بجيٽ، ڪميشن ۽تحريڪون!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    بجيٽ تي بحث جاري آهي،معمول جيان ڪي انهيء کي عوام دوست ته ڪي وري عوام دشمن قرار ڏيئي رهيا آهن.بهرحال نه ته اهي بحث نوان آهن ۽ نه ئي پاڪستان جي غريب عوام جون مصيبتون ڪي هاڻي پيدا ٿيون آهن.اهو سلسلو پهرئين ڏينهن کان هلندو ٿو اچي.هتي رهزن رهبر ۽ قاتل مظلوم بڻجندا رهيا آهن.اسان ته شاباس ڏيون ٿا روينيو جي وفاقي نوجوان وزير حماد اظهر کي جنهن ان مڇي مارڪيٽ واري ماحول ۾ بنان گھٻرائڻ جي نهايت ئي رواني ۽ مٺاڻ سان پنهنجي بجيٽ تقرير نهايت ئي تحمل ۽ مستقل مزاجيء سان مڪمل ڪري ڏيکاري.. نه بار بار ٿڌي پاڻيء جا سرڪ ڀرڻ،نه ذري ذري پيشانيء تان پگھر اگھڻ ۽ نه ئي تماشائين کي ڪاوڙ وچان اکيون ڏيکارڻ.حيرت آهي ته تحريڪ انصاف وٽ ڪهڙا نه خوبصورت نوجوان موجود آهن پر ڪپتان ۾ شايد ماڻهو سڃاڻڻ جي اڃا تائين صلاحيت پيدا نه ٿي سگھي آهي.حڪومت کي خبر هئي ته ان بجيٽ ۾ عوام جي فائدي جي ڪاشيء ناهي ۽ رڳو ٽيڪسن جون خوشخبريون آهن سو حڪومتي ميمبر دل ئي دل اپوزيشن کي دعائون ڏيئي رهيا هئا جو انهن جي گوڙ شور ۾ گھڻيون شيون صحيح طرح ٻڌڻ ۾ ئي نه آيون.اهي جيڪي بجيٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا انهن ڄڻ پنهنجن حڪومتي دورن ۾ غريب عوام کي سون ۽ چانديء ۾ توري ڇڏيو هو ۽ اهڙي ته نڪ جي ڏاڍائيء سان نعرا هڻي رهيا هئا ڄڻ ته ملڪ ۽ عوام کي ان بدترين معاشي صورتحال اندر پهچائڻ ۾ انهن ويچارن جو ڪو ڪردار ئي ناهي.سندن ڏه سالا دور حڪومت ۾ ورتل چويهه هزار ارب جو قرض به کين نظر نٿو اچي جنهن جي ملڪ کي روزانو ڇهه ارب وياج ڏيڻو پوي ٿو. اهي ويچارا جن جي قيادت هر طرف کان احتساب جي وڪڙ ۾ ڦاسي چڪي آهي اهي بجيٽ تي احتجاج به نه ڪن ته آخر ٻيو ڇا ڪن؟خير، هاڻي ڪجهه بجيٽ جو ذڪر ڪجي ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون رعايتون کسيون وييون آهن.گريڊ سترهن کان گريڊ ويهين جي ملازمن جي پگھارن ۾ رڳو پنج سيڪڙو اضافو ڪري سندن انڪم ٽيڪس جي حد هڪ لک مان گھٽائي پنجاهه هزار ڪئي ويئي آهي.انهيء سان پگھارن ۾ اضافو ته ٻن کان ٽي هزار روپيا ٿيندو پر انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ان ملازم کان چار هزار کان پنج هزار روپيا واپس ورتا ويندا.انهيء کي چئبو آهي ڪنهنجي کيسي ۾ ڏهه روپيا وجھي ويهه روپيا ڪڍي وٺڻ! تعليم جي بجيٽ به مناسب ناهي رکي ويئي.نون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اضافي لاء ته رقم رکي ويئي آهي پر غير ملڪي اسڪالرشپس طرف ڌيان نه ڏنو ويو آهي جنهن سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء جي شعبن ۾ تحقيق جو ڪم گھڻو متاثر ٿيندو.شايد هن بجيٽ کان پوء هاڻي جيڪا بجيٽ اچي سا بهتر هجي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته هاڻوڪي حڪومت کي جيڪي معاشي حالتون مليون آهن انهن ۾ اهڙي ئي بجيٽ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.

    بجيٽ واري ڏينهن ئي وزير اعظم عمران خان کي قوم کي خطاب ڪرڻو هو جنهن جي وقت جي باري ۾ مختلف اعلان ٿيندا ۽ وقت تبديل ٿيندا رهيا.نيٺ خدا خدا ڪري اها تقرير رات جو يارهن لڳي پنجاهه منٽن تي شروع ٿي سگھي.جڏهن وزير اعظم تقرير ڪرڻ لڳو ته ڪجهه جملا ڳالهائڻ بعد سندس آواز بند ٿي ويو ۽ مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو.اهو رابطو بحال ٿيو ته وري ڪجهه منٽن بعد آواز اچڻ بند ٿي ويو.ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪي شرارتي ٻارڙا مواصلاتي رابطي سان راند ڪري رهيا هجن. هڪ موقعي تي ته اسڪرين ئي بلڪل ڪاري ٿي ويئي،نه تصوير ۽ نه ئي آواز.وري جو رابطو بحال ٿيو ته شروع کان تقرير شروع ٿي ويئي.اها تقرير وزير اعظم ايوان ۾ به ڪري سگھيو ٿي پر سندس چوڻ مطابق اپوزيشن کيس ايوان ۾ ڳالهائڻ ئي نٿي ڏئي.پر ايوان کان ٻاهر تقرير ڪرڻ جي خواهش ۾ هو اهڙن جاهلن جي ور چڙهي ويو جيڪي نشرياتي نظام جي الف بي کان به واقف نه هئا.ان تقرير جتي اپوزيشن کي ڳالهائڻ لاء هڪ نئون موضوع ڏيئي ڇڏيو آهي اتي انهن جي خوف ۽ پريشانين ۾ گھڻو واڌارو به ڪري ڇڏيو آهي.خاص طور تي عمران خان جي انهن لفظن ته هيستائين هن اپوزيشن جا سوال ٻڌا آهن هاڻي اپوزيشن کي سندس سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.اسان جي سياستدانن لاء جواب ڏيڻ ئي ته دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي.اڄ ڏينهن تائين جيڪي به پڪڙيا آهن يا جن خلاف جاچ ٿي رهي آهي انهن مان ڪنهن به اهو جواب ناهي ڏنو ته انهن ٿورڙي عرصي ۾ ملڪيت جا ڍير ۽ دولت جا انبار ڪٿان ڪٺا ڪيا؟ملڪ ۾ اڳيئي احتساب ۽ جاچ جا کوڙ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن،ڪيترائي ڪيس انهن ادارن توڙي عدالتن ۾ پروسيس هيٺ آهن پر دلچسپ ڳالهه اها جو اڄ تائين ڪو به معاملو پنهنجي منطقي انجام کي نه پهتو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان عوام جو ڦريل پئسو اڄ ڏينهن تائين واپس ورتو ويو آهي.هاڻي وري اعليٰ اختياراتي جاچ ڪميشن قائم ٿي رهي آهي جنهن آڏو انهيء سوال جو جواب اچڻو آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ حاصل چوويهه هزار اربن جو قرض ڪهڙي ڪن ۾ دفن ٿي ويو جو هن وقت ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جي منهن ۾ آهي.اها ڪميشن ڪهڙي قانون هيٺ ڪم ڪندي،انهيء وٽ ڪهڙا اختيار هوندا ۽ کيس اهي اختيار ڪهڙي ريت ملندا سي مامرا ته اڳيان هلي ڏسڻا آهن پر ”ڦر ڦر سونٽو“ جي هڪ راند شروع ٿيڻ واري آهي جنهن سان گھڻن جون متيون منجهي وينديون.ايستائين جو هاڻوڪي حڪومت ۾ ويٺل انهن پهلوانن جون به جيڪي قرضن جي انهيء ڪٽيء مان ماضيء جي حڪومتن ۾ موج مستيون ڪندا رهيا آهن.ويچاري حڪومت جو حال ناهي ته اپوزيشن جا به حال پورا آهن.اپوزيشن حڪومت خلاف تحريڪ به هلائڻ گھري ٿي ساڳئي وقت حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ ڪيرائڻ به نٿي گھري، ويجھي ماضيء ۾ بحث هيٺ آيل سمورا سياسي ۽ اقتداري فارمولا في الحال ناڪام ٿي چڪا آهن.اپوزيشن ۾ ويٺل چوٽيء جا سياستدان ايترا بيوقوف ناهن جو حڪومت کي ايترو سوڙهو ڪن جو اسيمبليون ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي وڃي.اهي چڱيء طرح ڄاڻن ٿا ته جيڪر اسيمبليون ٽٽيون ته اڳيان هڪ سياسي اونداهون هول آهي جتي سڀني جو ساهه منجهڻ جو خطرو آهي.هن وقت ته دٻاء وجھي پروڊڪشن آرڊر ذريعي آزاد فضا ۾ ساهه کنيو وٺن پر جيڪر اسيمبليون ئي نه رهيون ته پوء راڌا ڪيئن نچندي؟پيپلز پارٽي وارا به ايترا پاڳل ناهن جو هروڀرو پنهنجي ٺهيل ٺڪيل سنڌ حڪومت وڃائي ويهن.رهيو سوال عوام جي روڊن رستن جي اچڻ جو ته هڪ ته هيڏي ساري سخت گرمي ۽ ٻيو کين پتو نه پر پڪ آهي ته جيڪر هن حڪومت کي گھر ڀيڙو به ڪيو وڃي ته سندن اهنجن ۽ آزارن ۾ ڪا ڪمي ناهي اچڻي.ان ڪري اجايو گرمي سهڻ ۽ لٺيون جھلڻ جو ڪهڙو فائدو؟هن وقت پنهنجن سمورين مايوسين،محرومين، مصيبتن ۽ مشڪلن باوجود عوام لاء هڪڙو تماشو ڏسڻ لاء موجود آهي جو ڪيترن ئي وڏن وڏن پهلوانن جا پٽڪا ڌوڙ ٿي رهيا آهن ۽ اڃا ڌوڙ ٿيڻ وارا آهن.عوام نهايت ئي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ وچان اهو تماشو ڏسي رهيو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه لطف حاصل ڪري رهيو آهي.سو خبر ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ تحريڪن جو مستقبل ڇا آهي پر مخالف ڌر توڙي هاڻوڪي حڪومت جي گھڻن ”معززن“ ۽ ”معتبرن“ جو مستقبل في الحال اونداهون ئي نظر اچي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو