪ ڪاڪي ڀرومل ،ڪشنچند بيوس ، مرزاقليچ بيگ ، محمد صديق مسافر ، جمع خان غريب، استاد بخاري ، شيخ اياز ، هري دلگير ، وارن تمام بهترين شاعري ڪري پنهنجو پيغام پهچايو مڱر جديد دور جي شاعر منجهان محترم اياز گل (دل) صاحب ،ادل سومرو ، مقصود گل ، مختيار ملڪ، امداد حسيني ، ملهار سنڌي ، مختيار ملڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعر ن سان گڏ محترم ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب جو نانءَ پڻ ٻارڙڻن ۽ گيتن جي شاعر ۾ نمايا نظر اچي ٿو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي من جو اظهار ڪهڙي بهتر نموني ڪري اسان کي ٻڌائي ٿو

    اکين ۾ اوهان کي سمائڻ ٿا چاهيون

    اسان دل ۾ وستي وسائڻ ٿا چاهيون

    محبت ۾ ڪافر ٿياسين ته ڇا ٿيو

    تنهنجي ياد ۾ سر جهڪائڻ ٿا چاهيون

    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جديد سنڌي شاعر جي ٽهي منجهه وڏو مقام رکي ٿو پاڻ اڄوڪي تاريخ 28 مئي سال 1957ع اڱاري ڏينهن اڄ کان 62 سال اڳ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ فريدآباد منجهه ڳوٺ جي مشهور زميندار جناب سرائي محمد خان سيال جي گهر جنم ورتائين پڙهيل لکيل خاندان ۽ خوش گهراڻي جي والدين سندس تربيت به اعلي نموني جي ڪري پڙهڻ جي عمر ۾ اسڪول منجهه داخل ڪرايو جتان هن پڙهي عام رواجي تعليم جو سموريون سندو حاصل ڪري ورتون بعد ۾ هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد منجهان ڊاڪٽري جي سند (ايم بي بي ايس ) پڻ حاصل ڪري ورتي تنهن بعد هن سال 1984ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽري مسيحا بڻجي سرڪاري نوڪري واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو سندس شروعات کان وٺي ايڊمسٽريشن واري شعبي سان سلهاڙ رهيو پاڻ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيليت آفيسر حيدرآباد ۽ ايڊيشنل سرجن جناح هاسپيٽل ڪراچي ۽ ميڊيڪل سپريڊننٽنٽ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال منجهه اهم ذميواريون نهايت ايمانداري سان سر انجام ڏيندو رهيو پاڻ سال 1972ع کان وٺي شاعري واري فڪر سان سلهاڙ رهيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين بارڙن ۽ وڏن جي شاعي ڪندو سنڌي ادب کي آسودو ڪندي نظر اچي ٿو سندس شاعري وارو تخلص (ذولف ) پڻ آهي سنڌ جو هي انڊلٺ جهڙو رنگ رکندڙ شاعر شاعري جي مختلف صنفن منجهه طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي پاڻ گيت، غزل ، بيت ، دوها ، آزاد نظم ، هائيڪو ، لکندو رهيو آهي مڱر سڃاڻپ طور خاص ڪري ٻاراڻي شاعري حوالي سان سڄي سنڌ جي شاعر ۾ نالو اتم ۽ اعلي نظر اچي ٿو پاڻ شاعري واري زبان ۾ چوي ٿو

    زندگيتون سان نئون ناتو نڀائڻ ٿو وڃان

    درد جي هن شهر ۾ سپنا سجائڻ ٿو وڃان

    پيار پهري تي مٽيو ناهي مڱر ڀڙڪيو ضرور

    ذولف پنهنجي پيارجي خوشبو ورهائڻ ٿو وڃان

    سنڌ جو هي واحد محبوب شاعر آهي جنهن بارڙن لاءُ جهجي تعداد منجهه ڪتاب لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ وچارو ڪيو آهي محترم ذوالفقار سيال صاحب کي سنڌي ٻاراڻي شاعري جو سڀ کان وڏو شاعر ڪوٺيو وڃي ته انهي ڳالهه منجهه ڪوئي شڪ ناهي .نه ئي ڪو وڌاءُ ٿيندو سنڌ جي نامور شاعر اديب جناب مرحوم تنوير عباسي صاحب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب کي جديد شاعري ۽ هن ٽهي جو (انگري ينگ مين )شاعر سڏيو آهي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ) صاحب واقع سنڌي ٻولي سان پيار ڪندڙ شاعر آ سندس شاعر عام سنڌي عام سادن لفظن سان سر شاعر نظر اچي ٿي جنهن ڪري سندس جي شاعري ٻار سولائي سان سمنجهي وڃي ٿو پاڻ انڊلـ جي رنگن ۽ رنگابه رنگي جذبن جو شاعر پڻ آهي پاڻ شاعري وسلي ٻارڙن جي ذهني تربيت ۾ ٺاهوڪو هٿ ونڊايو آهي پاڻ شاعري وسلي سنڌ جي مظلوم طبقي جي ترجماني پڻ ڪئي آهي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب سنڌ جي مڙني ٻرندڙ مسئلن کي پنهنجي شاعري واري آواز سان اجاگر ڪندي نظر آيو آهي پاڻ شاعري واري زبان سان عام خلق خدا کي ٻڌائي ٿو ته

    ڳلين ۾ بارود ڀريل آهي

    هر ڪنهن در تي بم رکيل آ

    پاڻي هاڻي تيل بڻيو آ

    وچ دريا هه ۾ باهه لڳل آ

    سنڌ سموري بنجر ٿيندي

    ڪالا باغ جي ڊيم ٻڌل آ

    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب ننڍ پڻ کان وٺي مسلسل اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادب جي جهول منجهه ڪافي تعداد منجه ادبي پورهي سان نوازيندي نءر آيو آهي سندس ادبي پورهي جو وچور هن ريت نمايا نءر اچي ٿو رڻ سڄو رت ڦڙا 1977ع، مکڙين مالها 1979ع، ڳاڙها هٿ پيلا چهرا 1981ع ،منهنجي ديس جا ٻار 1982ع ، گلڙن جهڙا گيت 1987ع ، لفءن جا رانديڪا 1989ع ، بارش کان پوءِ ،اکر اکر سرهاڻ ، آئينه عڪس ، سنڌي شاعري جو سفر ، پنهنجي ٻولي پياري ٻولي ادبي پورهي ۾ شامل آهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان بچپن کان وٺي سلهاڙيل آهي هو سال 1972ع ۾ سنگت جو ميمبر بڻيو سال 1976ع ۾ ايل ايم سي جو سيڪريٽري سال 1996ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع۾ ٻن سال لاءِ پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي اهم زميواري نهايت خوش اسلوبي سان نڀائيندي نظر پڻ آيو آهي هن وقت اها ئي ادبي سنگت گرپن جو شڪار ٿيل نظر اچي ٿي اميد آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب نهايت اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ سنڌي ادبي سنگت کي هڪ پليٽ فارم تي بيهارڻ جو اهم ڪردار ادا ڪندو پاڻ ڊاڪٽر صاحب اڄ پنهنجي زندگي جي 62 سالگرهه پنهنجي ادبي دوستن ۽ گهر وارن سان ڪيڪ ڪاٽي ملهائيندو منهنجي هن بهترين سنڌ ڌرتي جي شاعر اديب لاءِ دلي دعا ته هو هميشه پنهنجي ڏات سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهي )
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو