سنڌ هند جي ٻال ساهت جو سرموڙ نقاد، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڪالم نگار،”ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي"

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ هند جي ٻال ساهت جو سرموڙ نقد، مني ڪهاڻيون جوڙيندڙ، محقق ”ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي"

    ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

    "سنڌ هند جي ٻال ساهت، سرموڙ نقاد "بلواڻي"،
    مني ڪهاڻيون جوڙيندڙ، شخصيت آ لاثاني".

    سنڌ هند جي ٻال ساهتيه کيتر جو سرموڙ نقاد، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، ڪالم نگار، ترجمان، سمپادڪ، شاعر ۽ محقق ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ، ممتا درجو ماڻيندڙ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جو جنم 9 جنوري 1946 ۾ لاڙڪاڻي سنڌ ۾ شري ڪشچند بلواڻيء جي گهر ۾ ٿيو. هوندراج بلواڻي سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي بعد احمدآباد ۾ رهندي، اسڪولي تعليم پرائيندي، بي . ايڊ، ايم اي، پي ايڇ ڊي ۽ هنديء ۾ ڪوود ڪئي. جڏهن ته ڊپلوما ان جرنليزم ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي ڊپلوما ڪورس ڪيائين.
    ڊاڪٽر بلواڻي گجرات اسٽيٽ بورڊ آف اسڪول ٽيڪسٽ بڪس ۾ آفيسر جي عهدي تي براجمان رهيو ۽ اڪيڊمڪ سيڪريٽريء جي پد تان رٽائر ڪيو.
    جڏهن ته گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميء چئرمن جو پد سنڀاليندي، بخوبي نڀايو. ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي سنڌي، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو آهي. سنڌي ساهتيه جي کيتر ۾ مان نه ٿي ڀانيان ڪنهن به ساهتڪار جو ساهتيه ڪو ايترن ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. سندس ساهتيه سنڌي، هندي، گجراتي، اردو، راجسٿاني، تامل، پنجابي، ٻولين ۾ ڪاميابي ماڻي چڪو آهي.
    هندستان جي سنڌي ساهتيه ۾ لگهو ڪٿا، مني ڪهاڻي ۽ فلئش ڪهاڻي، ننڍين ننڍين ڪهاڻين تي ڪيترن اديبن قلم هلايو آهي. ڪجه اديبن محض ٽوٽڪا لطيفا لکندي، مني ڪهاڻي جو ليبل لڳايو. جڏهن ته ڪجه ئي اديبن مني ڪهاڻي جي فارم کي سمجهو، پرکيو، گنڀيرتا ۽ سجديه سان قلم هلايو. تن ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جو ممتاز درجو رهيو آهي. هن جون مني ڪهاڻيون جدا جدا مخزن رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن ته اصلوڪين مني ڪهاڻين جي حوالي ۾ هندستان ۾ بلواڻيء جا ئي مجموعا شايع ٿيل ملن ٿا. هن جا خاص ڪتاب "ارد گرد" ۽ "اکر ڀوري" تنهن کانسواء بلواڻيء جو مني ڪهاڻيء جي مدنظر سنڌي ساهتيه ۾ هڪ ئي پهريون ڪتاب "زندگي جا عڪس" شايع ٿيل آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر بلواڻيءَ مني ڪهاڻيءَ جي ادبي وصف ڏيندي، طور طريقا سمجهائيندي ٻين ساهتڪارن لاء نئون رستو ميسر ڪيو آهي.
    بلواڻي جي مني ڪهاڻين جي حوالي سان آنءُ هت سنڌ هند جي سرموڙ نقاد هيرو شيوڪاڻي جو حوالو ڪوٽ ڪريان ٿي.
    ”پر آنءُ پهرين هڪ ڳاله واضح ڪري ڇڏيان.
    جنهن ته عالمن ساهتيه جي نثر ۽ نظم شاخن کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي هڪ وڏن لاء ساهتيه ۽ ٻيو ٻال ساهتيه ته اُن حساب سان موجود دور ۾ "هيرو شيوڪاڻي ساهتيه جو سرموڙ نقاد" آهي. پر شيوڪاڻي وڏن جي ساهتيه جو سرموڙ نقاد آهي شيوڪاڻيء ٻال ساهتيه تي تمام ٿوري ۾ معنيٰ نه جهڙي تنقيد ڪئي آهي. پر سنڌ هند ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي نه فقط ٻال ساهتيه تي سڀ کان پهرين پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. پر ڊاڪٽر بلواڻيء جا ٻال ساهتيه تي بيشمار تنقيدي مقالا، ليک مضمون ۽ مجموعا شايع ٿيل آهن جنهن ڪري مون ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي لاء "هوندراج بلواڻي ٻال ساهتيه جو سرموڙ نقاد" لقب استعمال ڪيو آهي. جنهن جي شاهدي سنڌ هند جو سمورو ٻال ساهتيه ڀري ٿو.“
    ڊاڪٽر بلواڻيء جي مني ڪهاڻيون جي ڏس ۾ "اکر ڀوري" ڪتاب تي هيري شيوڪاڻي رايو لکيو اهي.
    " الڳ الڳ موضوعن تي لکيل هي سڀ مني ڪهاڻيون اسم جي گهيري ۾ باقاعدي اچن ٿيون .انهن مان ڪيتريون مني ڪهاڻيء جي وصف موجب پڇاڙيء ۾ ڪنهن نه ڪنهن چرم سيمائن سان چابڪ دستيء سان نباهيل آهن مني ڪهاڻي پنهنجي اختصار ۾ هڪ هڪ لفظ، انهن جي جوڙجڪ ۽ پوء عروج تي پهچي، ڌماڪيبازيء کانسواء ڪنهن هڪ انڪشاف سان پوري ٿئي، سرجناتمڪ پيوستگي creative Fusion طلبي ٿي اها وري به بلواڻيء جي مني ڪهاڻين سميت سنڌيء ۾ برثواب ٿيندي نظر اچي ٿي "
    هيرو شيوڪاڻي جو رايو بلواڻيء جي گهري اڀياس ۽ سندس ڪيل تحقيقي ڪم جي شاهدي ڀري ٿو. ۽ بس شيوڪاڻي جهڙو وڏن جي ساهتيه جو نقاد اهڙا سهڻا لفظ ڪنهن ليکڪ لاء ڪتب آڻي ته يقيقن اُن ساهتڪار لاء اهو ئي وڏو سرٽيفڪيٽ آهي.
    بلواڻيء جي ٻال ساهت کي نه فقط هند ۾ وڏي اهميت مليل آهي. پر سنڌ مان پڻ هن جي ٻال ساهت لاء کيس وڏي مهانتا ملندي رهي آهي. هت غور طلب آهي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي نه فقط ٻال ساهت جو سرموڙ نقاد آهي ۽ نه فقط مني ڪهاڻيون جوڙيندڙ آهي پر هن وڏن لاء ٻيو پڻ ڪافي چڱو چوکو معياري ساهتيه جوڙيو آهي. ڏٺو وڃي ته بلواڻي ساهت جي هرهڪ صنف تي قلم آزمائي ڪندي ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف ۽ وڏن جي ساهتيه تي پڻ ڪهاڻيون، ناٽڪ، ڪالم، تنقيدي ليک، مقالا ۽ شاعريء تي ڪاميابيء سان قلم هلائيندي، جديد موضوع استعمال ڪيا آهن. سندس شايع ٿيل ناٽڪن جو بهترين مجموعو "جنگهل" جنهن ۾ هي ڀن ڀن جديد موضوع کڻندي، عنوان ۾ نواڻ اوتيندي، جڏهن ته ڪردارنگاريء سان بهترين گفتگو ڪم آندي آٿائين. مقالي جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي آنءُ هت سندس هڪ ئي صنف ۽ هڪ ئي ناٽڪ جون ڪجه جهلڪيون پيش ڪريان ٿي. جنهن مان پاٺڪ به جديد موضوع جو احساس محسوس ڪندا.
    ڊاڪٽر بلواڻيء جي هن مجموعي جو بهترين ناٽڪ "هن گهٽيء کان هُن گهٽيء تائين" عام طور ڪڏهن ڪڏهن انسان ستن سمنڊن جا مفاصلا به آساني سان پار ڪري ويندو آهي. پر ڪڏهن وقت اهڙو برو ايندو آهي ۽ ماڻهون جو حالات اهڙي اچي بيهندي آهي جو هو ايترو لاچار ۽ بيوس ٿي ويندو جو معامولي ٻه قدم پار ڪرڻ به نهايت ئي مشڪل مسئلو بڻجي پوندو آهي.
    جڏهن ته موجود دور ۾ آنتڪ جو خوف ماڻهون جي ارد گرد ڦڙي ٿو ۽ سياست جون غلط روايتون، غلط طور طريقا جيڪي ڪڏهن به بند نه ٿيندا. ڏينهنون پوء ڏينهن پاڻ وڃن پيا وڌندا. اهڙي حالت ۾ عام انسان جو جيئڻ محال آهي.
    اهڙي ئي جديد موضوع تي بلواڻيء جو هي ناٽڪ جنهن ۾ ليکڪ هڪ سنڌي ڪٽنب جو منظر چٽيندي ڏيکاريو آهي هڪ سنڌي ڪٽنب ۾ هڪ نئون ٻار جنم وٺڻ لاء منتظر آهي. هوڏانهن گهٽيء ۾ آنتڪي پس منظر ڇانيل آهي اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر ڪٿان اچي؟ اُها عورت اسپتال تائين ڪيئن پهچي؟ جنهن ڪري سندس گهوٽ پريشان آهي. زال جي حالت گهوٽ کان سهڻ ڪونہ پيئي ٿي. اهڙي حالت ۾ مرد ڀلا ماٺ ڪري ڪيئن ويهي؟ سو هي ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ لاء مجبورن همٿ ڪندي، موت سان کيڏيندي، گهر کان ٻاهر اڃا نڪري مس ٿو ته ڪجه ئي پلن ۾ هو رتورت ٿيندي، گهر ۾ اچي زال اڳيان تڙڦندي تڙڦندي پراڻ تياڳي ٿو.
    ناٽڪ ۾ انتظار جي پهلن سان دل ڏاريندڙ گفتگو آهن جڏهن ته ڊپ جو خوف ائين ڇانيل آهي گويا اکين سان اهو درشيه ڏسي رهيا آهيون .هي ناٽڪ نه فقط منچن ٿي چڪو آهي پر هن ناٽڪ کي بهترين ناٽڪ جو انعام پڻ ملي چڪو اهي.
    اهڙا جديد موضوعن جا مثال ڊاڪٽر بلواڻيء جي لکڻين ۾ کوڙ کوڙ ملندا. ڊاڪٽر بلواڻي ڪيترن ئي ادبي ميگزين رسالن ۾ سمپادڪ طور ساهتڪ يوگدان ڏيندو پئي رهيو آهي جنهن ته "زندگي"، "ڦلواڙي"، "گلستان"، "باغ بهار"، "شرميلا"، "ٻال منچ"، "ادبي چمن"، "سنڌي لوڪ ورثو"، "اظهار"، "سجني"، "ڪلي"، "ڪلاڪار"، ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي رسالا.
    جڏهن ته روزاني ۽ هفتيوار اخبارن ۾ خاص ڪالم سجايا اٿائين ۽ گجرات آڪاشواڻي، دوردرشن جو تسليم ٿيل ليکڪ، هدايتڪار اداڪار ۽ شاعر پڻ آهي ۽ ڪيتريون ئي ساهتڪ، تعليمي سڀيتڪ ۽ سماجڪ سنسٿائن سان جڙيل رهندي، هن هر ڪاريه کي سرانجام ڏنو آهي. سندس قدرشناسي ۾ ڪيترن ئي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي وڏن عزتدار عهدن مان سنمان ۽ انعامن سان نوازيو ويو.
    ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي ٻال ساهتيه تي ٿيسز لکي ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري 1992 ۾ صاحل ڪئي. جيڪا ٿيسز 2005 ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي.
    هوندراج بلواڻيء جي مقالي جو عنوان آهي "ٻال ساهتيه جو وڪاس " سموري ٻال ساهتيه جي وشيه جي ورهاست 12 بابن ۾ ڪندي، ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف ڇهندي، هرهڪ باب جي تز نظريعيء سان هر ڪنڊ، هر پهلو کان کوجناتمڪ عينڪ پائيندي، ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، تحقيق ڪئي اٿائين.

    *بابا پهريون - ٻال ساهتيه
    *بابا ٻيون - ٻال منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا
    * بابا ٽيون - ٻال گيت
    *باب چوٿون - ٻال ڪهاڻيون
    *باب پنجون - ٻال ناول
    *باب ڇهون - ٻال ناٽڪ
    *بابا ستون - ٻال ساهتيه جون ٻيون صنفون
    *باب اٺون - ٻارن لاء رسالا
    *باب نائون- ٻال ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءُ
    *باب ڏهون - ترجمو ٿيل ساهتيه
    *باب يارهون - ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه
    *باب ٻارهون ڪن محصوص جي مدنظر

    ***سنڌي ٻال ساهتيه : تاثرات

    باب پهريون چئن ڀاڳن ۾ ورهايل آهي پهرين ۽ ٻئين ڀاڳي ۾ ٻال ساهتيه جي وياکيا ڪندي ٻارن طرف وڏن جون جوابداريون سمجهائيندي، ٻارن جي منوو وگيان تي روشني وجهندي،منووگيان جي هرهڪ اهم پهلو کي اظهاريندي، ٻارن جو ڀاشا وگيان طرف ڌيان ڇڪائيندي، ٻارن جي خوائش ۽ مشغوليون ڪلپنا، جڳياسا، سنگره ورتي، اهم ورتي،چٽاڀيٽي،نقل، سرجڻ ورتي بابت تمام گهرائي سان چند مثالن سان روشني وڌي اهي.
    بابا پهرين جي ٽئين ڀاڳي ۾ ڪجه سنڌي هندي ۽ گجراتي عالمن جي حوالن سان ۽ پنهنجي روشندار سوجه ٻوجه سان ٻال اوستا کي ٽن گروپس ۾ ورهايو اهي.

    ششو اوستا - ٽن کان ڇهن ستن سالن تائين
    ٻال ساهتيه - ڇهن ستن کان تيرهن سالن تائين
    ڪشور اوستا - تيرهن چوڏهن سالن کان سترهن سالن تائين

    ڊاڪٽر بلواڻي ٻارن جي دلچسپيءَ واري عنصر کي ذهن ۾ رکندي هن جا ٻاراڻا ٻول ۽ ڪهاڻيون، ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد جي پڻ ورهاست بهترين نموني سمجهائي ڏني آهي.
    باب پهرين جي چوٿين ڀاڳي ۾ ٻال ساهتيه جي عناصر جي ڄاڻ ڏيندي ٻال ساهتيه لاء وشيه جي چونڊ مٿين ٽن گروپس جي حساب سان طئه ڪرڻ جون اهميت ۽ ضرورت سمجهائي آهي.

    * ششو اوستا جي ٻال ساهتيه ۾ گهر جا ڀاتي رشتيدارن جي واقفيت ۽ پکي پسون ۽ جانورن جون ڳالهيون ننڍن ٻارن جي من کي وندرائن ٿيون. تنهن ششو اوستا جي ٻارن لاء اهڙو ئي ساهتيه ٻار جي وڪاس لاء ضروري اهي.
    *ٻال ساهتيه يعني ڇهن ستن سالن جي ٻار لاء ڪٽنب کان ٻاهريون چيزن سان واسطو رکندڙ رچنائون ڏنل هجن ۽
    *۽ ڪشور اوستا جي ٻارن کي سماجڪ، اتهاسڪ ۽ وگيانڪ رچنائون طرف موڙجي

    ڀاشا شئلي ۽ پيشڪش ٻارن جي عمر جي انوسار ئي لفظ ڪتب اڻجن پيشڪش جي پڻ اوتري اهميت اهي ٻال ساهتيه رچندڙن کي ٻارن جي وندر ۽ انند جو خاص خيال رکڻو ته گڏوگڏ ٻارن کي نيڪ سکيا ڏنل هجي، تنهن لاء بلواڻي صاحب جو چوڻ آهي:
    "ڪنهن زماني ۾ ٻارن جي آکاڻين جي اخر ۾ سکيا ڏيڻ ضروري سمجهو ويندو هو پر هاڻي سکيا جهڙي عناصر ۾ ڦيڙو ايل اهي. هاڻي سکيا سڌي نه پر اڻ سڌيء نموني تي زور ڏنو ويو اهي. سکيا اڻ سڌي نموني به ڪو علط نه اهي. ٻال پاٺڪ کي به ائين نه لڳڻ گهرجي ته ليکڪ سکيا ڏيڻ چاهي ٿو".

    ***بابا ٻيون - ٻال منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا

    باب ٻئين ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ٻال ساهتيه جو وڪاس جو مختصر حوال ڏيندي هوندراج بلواڻي ڄاڻائي ٿو

    " ٻال ساهتيه تمام اڳاٽو آهي در اصل جڏهن ماءُ ٻار کي لولي ڏئي ٿي جڏهن ٻار کي ڏاڏي ناني ڪهاڻي ٻڌائي ٿي جيڪو ٻال ساهتيه جو هڪ اهم حصو ئي آهي جيڪو زباني روپ ۾ موجود اهي "
    ٻال ساهتيه لکڻ جي شروعات ليک ڪتاب رسالا ترجمو اصلوڪا تنهن جو سمورو مختصر ۾ احوالن سان احوال ڏيندي سنڌي ساهتيه جي ٻال ساهتيه جي ڇپيل روپ ۾ پهرين آکاڻي جو ذڪر ڊاڪتر بلواڻي هيئن ٿو ڪري:

    "ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر 1849 ۾ ديوناگري لپيء ۾ ضميمي طور پهرين نثري آکاڻي ڇاپي هيٺ آئي.
    منشي اُڌارام ٿانورداس جي لکيل اها اکاڻي مشهور لوڪ ڪٿا تي ٻڌل اکاڻي" راء ڏياچ ۽ سورٺ " جي هئي. اڳتي هلي 1861 ۾ اها اکاڻي ٻين ب ڪن اکاڻين ۾ شامل ڪري منشي اُڌارام ٿانورداس نئين صورتخطيء ۾ ڇاپي هيٺ آندو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي ڪتاب ۾ ٻيون پڻ ڪهاڻيون ڏنل هيون. پر آکاڻي جي رچندڙن جا نالا ڪونه ڏنل هئا.
    مٿي ذڪر ڪيل آکاڻي جو پتو اڳتي هلي پيو ته ان جو ليکڪ منشي اُڌارام هو."
    عربي لپي لکڻ جي شروعات کانپوء پهريون ٻال ساهتيه جو مجموعو "بابنامو" 1853 ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي جي لکيل هو. تنهن کان پوء ٻال ساهتيه ۾ ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيون جن جا ليکڪ ته گڏوگڏ اصلوڪو ٻال ساهتيه شايع ٿيندو رهيو ڪتابن سان رسالا به ڇاپي ۾ آيا. ڪشچند بيوس ٻارن لاء گيت لکيا جيڪي رسالن ۾ شايع ٿيا گلستان، گل ڦلڪشنچند بيوس جي ٻاراڻي ادب، هري دلگير جي ٻاراڻن گيتن، ٻاراڻن ناٽڪن، ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اپاءَ تي جن اديبن پاڻ موکيو تن جي بخوبي ڄاڻ ڏيندي ڪتابن ۽ رسالن جو ذڪر ڪندي ٻال ساهت جي شروعات ۽ وڪاس تي روشني وڌي آهي.
    باب ٻئين جي ٻئي ڀاڳي ۾ ڊاڪٽر بلواڻيء ورهاڱي کان پوء جو سنڌي ٻال ساهتيه مختلف دورن کي ٽن گروپس ۾ ورهايل اهي

    1. پنر رچنا جو دور 1947 کان 1957 تائين
    2- اُميدن جو دور - 1985 کان 1965 تائين
    3. وڪاس جو دور - 1966 کان 1992 تائين

    هتي هڪ حقيقت واضح ڪري ڇڏيان ڊاڪٽر بلواڻي 1992 ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري 1992 ۾ حاصل ڪئي جنهن ڪري وڪاس جو دور 1992 تائين لکيو اٿائين در اصل اهو دور هاڻي پاڻ وڌيڪ زور شور سان هلي رهيو اهي جيڪا ڳاله ليکڪ پاڻ ٿيسز ۾ پڻ درج ڪئي اهي

    "وڪاس جو دور پورو ڪونه ٿيو اهي. اڃا به هلي رهيو اهي"

    ورهاڱي کان پوء معنا 1947 کان 1957 جنهن کي بلواڻي صاحب پنر رچنا جو دور ڪري سڏيو آهي. جنهن لاء بلواڻي جو چوڻ اهي ٻال ساهتيه لاء شروع ۾ تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو پر پوء ڌيري ڌيري ادبين جو ڌيان وڃڻ لڳو. حالانڪ شروعات ۾ نراسائي نصيب ٿي پر پوء ڌيري ڌيري ٻال ساهتيه تي پڻ قلم ازمائي ٿيندي رهي هن دور جا خاص ليکڪ ديچند بيلاڻي پرڀداس برهمچاري گڏجي اتهاسي آکاڻيون 1956 ۾ ڄيٺانند لعلواڻي پنهنجي "ڀارت جيون ساهتيه منڊل" طرفان ڪجه ڪتاب ڇپايا.
    هن دور جا ڪتاب اجمير مان چالاڪ پنڊت 1949 پارومل ڪيولراماڻي 1948 ڌاري سنڌ مان اڳ نڪرندڙ رسالو گلستان ممبئي مان نئين سر شروع پر ڀارت ۾ اهو رسالو ايترو ڪون هليو. ڄيٺانند لعلواڻيء به سنڌ وارو ڦولستان رسالو اجمير مان شروع ڪيو اهو پڻ جلد ٿي ويو اجمير مان پارومل ڪيولراماڻيء 1949 ۾ وير ٻالڪ رسالو شروع ڪيو اهو به گهڻو وقت نه هليو.
    هن دور ۾ تمام گهٽ ٻال ساهتيه تي ڪتاب نڪتا رسالا ڪتابن جي تعداد چڱا رهيا پر ساڳئي جلدي بند ٿيا.
    59 صفعي کان 61 صفي تائين ٻال گيتن جي ڪتابن جو خاڪو ڏنل اهي حالانڪ تنهن ۾ ڪيترا ئي اديب اهن جنهن هن صنف تي قلم هلايو اهي. پر پوء به سڀني اديبن کان وڌ ۾ وڌ ڪتابن جو انداز هوندراج بلواڻي صاحب جو ئي آهي.
    ۽ خاڪي جي پڇاڙيء ۾ خاڪي جي سمجهاڻي پڻ بهترين ڌنگ سان ڏنل اهي. ٻئين دور ۾ ٻال ساهتيه طرف ڪافي خاصو ڌيان ڏنو ويو هن دور ۾ ڪافي ٻال ساهتيه وڌيو
    پر بلواڻي جي ٿيسز تي سرسري نظر وجهجي ته سنڌي ٻال ساهتيه جو پهريون ناول ورهاڱي کان اڳ چاهي پوء موهن ڪلپنا جو سرڳ جي ڳولها 1985 شايع ٿيو ۽ پهريون سئر سفر جو ٻال ڪتاب ڀارت درشن 1961 ۾ ٻن ڀاڳن ۾ شايع ٿيو.
    ٻال گيت ۽ ڪهاڻين جا رچيندڙ گورڌن ڀارتي، پرسرام ضيا، هري درياڻي دلگير، ديپچند بيلاڻي، گهنشيام تلريجا سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ڪٺو ڪري ڪتاب 1963 ۾ اڇا ڪانو عنوان سان پڌرو ڪيو.
    ڏٺو وڃي غور طلب عورتن جي ڏس ۾ ٻال ساهتيه جي رچيتا پهرين عورت ڪلا پرڪاش اهي جنهن 1963 ۾ ممتا جون لهرون عنوان سان ڪتاب شايع ممتا ڀري ماءُ جو جلوو پسائيندي ماءُ قرباني جي ديوي سرروپ جو ديدار ڪرايو.
    وڪاس جي ٽئين دور بابت بلواڻي صاحب ليکڪن ڪتابن ۽ رسالن جي حوالن سان ڏيکاريو آهي.
    هن دور ۾ ٻال ساهتيه جي هر صنف وڌي وجهي ڪتابن رسالن جو تعداد وڌيو معيار جي خيال کان ٻه قدم اڳتي وڌيا جيڪو هي وڪاس جو دور اڃان جاري اهي.

    *** - ٻال گيت

    باب ٽئين جي پهرين ڀاڱي ۾ ۾ ليکڪ ٻال گيتن جي وياکيا ڪندي سٺي ٻال گيت جا گڻ پيش ڪندي ڪجه پنهنجا دلڪش ۽ سهڻي انداز ۾ احوالا صلاحون ميسر ڪندي هڪ سهڻو خاڪو تيار ڪيو ۽ خاڪي جي تز سمجهاڻي ڏني اهي جڏهن خاڪي تي سرسري نظر وجهجي ته ٻال گيت جي رچيتا هڪ ئي ليکڪا اهي جيڪا آهي ڪلا پرڪاش.
    باب ٽئين جي ٻئين ڀاڳي ۾ بلواڻي صاحب ٻال گيتن تي سرسري روشني وجهندي هندي ليکڪن جي احوالن جي اڌار تي ته ڪجه پنهنجي سوجه ٻوجه سان 19 قسم ٻڌائيندي وري انهن جي بهترين ڍنگ سان هرهڪ جي سمجهاڻي ڏني آهي ۽ تنهن کانسواء ٻال گيتن جي شئلي ۽ باب جي اخر ۾ ڪي جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ڪيون آهن.

    *** ٻال ڪهاڻيون

    بابا چوٿون - ٻال ڪهاڻي جا عناصر، موضوع يا وشيه وستو

    گفتگو، پاتر سرشتي، ماحول، شئلي، ڀاشا، ۽ ٻيو اهم ڳالهايون سمجهايون آهن.

    ٻال ڪهاڻيء ۾ فئنسٽي

    ٻال ڪهاڻيء ۾ جملن جو دهراءُ ٻال ڪهاڻيء جو سرو جي اهميت ۽ ضرورت سمجهائيندي اصلوڪيون سنڌي ٻال ڪهاڻيء جو خاڪي ڏيندي سمپادڪ ڪيل ٻال ڪتابن جو خاڪو ڏيندي جدا جدا مجموعن ۾ شايع ٿيل ٻال ڪهاڻيون جا خاڪا ڏنا اهن ۽ هرهڪ خاڪي جي سمجهاڻي ڏيندي ٻال ڪهاڻي جا 13 قسم بيان ڪندي هرهڪ قسم تي سرسري روشني وجهندي ٻال ڪهاڻيء جي قسمن جا خاڪا جوڙيا آهن. ۽ باب جي آخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ڪيون آھن.

    *** - ٻال ناول

    بابا پنجون ۾ ٻال ناول جا ٻه مکيه جزا موضوع ۽ ڪردارنگاري سمجهائيندي ٻال ناولن جو خاڪو ڏيندي خاڪي جي سمجهاڻي ڏئي ٻال ناول جي خيال کان ناول جا پنج قسم سمجهاڻي سان پيش ڪندي ڪجه ناولن جا ٽڪرا ڏيندي باب جي آخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ڪيون آهن.

    *** ٻال ناٽڪ

    ٻال ناٽڪ جا عناصر موضوع، گفتگو، پاتر، ڀاشا شئلي، سمجهائيندي سنڌي ٻال ناٽڪ جي ڪتابن جو خاڪو خاڪي جي سمجهاڻي ۽ جدا جدا رسالن ۾ ڇپيل ناٽڪن جو خاڪو، ٻال ناٽڪن جا ست قسم، وڏا ناٽڪ ۽ ريڊيو ناٽڪ سمجهائيندي ريڊيو تان پرسارت ٿيل ٻال ناٽڪن جو خاڪو سمجهاني ڏيندي باب جي اخر ۾ ٻال ناٽڪ تي ڪجه اهم ۽ ضروري ڪي نوٽس ڏنا اهن.

    *** "ٻال ساهتيه جون ٻيون صنفون"

    جيوني، آتم ڪٿا ۽ جيون چرتر جون جهلڪيون پسائيندي جيوني ساهتيه جو خاڪو جوڙيندي خاڪي جي سمجهاڻي سان ڪجه مثال ۽ حوالا پيش ڪيا اهن. گيان وگيان جي ڪتابن جي وچور جو خاڪو پڻ سمجهاڻي ڏيندي ٽوٽڪن ۽ چٽڪلن جي ڪتابن جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنو آهي.

    ***"ٻارن لاء رسالا"

    باب اٺين ۾ ٻارن جا رسالن جي اهميت ٻڌائيندي ٻال رسالي جو خاڪي سمجهاڻي سان ڀن ڀن رسالن تي سرسري روشني وجهندي اخبارن ۽ مخزنن ۾ ٻال وڀاڳن جا خاڪي ۾ تفصيل جوڙيندي اخبارن ۽ مخزنن جا خاص انڪ بيان ڪندي اسڪولي مخزن جي وچور جو خاڪو جوڙيندي پڇاڙيء ۾ ڪي حقيقتون ۽ جاچنائون پيش ڪيون اهن.

    ***"ٻال ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءُ.

    بابا نائون ۾ ٻال ساهتيه جو وڪاس ۾ چوڏس ڦهلاءُ جا ذريعا ۽ سنسٿائون جو يوگدان آڪاشواڻي، دوردرشن، اڊيو ويڊيو ڪئسيٽس، سرڪاري ادارن تان ٻارن لاء هيل تائين ڪهڙا پروگرام پيش ڪيا ويا اهن ۽ گڏوگڏ خاڪو تيار ڪندي غير سرڪاري سنسٿائن تي روشني وجهندي تنهن ۾ بلواڻي جون ڪجه گهربل نيڪ صلاح سان ڏيندي ميڊيا ذريعي ٻال ساهتيه جي وڪاس لاء گهربل انتظامن تي بڌايو آهي.

    *** ترجمو ٿيل ساهتيه

    بابا ڏهون ترجمو ٿيل ٻال ساهتيه کي سميٽيندي خاڪو تيار ڪندي 1947 کان 1992 تائين ڪتابن جو انگ اکر ۽ وري ترجمو ٿيل ڪتابن جي صنفن انوسار انگ اکر هندي انگريزي گجراتي وديشي ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتابن جا پڻ انگ اکر جوڙيندي نتيجا ٻڌايا آهن.

    *** - ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه

    باب يارهون ۾ ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه مختصر احوال ڏيندي ٻال ساهتيه جي هر صنف تي لکنديحالانڪ ڪجه ئي صفن ۾ گاگر ۾ ساگر سميٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪامياب قدم رهيو اهي.

    ٻارهون ڪن مخصوص جي مدنظر

    باب ٻارهون ڪن مخصوص نُڪتن جي مدنظر سنڌي ٻال ساهتيه ۽ تاثرات ۾ حاصلاتون ۽ محدودگيون لاء بلواڻي جو رايو سموري هندستان ۾ ڪو هڪ به پبلشر ڪونه اهي جيڪو صرف ٻارن لاء ڪتاب ڇپائيندو هجي.
    ڀارت ۾ سرڪاري ادارا جهڙوڪ نئشنل بوڪ ٽرسٽ پبلڪيشن ڊويزن آهن. مشهور خانگي ٽرسٽ چلڊرينس بوڪ ٽرسٽ اهن جيڪي ٻين ٻولين جو بال ساهتيه ته شايع ڪن ٿا پر افسوس اهڙي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي ڪونه شماريو ويو آهي. ڊاڪٽر بلواڻي ٻال ساهتيه ۾ تنقيد تي زور ڏيندي بلواڻي جو رايو تنقيد نه هئڻ سبب ٻال ساهتيه جي وڪاس ۾ رڪاوٽ جو باعث اهي جنهن استٿي مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي.
    ۽ آخر ۾ ساڳئي ڳاله سنڌين جي وڪاس ۾ جيڪا وڏي رڪاوٽ اچي سا اهم آهي پنهنجي زمين نه هجن سبب اسين سنڌي الائي جو اڃان ڪيترا سال ڀوڳينداسين شل سرڪار کي ڪا مت اچي.
    ٿيسز جي پڇاڙيء ۾ مددي ڪتاب سنڌي هندي گجراتي ۽ انگريزي ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي.
    هي مقالو پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيو ته هي ٿيسز سنڌي ٻال ساهتيه جو اتهاسڪ دستاويز آهي سنڌ هند ۾ اهڙو تحقيقي مقالو اڻلڀ آهي. هي ڪتاب ساهتڪارن کي کوجناڪاريه جي ڪم ۾ وڏي هٿي ڏيندو.
    ڊاڪٽر بلواڻي کي مڻين مبارڪون جو اهڙو شاهي ٻال ساهتيه جو گرنٿ شايع ڪندي، سنڌي ساهت جي ٻال ساهتيه سان وڏا وڙ ڪيا اٿائين.
    خدا ڪندو شل ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي وڏي اورجا ۽ صحيتمند عمر ماڻيندو.

    ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جي ساهتڪ پونجي ۽ عهدا انعام سنمان جي فهرست تمام تمام وشال آهي ڊاڪٽر بلواڻيء جا هيل تائين 175 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 31 وڏن انعامن سان کيس نوازيو ويو آهي. پر مقالي جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي آنءُ هت ڊاڪٽر بلواڻيء جي خاص انعامن ۽ ڪتابن جو ئي ذڪر ڪريان ٿي:

    ***"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء کي عطا ٿيل عهدا مان سنمان ۽ انعام"

    *احمدآباد گجرات سرڪار جي ڪنزيومر ڪورٽ جي پينل جو اڳوڻو جج طور تسليم ٿيل
    *شري وديا گرو فائونڊيشن ۾ ڪو آرڊينيٽر طور عهدو ماڻيل
    * مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جو ميمبر
    *گجرات ساهت اڪاڊمي، گانڌي نگر - ساهتيه گورو انعام
    *مرڪزي ساهت اڪاڊمي طرفان اوارڊ
    *راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد طرفان ٻه دفعا انعام
    *سوويٽ لئنڊ نهرو اوارڊ
    *نئشنل اوارڊ ٽي انعام ٻال ساهتيه لاء
    *اين. سي. آر. ٽي جا ٽي انعام
    *ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊلٽ ايڊيوڪيشن پاران انعام
    *هنديء ۾ يوگدان لاء هندي سنسٿا ساهتيه منڊل طرفان
    " هندي ڀاشا ڀوشڻ " جو اوارڊ
    * پاڻييپت جي جيمني اڪاڊميء پاران "سمپادڪ رتن" اوارڊ
    *اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان انعام
    *گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميء پاران انعام
    *سوشل ويلفيئر وزرات پاران انعام
    * هندي ٻال ساهتيه جي بهترين يوگدان لاء
    "ٻال ساهتيه سارسوت" سنمان
    ۽ ٻيا ڪيترائي عهدا مان سنمان انعام عطا ٿيل

    ***"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جي ٻال ساهت جا اصلوڪا مجموعا"

    جادونگري 1967
    تارن ڀري رات 1967
    بنسري 1967
    هيرا موتي 1967
    برف جو پتلو 1967
    ٻه راجڪمار 1967
    ڏهين جو نوٽ 1968
    هڪڙو هو راجڪمار ٻه ڇاپا 1968،1977
    راجوء جي ٽوپي 1968
    دنيا رنگبرنگي 1969
    سليون پروليون وٺون انعام 1969
    ٽي گپوري 1969
    کل گهڻو جيءُ گهڻو 1969
    ٽهڪن جي برسات 1969
    ڪاڪو ڪوڏومل 1969
    پپوء جو پيارو موتي 1970
    جادوء جو ڪٽورو 1970
    چرچا مهاپرشن جا 1971
    پالش وارو 1971
    سونا پري 1975
    چهر بهر چٽڻي 1975
    گول گپا 1976
    کٽا مٺا گول گپا1976
    ٽي باندر 1976
    بيربل جو ڀاءُ 1976
    عيسپ جون آکاڻيون 1977
    کٽمٺڙا 1977
    ٽهڪ ئي ٽهڪ 1977
    کل ته سهين 1977
    جادوء جي بوتل1977
    ڏياريء جو ڏيئو 1978
    جهرڪي ۽ آکيرو 1978
    ننڍو سفيد ماڻهون 1978
    مامي جون مڇون 1978
    ٽي سونا وارا 1978
    ستن سالن جي ڇوڪري 1978
    چمتڪاري گهوڙو 1978
    ڌنار جي ڌيء 1978
    صوف جي ڪهاڻي 1978
    جادوئي ڪُمي 1978
    ڏياريء جو ڏيئو 1978
    ٽهڪن لاء ٽول 1979
    دنيا جون بهترين ٻال ڪهاڻيون 1979
    گلستان جا ٻال گيت ۽ ٻال ڪهاڻيون 1997
    گلڙا گلستان جا 1997
    سنڌ جي سوکڙي 1979
    سوني جهرڪي ۽ ڏيڏر1979
    بيوقوف سهو 1980
    انمول موتي 1982
    گيان جو خزانو 1982
    چوٿون باندر 1983
    شاهوڪار ڪوئو 1983
    ساڌو راجا 1984
    بجرنگ بلي 1984
    چونڊ سنڌي ٻال ڪهاڻيون 1984
    مرگارام ۽ طوطارام 1985
    ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي 1985
    ٻارن جو گجو ڀائي 1986
    پنهنجي نگري پياري 1987
    چرٻٽ راجا 1987
    پراُپڪاري پمون 1988
    ارچڪ مرچڪ 1989
    نئين ناني 1990
    ٻارن جون لوڪ رانديون 1992
    قدرت جي گود ۾ 1993
    سياڻا سمجهو ٻارڙا 1994
    ڇو منتر 1995
    ٽنگ جيڏو ڇوڪر 1996
    ٻارن جا لوڪ گيت ديوناگري 1997
    ماستر موڪل تي 1997
    ڪرامتي مشين 1998
    رنگ رنگيلي محفل 1998
    ڪرامتي مشين 1998
    ٻارن جون لوڪ رانديون ديوناگري 1998
    رنگ رنگيلي محفل 1998
    گول مٽول ٻه ڇاپا 2002،2003
    گوپو ۽ ٽوپوء جي جوڙي 2008
    نئون نرالو جنگهل 2009
    ايسرداس جو اسڪوٽر 2010
    آکاڻين جو دڪان 2012

    ***"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي ساهتڪ پونجي"

    *سيتارام جي دنيا 1965
    *ديش پڪاري ٿو.... سال 1966
    *هوء روئي ويٺي 1966
    *هڪ مرڪ ٻه لڙڪ.سال 1967
    *سس ته منهنجي 1969
    *فلمي گائيڊ 1971
    *خوني ٽارچ 1971
    *ئمپايئر سنيما ۾ خون 1975
    *ٻال ساهت ۽ سنڌيء ۾ اُنجي ضرورت 1979
    *هڪ سون جو رپيو 1979
    *ڇٽو ماڻهو 1980
    *قيد ٿيل روشنيء جا ٽڪرا 1980
    *مني ڪهاڻيون 1981
    *سکي سنسار 1981
    *گرم ماس جا سوداگر 1982
    *ٻال ساهت جو وڪاس 1986
    *درٻاري 1987
    *ادبي جائزو 1987
    *دريء مان 1987
    *اُمنگ ٻارن جو ٿئيٽر 1988
    *زندگيء جا عڪس 1989
    *ارد گرد 1996
    *ساڳيو شهر 1999
    *جهنگل 1999
    *اکر ڀوري 2003
    *سنڌي ٻال ساهت 2005 2007
    *ارادن جي آڏو 2009
    *پرينء ۾ 2012
    *زندگيء جو هڪ هڪ پل 2013

    ***"هوندراج بلواڻيء جا ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتاب"

    *جگر جو ٽڪر 1967
    برف جو پتلو 1967
    ٻه راجڪمار 1967
    راجوء جي ٽوپي 1968
    دنيا رنگبرنگي 1969
    ڪمري جو ٽي بي مريض 1980
    شرابي نگاهون 1980
    هوء بيوفا هئي 1980
    مني ڪهاڻيون 1981
    پنهنجو پرائو درد 1982
    ناٽڪ ۾ ناٽڪ 1998
    منهنجا من ڪبوتر 1998
    ميران ياگڪيه جي دائري 2001
    ڪرم جو سڌانت 2010

    ***"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي ٻال ساهت جي ترجمي جا مجوعا"

    سنجون ڪيئن سڌريو 1966
    وير ناريون 1966
    نيڪ نيگر 1966
    چو چو چاچو 1968
    ست جادوگر 1969
    آڪاشي ڪوئو 1969
    راجا جي بلبل 1975
    نانيء جي عجيب ڪرسي 1975
    راجڪماري سپٽمبر 1977
    ٽوم هڪ ڇوڪرو هو 1977
    گلن جي ٽوڪري 1979
    هڪ گناهه معاف 1981
    گجراتي ساهت جا چونڊ ٻال گيت 1982
    ڪارو ڪانو ۽ ڀورو گڏهه1985
    گجراتي ساهت جا چونڊ ٻال ناٽڪ 1984
    ستن رنگن جا سپنا 2011
    گلڙن جا گيت 2011
    پياري ششو گيت 2011
    آکرين پکي 2012
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو