معيشت جي ميثاق طرف اڳڀرائي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪ جي هاڻوڪي معاشي بي يقنيني ۽ سياسي چٽا ڀيٽيء جو آخر ڪار حل اهو ڳولهي لڌو ويو آهي ته ميثاق معيشت جي نالي ۾ حڪومت ۽ ٻن اهم مخالف جماعتن جي احتساب ۾ ڦاٿل قيادت جي وچ ۾ هڪڙو” باعزت“ معاهدو ٿئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ڪجهه ”ساک“ به بچي ۽ ٻنهي جي هڪ ٻئي مان جان به ڇٽي پوي.حڪومت ۽ انهن مخالف پارٽين جي قيادت جي جھيڙي جو مثال ايئن آهي جيئن ٻه همراهه درياء جي ڪناري سير سفر ڪري رهيا هئا ته هڪ همراه کي ڪو ڪمبل درياء ۾ ترندي محسوس ٿيو،همراهه هو لالچي سو بنان دير جي ڪمبڪل حاصل ڪرڻ لاء درياء ۾ گھڙي پيو.جڏهن هو ڪمبل جي ويجھو ويو ته خوف وچان سندس رنگ پيلو ٿي ويو جو اهو اصل ۾ ڪمبل نه پر هڪ رڇ هو جنهن کي سخت سرديء بي حال ڪري رکيو هو ۽ منجهس ايتري پهچ نه رهي هئي جو تري ڪناري تي پهچي سگهي.همراهه جيئن ئي رڇ جي ويجھو ويو ته ٻئي هڪ ٻئي سان ٻکين پئجي ويا،ڪڏهن رڇ هيٺان ته ڪڏهن همراهه هيٺان،مطلب ته جڏهن گھڻي دير بعد به ان ڇڪتاڻ جو ڪو نتيجو نه نڪتو ته جيڪو همراهه ڪناري تي سڄو تماشو ڏسي رهيو هو تنهن رڙ ڪندي پنهنجي دوست کي چيو ته ميان! ڪمبل مان هٿ ڪڍ،اجايو ڪمبل پويان پنهنجو پاڻ کي ٻوڙي نه وجھين! ڦاٿل همراهه نهايت بيوسيء سان جواب ڏنو ته ادا! آئون ته ڪمبل مان هٿ ڪڍڻ لاء تيار آهيان پر ڪمبل به ته مون مان هٿ ڪڍي! سو حڪومت ۽ اپوزيشن جو حال به اهو ئي آهي.هاڻي اهي هڪ ٻئي مان اهڙو ته بيزار ٿي پيا آهن جو ٻنهي جي خواهش آهي ته ڪو هجي جو ٻنهي کي هڪ ٻئي مان هٿ ڪڍرائي.سو هٿ ڪڍرائيندڙن ٻنهي ڌرين تي رحم کائيندي هٿ ڪڍرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اٽڪل اسي سيڪڙو شيون طيء ٿي چڪيون آهن ۽ باقي رهيلن لاء به گھڻو امڪان آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي طيء ٿي وينديون.بس پوء هر طرف سک ۽ چين جي بانسري وڄڻ شروع ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ معاشي خوشحاليء جو ”انقلاب“ اچي ويندو.تجزيا نگارن موجب انهيء معاهدي هيٺ ميان نواز شريف ،آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي سياست هميشه لاء ختم ٿي ويندي ۽ اهي ڪجهه ڏوڪڙ پئسا ڏيئي پرديس ۾ سڪون جي زندگي گذاريندا جڏهن ته مريم نواز ايندڙ چئن سالن تائين سياست ۾ حصو نه وٺندي،ان دوران هوء ملڪ کان ٻاهر ۽ اندر ايندي ويندي رهندي پر حڪومت جي لاء ڪوبه مسئلو پيدا نه ڪندي.شهباز شريف،حمزا شهباز ۽ بلاول ڀٽو سياست ۾ رهندي حڪومت جي فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندا ۽ قانون سازيء ۾ حڪومت جي مدد ڪندا.اهو ٿورو گھڻو گوڙ شور ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت ٿيندي رهندي پر انهيء معاهدي هيٺ هاڻوڪي حڪومت کي رهيل چئن سالن جو عرصو مڪمل ڪرڻ ڏنو ويندو.”ميثاق معيشت “ ڪهڙي ڪيميا آهي جنهن ۾ ملڪ جي سمورن معاشي مشڪلن،مهنگائي ۽ مصيبتن جو حل آهي؟ نه ته اپوزيشن جيڪا انهيء عظيم انعام جي آفر ڪري چڪي آهي اهائي ڪجهه ان بابت ڪي تفصيل ٻڌائي رهي آهي ۽ نه ئي حڪومت جيڪا ان تي وزير اعظم جي رضامندي ظاهر ڪري رهي آهي اها به ڪا وضاحت ڏيڻ لاء تيار آهي ته چئبو ته ڪا ته اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي ماڻهن کان لڪائڻ ضروري سمجھيو پيو وڃي.بهرحال نهايت ئي اعتبار جوڳن ذريعن موجب اپوزيشن جون ٻئي اهم جماعتون حڪومت خلاف ڪا فيصلا ڪندڙ عوامي تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ ناهن ۽ نه ئي پيپلز پارٽي پنهنجي سنڌ حڪومت وڃائڻ گھري ٿي.نواز ليگ جي ڪجهه اڳواڻن کي ڇڏي ڪري انهن جي اڪثريت پنهنجي اسيمبليء جي سيٽ قربان ڪرڻ لاء هرگز تيار ناهي.اهو ضرور آهي ته نواز ليگ ۾ موجود مريم نواز گروپ جيئن ته هن وقت حڪومت کان ٻاهر آهي ان ڪري انهن جي پاليسي مولانا فضل الرحمان جي حڪومت مخالف پاليسيء سان متفق آهي. جيڪي تجزيا نگار شهباز شريف جي بيانيي کي نواز شريف جي بيانيي کان الڳ ڪري پيش ڪري رهيا آهن اهي اهو ٻڌائين ته ڇا ميان شهباز شريف ۾ ايتري جرئت آهي جو ميان نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺڻ سواء ميثاق معيشت جي آفر ڪري سگھي؟سو ٻئي شريف ڀائر انهيء ميثاق جو حصو آهن،رهيو سوال مريم نواز جي سياست جو ته اها شروع کان جن ماڻهن جي وڪڙ ۾ آيل آهي اها اڃا تائين کيس گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ شايد اڃا تائين پوزيشن اها آهي جو ٻئي شريف ڀائر هڪ صفحي تي هئڻ باوجود مريم سامهون بي وس نظر اچن ٿا.البت اهو ضرور آهي ته ميان نواز شريف پنهن جي سياست جي ڪنارا ڪشيء بعد پنهن جي ڌيء کي ئي پنهنجو سياسي جانشين ڏسڻ گھري ٿو ۽ هن کي رڳو ايتري پڪ گھربل آهي ته سندس سياسي رٽائرمينٽ بعد مريم نواز کي پوريء طرح سياست ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر حقيقت ۾ مريم نواز جي ورتل مزاحمتي موقف اسٽيبلشمينٽ لاء کيس في الحال قبول ڪرڻ ۾ وڏيون رنڊڪون وجھي ڇڏيون آهن.انهيء ڪري مريم نواز کي عملي سياست ۾ ترت ڪو ڪردار ملي سگھي مشڪل آهي.26 تاريخ تي ٿيندڙ اي پي سي بعد ئي منجھيل صورتحال ڪجهه واضح ٿي سگھندي جو هن وقت حڪومت سان گڏوگڏ اپوزِيشن پاڻ سخت سياسي مونجھارن جو شڪار آهي ۽ انهن مان هر جماعت جو پنهنجو موقف ۽ پنهنجو بيانيو آهي.مولانا صاحب حڪومت کي هڪ ڏينهن به وڌيڪ ڏيڻ لاء تيار نظر نٿو اچي جو هن مطابق “هم جو نهين هين تو ڪڇ ڀي نهين هي“ جڏهن ته زرداري صاحب نهايت ذميداري ۽ احتياط سان سياسي راند کيڏڻ گھري ٿو ۽ سندس رويي ۾ وڌيڪ لچڪ ڏسي سگھجي ٿي.جڏهن ته ميان نواز شريف هر حالت ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گھري ٿو جڏهن ته ميان شهباز شريف همزا سان گڏ پنهنجو سياسي ۽ مفاهمتي ڪردار اڳتي وڌائڻ گھري ٿو.جڏهن ته مريم نواز پنهنجون سڀ ٻيڙيون ساڙي نه رڳو حڪومت پر رياستي ادارن سان به هر حالت ۾ جھيڙو ڪري پنهنجو سياسي ڪردار متعين ڪرڻ گھري ٿي. اهو معاهدو ٿي ويندو يا وري اپوزيشن يا حڪومت ان کان اوچتو يوٽرن اختيار ڪندي،ڪجهه چئي نٿو سگھجي.ڪهڙي ڌر جي ڪهڙي ڪهڙي خواهش پوري ٿيندي انهيء جو نتيجو ڏسڻ لاء ڪنهن وڏي انتظار جي ضرورت ناهي.ان سموري معاملي ۾ عمران خان ڪٿي بيٺل آهي،سندس مزاحمت دم ٽوڙي چڪي آهي يا اڃا تائين انهيء ئي عروج تي آهي اهو به جلد معلوم ٿي ويندو.البت سياست ۾ هڪڙي ڳالهه طيء ٿيل آهي ته اقدار جي راند ۾ جذبات جي بدران مفادات ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن.
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو