1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

آرسيء جي اندر ڇا آهي؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    599
    ورتل پسنديدگيون:
    624
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    آرسيء سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کي ڌيان سان ڏسو.ان پرڪشش چهري ۽ دل کي وڻندڙ جسم پويان هڪ مشيني نيٽ ورڪ جي لڪيل ڪائنات آهي.پاڻ ۾ هڪٻئي سان لاڪ ٿيل هڏين جو پورو بوتو ٻڌو پيو آهي.پٺن جا ريشيدار مضبوط ڄار،ڪيترائي خاص فلوئيڊ ۽ اندر جي گھپ اوندهه ۾ هڪ ٻئي سان ملي ڪري ڪم ڪندڙ اندروني عضوا،انهن سڀني تي چڙهيل غلاف جيڪو پنهنجي مرمت پاڻهي ڪري وٺي ٿو،اها اوهان جي چمڙي آهي ۽ ان سڄي ڪم ڪندڙمشينريء کي هڪ وڻندڙ پيڪيج بنائي ڇڏي ٿي.۽ پوء وري اوهان جو دماغ حفاظتي بڪتربند مورچي ۾ بند ٽن پائونڊن جو مادو جيڪو ان جو مشن ڪنٽرول سينٽر آهي ۽ اڄ تائين اسان هن ڪائنات ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا منجهيل شيء دريافت ناهي ڪئي.اهو کربين خلين جو ٺهيل آهي،نيورون سان ۽ گليا سان.انهن مان هر خليوپاڻ ايترو منجھيل آهي جيترو ڪو شهر.هر خليي اندر پورو انساني جينوم موجود آهي.هر خليو برقي نبض ٻين خلين کي موڪلي رهيو آهي،سيڪنڊ ۾ سوين ڀيرا. اهو اهڙو ته ناقابل بيان مونجھاري وارو نيٽ ورڪ آهي جو انساني زبان ان کي بيان ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڇڏي وڃي ٿي.هڪ عام نيورون پنهنجن ساٿين سان هڪ ئي وقت سراسري طور تي ڏهه هزار رابطا جوڙي ٿو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته دماغ جي هڪ چورس سينٽي ميٽر ۾ لڳ ڀڳ ايترا ڪنيڪشن آهن جيترا اسان جي ڪهڪشان ۾ تارا آهن.اهو گلابي مادو عجيب ڪمپيوٽيشنل مٽيريل آهي.ننڍن خودڪار پارٽس مان جڙيل جيڪي پنهنجون حالتون بدلائيندا رهن ٿا.جيڪر اوهان ڪڏهن اداس هجو يا ڪنهن سستيء جو شڪار ٿيو ته يقين رکو ته اوهين ان سياري جي مصروف ترين شيء آهيو.اسان جي ڪهاڻي هڪ ناقابل يقين ڪهاڻي آهي.اسين هن دنيا جو اهو اڪيلو سسٽم آهيون جنهن خود پنهنجي پروگرامنگ تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.ٿورو سوچيو پنهنجي ڪمپيوٽر جي باري ۾ ته اهو پاڻ سان ڳنڍيل ڊوائيسز کي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪري ڏئي،پوء پنهنجو ڍڪڻ کولي ڇڏي ۽ پاڻ سان لڳل ڪيميرا جي مدد سان پاڻ پنهنجو سرڪٽ ڏسڻ شروع ڪري ڏئي ۽ پنهنجي پروگرام تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.اسان ايئن آهيون ۽ اسان جو پنهنجي اندر ان نموني سان جاچڻ اسان جي اهم ترين انٽليڪچوئل ڪاميابين مان آهي.اهو ادراڪ ته اسان جا رويا،اسان جون سوچون،اسان جا تجربا ان ڪشادي،آلي،ڪيميائي ۽ برقي سرڪٽ ۾ لڌا وڃن ٿا جيڪو اعصابي نيٽ ورڪ آهي.هيء مشينري اسان جهڙي ته نٿي لڳي پر پوء به ڪنهن طرح اهو اسان پاڻ ئي آهيون.

    آرٿر ايلبرٽس 1949ع ۾ نيويارڪ کان اولهه آفريڪا ۾ ٽمبڪٽو ۽ گولڊ ڪوسٽ جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ ۾ ويو.ان سان سندس زال،هڪ ڪيميرا،هڪ جيپ ۽ هڪ ٽيپ ريڪارڊر هو.آفريڪا جا آواز دنيا تائين پهچائڻ لاء هن هتان جي ميوزڪ ريڪارڊ ڪئي پر هڪڙي مسئلي ۾ ڦاسي پيو.هڪ مقامي آفريڪي پنهنجو ريڪارڊ ٿيل آواز ٻڌو ۽ ايلبرٽس تي الزام هنيو ته هو سندس زبان کڻي پيو وڃي.ان کان اڳ جو ڪو وڏو ملالو مچي،ايلبرٽس آرسي ڪڍي هن کي پڪ ڏياري ته هن جي زبان وٽس ئي موجود آهي.ايئن ڇو؟ ان ڪري جو آواز هڪ عارضي ۽ غير مادي لڳندڙ شيء آهي جيڪو بس نڪتو ۽ ختم ٿي ويو،نه وزن،نه شڪل،نه ڪا اهڙي شيء جنهن کي هٿ ۾ پڪڙي سگھجي پر آواز هڪ فزيڪل شيء آهي.جيڪر اسان ڪا ننڍڙي مشين جوڙيون جيڪا هوا جي ماليڪيولن جي لرزش کي محسوس ڪري سگھي ته اهو آواز پڪڙي به سگھجي ٿو انهيء مشين کي اسان مائيڪروفون چئون ٿا.جڏهن آواز کي ايلبرٽس ٻيو ڀيرو هلايو ته اها غير مرئي شيء واپس هلڻ شروع ٿي ويئي.ان اولهه آفريڪي قبائليء کي اهو مظهر زبردست جادو لڳو.سوچ سان به ساڳيو معاملو آهي.سوچ آهي ڇا؟ ان جو وزن نٿو لڳي.اها عارضي،غير مرئي ۽ غير مادي شيء محسوس ٿئي ٿي،ان جي ڪا شڪل،رنگ،بوء وغيره نٿي ٿئي.اسان کي اها به زبردست جادو لڳي ٿي پر آواز جيان سوچ به فزيڪل هوندي آهي.جڏهن دماغ جي شڪل بدلجي ٿي ته سوچ به بدلجي ٿي.جيڪر يقين نٿو اچي ته ان کي ڪجهه ڪيميڪل ڏيئي ڏسو، ڪجهه ڀنگ چاڙهيو ۽ ان ۾ ايندڙ فرق ڏسو.دماغ هڪ منجھيل سسٽم آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان کي سمجھي نه سگھجي.جهڙيء طرح جگر يا اک کي سمجھي سگھجي ٿو تيئن دماغ کي به.ان جي ڪنهن حصي ۾ ”اوهان“ يعني اوهان جو شعور موجود آهي پر ياد رهي ته تمام ٿوري حصي۾. ڪنهن ملڪ جو مثال وٺو.ان ۾ فيڪٽريون هلي رهيون آهن،ڪاروبار ٿي رهيا آهن،ٽيلي ڪميونيڪيشن جا نظام هلي رهيا آهن،ماڻهو کائي پي رهيا آهن،سيوريج سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي،پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪري رهي آهي،معاهدن تي صحيحون ٿي رهيون آهن،راندين جا مقابلا ٿي رهيا آهن،ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن،محبت ڪرڻ وارا ملي رهيا آهن،فون ڪري رهيا آهن.ان سموري هنگامي ۾ اسان رڳو اخبار جي هيڊلائين پڙهي وٺندا آهيون،ٽيڪس جو ريٽ وڌايو ويو،هڙتال ٿي ويئي،ان ملڪ ۾ ٿيندڙ هنگامي تائين بس ايتري ئي پهچ آهي ۽ ايتري ئي ضرورت.هڪڙو خيال ايندو آهي ۽ اوهين چوندا آهيو ته واه! ڪهڙو نه زبردست خيال آيو ۽ خبر ناهي ڪٿان؟پر ان جي پويان پکڙيل وسيع ۽ لڪيل مشينري ڪيتري قدر ڪم ڪيو هو،اهو ان جو جادوء سواء ٿيندڙزبردست جادو آهي جنهن تي گھڻا ماڻهو اهو يقين نٿا ڪن ته سوچ به آواز،رنگ ۽ بوء جيان هڪ فزيڪل شيء آهي.انساني تاريخ جو شايد سڀ کان زبردست ۽ اهم خيال ميڪسويل جي اليڪٽرو ميگنيٽزم جي مساوات آهي.پنهنجي موت جي بستري تي هن اعتراف ڪيو ته اها مساوات هن نه پر هن جي اندر ڪنهن دريافت ڪئي هئي.وليم بليڪ پنهنجي نظم جي باري ۾ به اهو ئي چيو هو ۽ گوئٽي سندس ناول”جوانيء جي اداسي“ بابت اهو غلط نه چيو هو ڇو ته جيئن ڪارل جنگ چيو آهي ” منهنجي مٿي ۾ ڪو رهي ٿو ۽ اهو آئون ناهيان.“ گليلو ٽيلي اسڪوپ سان مشتريء جي چنڊن جي حرڪت جو جائزو وٺي چيو هو ته زمين ڪائنات جو مرڪز ناهي.ان دريافت ۽ ان اعلان سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو.هڪ نئون دور شروع ٿيو.ايندڙ چئن صدين ۾ اسان معلوم ڪري ورتو ته اسان ته بس هڪ ذرو به ناهيون،ڪهڪشائن جا پنجاهه ڪروڙ گروپ،ڏهه ارب وڏيون ڪهڪشائون،هڪ کرب ننڍيون ڪهڪشائون،ٻه کرب کرب سج،اربين نوري سالن جون وسعتون، اها هڪ سوچ بدلائڻ واري دريافت هئي ۽ ايتري قدر تنگ ڪندڙ جو ان کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو.گليلو زمين جي مرڪزيت جو تصور ٽڪرا ٽڪرا ڪيو جنهن گليلو کي قيد خاني ۾ ڦٽي ڪرايو ۽ سندس لفظ واپس وٺڻ تي ۽ سندس ڪم رد ڪرڻ تي صحيحون ڪرايون وييون ۽ گليلو ته خوش نصيب هو جو انهن جو حشر هڪ ٻئي اطالوي برونو جهڙو نه ٿيو.ان کي اهو چوڻ تي ته زمين مرڪز ناهي،عوامي چوراهي تي گهلي آندو ويو هو.منهن تي لوهه جو ماسڪ پهرائي ته جيئن هو ڳالهائي نه سگھي.ميڙ جي اڳيان هن کي جيئري ساڙيو ويو ۽ اکيون به ڪڍيون وييون.برونو جو ڏوهه ڪهڙو هو؟گليلو کي قيد ڇو ڪيو ويو؟ڇو ته پنهنجو ورلڊ آرڊر ويو بدلائڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي.ڪاش اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا اهو ڄاڻن ها ته نئين سوچ ۽ فڪر ڪهڙي طرف وٺي ويندا؟ جيڪر اوهان کي فلڪيات ۽ اسپيس سائنس مسحور ڪري ٿي ته ٿورو ترسو،دماغ جي سائنس ته انهيء کان به شاندار آهي.جڏهن اسان پنهنجي ڪائنات ۾ مرڪز نه هئڻ کي تسليم ڪيو ته پوء اسان هن ڪائنات کي سمجھڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.اهڙيء طرح اسان پاڻ پنهنجي دماغ جو رڳو هڪڙو ننڍڙو حصو آهيون.ان تي کوجنا ڪندڙن جو انجام هاڻي برونو يا گليلو جهڙو ته نٿو ٿئي پر اڃا به ان تي تحقيق ڪندڙن کي هر طرف کان مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.اها حقيقت ته اسان جي پنهنجي حيثيت خود اسان جي پنهنجي دماغ ۾ مرڪزي ناهي بلڪه ان قسم جي آهي جيئن ملڪي وي ۾ زمين جي آهي.اهو گھڻن ماڻهن کي تنگ ڪري ٿو پر ان کي تسليم ڪرڻ بعد اسان ان دماغ جي اندر جي ڪائنات کي صحيح طرح ساراهڻ جي قابل ٿينداسين.اهو ئي اسان جي هئڻ جو سڀ کان زبردست جادو آهي ۽ اهو جادو ان مشين جي اندر آهي.توڙي جو ان تي پهرين به ڪم ٿي چڪو هو پر ان خيال کي سائنسي بنيادن تي سڀني کان پهرين سگمڊ فرائيڊ دريافت ڪيو ته اسان پنهنجي شخصيت جو رڳو هڪڙو ننڍڙو حصو آهيون.فرائيڊ اهو ڪم ماڻهن سان ملاقاتن،انهن جي حرڪتن جي مشاهدن سان لڳايو هو.ڪيترائي نفسياتي عارضا جن چڙهڻ،ڪمزور قوت ارادي يا دماغي خلل سبب نٿا ٿين پر انهن جو سبب اسان جي دماغ جي ان قسم جا عارضا آهن جيئن جسم جا. اهي وڏيون سوچ جون تبديليون هيون جيڪي ان ڪم سبب ويهين صديء جي وچ ۾ اچي چڪيون هيون ۽ نفسيات باقائدي علم جو شعبو بنجي چڪو هو.جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کان مايوس ٿيندا آهيون يا پنهنجو پاڻ تي غصو ڪندا آهيون ته ان جو مطلب ڇا آهي؟اسان سگريٽ جا نقصان ڄاڻندي به ان کي ڇو نٿا ڇڏي سگھون؟اسان ڪنهن کي نظر کي وڻندڙ سمجھندا آهيون؟ اسان راز ڇو نٿا رکي سگھون؟اسان فيصلو ڪيئن وٺندا آهيون؟ اسان پاڻ ڪير آهيون؟اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اڄ اسان جي پهچ ۾ آهن.

    ته هڪ ڀيرو وري آرسيء سامهون بيهي پنهن جو پاڻ کي ڌيان سان ڏسو،ها،اوهان جو چهرو پرڪشش آهي ۽ جسم دل کي وڻندڙ پر جيڪي لڪيل آهي،اهو شاندار آهي ۽ سڀ کان شاندار اهو ته جيڪو نٿو ڏسي سگھجي اهو به ڄاڻي سگھجي ٿو.اوهان به ڪنهن نموني،ڪنهن هنڌ،انهي عڪس اندر آهيو!!!
     
    ايم ايڇ جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    260
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    بهترين پوسٽ آهي...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو