عوام جا مسيحا ۽ ويچارو عوام!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    انهن مان سڀ جا سڀ چون ٿا ته کين عوام جي غم ۾ گراه ئي نڙِيء تان نٿو لهي ۽ قوم جي درد ۾ سندن سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو آهي.انهن مان هڪڙا اهي آهن جيڪي تازو عوام کي تبديليء جو نعرو ڏيئي ۽ احتساب جو چورن وڪڻي اقتدار جي ڪرسيء تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.ٻيا اهي آهن جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪرسين سان چنبڙي اقتدار جا مزا ماڻيندي عوام جي قسمتن جا فيصلا ڪندا رهيا آهن.تبديليء جي دعويدارن کي تخت ۽ تاج سنڀاليندي لڳ ڀڳ سال ٿيڻ وارو آهي پر هيستائين عوام کي رڳو سندن وڏيون وڏيون ڳالهيون، عظيم الشان تقريرون ۽ پرجوش نعرا ئي ٻڌڻ نصيب ٿيا آهن.تبديلي ۽ خوشحاليء جو خواب ته رهيو پنهنجي جڳهه تي پر هنن ته غريبن کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آهي.مهنگائيء اهڙو ته اڌم مچايو آهي جو خدا ڏي پناه!تبديلي اهي ڇا آڻيندا جو انهن مان اڪثر اهي ئي چهرا آهن جيڪي ماضيء جي حڪومتن جو حصو بڻجي سمورن عوام دشمن منصوبن ۽ غريب مار پاليسين ۾ شامل ۽ شريڪ رهيا آهن.”سو ڪوئا کائي ٻلي هلي آ حج ڪرڻ!“ عوام اڄ جنهن ڪسمپرسي ۽ عذاب وارين حالتن مان گذري رهيو آهي انهيء جا اهي به اوترائي ذميدار آهن جيترا ماضيء جا ٻيا حڪمران.ڇا رڳو پارٽي بدلائڻ يا حڪومت جو اتحادي بنجڻ سان انهن جون سموريون سوچون، ذهنيت ۽ رويا به بدلجي ويا آهن؟اهي اهڙا ئي آهن جهڙا اڳ هئا.عام خلق خدا کي ڪيڙا ۽ ماڪوڙا ۽ پنهنجو پاڻ کي زمين جي اتم ۽ اعليٰ مخلوق سمجھڻ وارا.هن وقت سندن ڳالهيون ٻڌو ته چورن کي نه ڇڏينداسين،انهن کي چوڪن ۽ چوراهن تي ڦاهيون ڏينداسين،انهن کي جيل ۾ وجھنداسين ۽ لٽيل پئسو واپس وٺنداسين،هي ڦري ويا،هو لٽي ويا،ملڪي خزاني جو ڏيوالو ڪڍي ويا،معيشت جو خانو خراب ڪري ويا،وغيره وغيره.وري وٽانئن پڇجي ته هيستائين اوهان ڪيو ڇا آهي،ڪيترن کي سزائون مليون آهن،ڪيترن کان واپس وصولي ٿي آهي،ڪيترن جون ملڪيتون ضبط ٿيون آهن ته جواب ۾ ڪجهه به ڪونهي.اصل ۾ اهي احتساب ڪرڻ نه پر عوام کي احتساب جي بتيء پويان لڳائي وقت ٽپائڻ گھرن ٿا.جيڪر اهي واقعي احتساب ڪرڻ ۾ سچا هجن ها ته ان جي شروعات حڪومت ۾ ويٺل انهن وزيرن ۽ مشيرن کان ڪن ها جن تي ڪرپشن ۽ بدعنوانيء جا الزام آهن ۽ جيڪي ماضيء جي حڪومتن ۾ به حڪومتي عهدن تي رهيا آهن.ڪڏهن چون ٿا ته احتساب نيب نه پر اسان ڪري رهيا آهيون ته ڪڏهن چون ٿا ته نيب کي آزاد ۽ خود مختيار ادارو بنايو ويندو،ڪڏهن چون ٿا ته نوان قانون ۽ ڪميشنون ٿا جوڙيون،ڪڏهن جاچ ڪميٽيون ٿيون جڙن ته ڪڏهن وري ميثاق معيشت جو راڳ ٿو آلاپيو وڃي.ڪڏهن ڊاڙون ٿا هڻڻ ته ته ڏوهارين لاء پروڊڪشن آرڊر هرگز جاري نه ڪيا ويندا ته ٻئي ڏينهن جمهوريت جي وسيع تر مفاد ۾ اهي آرڊر به جاري ڪيا وڃن ٿا.ايترا ته ٽاسڪ فورس،ڪميٽيون ۽ ڪميشنون جڙي چڪيون آهن جو ڳڻڻ کان پري آهن.مشيرن ۽ معاونن جو ميلو متو پيو آهي پر نتيجو ٻڙي!وري اوچتو ئي اوچتو سياسي اسڪرين تي اچي اعلان ٿا ڪن ته ڏوهارين کي اين آر او هرگز نه ڏنو ويندو.ڇا پاڪستاني عوام انهن کي اين آر او ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي يا کين ڪير ان اين آر او ڏيڻ لاء مجبور ڪري رهيو آهي؟ اهي عوام سان ڳجھارتن ۾ ئي ڇو ٿا ڳالهائين؟ سڄي ۽ سڌي ڳالهه ماڻهن کي ڇو نٿا ٻڌائين ته ڪير ايڻ آر او گھري رهيو آهي ۽ ڪير انهن کي اين آر او ڏيڻ لاء دٻاء وجھي رهيو آهي؟هاڻي ماڻهو روز روز انهن جو اهي ورجايل ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيا آهن.فلاڻي کي ٻاهرئين ملڪ مان واپس آندو ويندو.فلاڻي جي واپسيء لاء برطانيا سان معاهدو ٿي چڪو آهي،فلاڻي هنڌ فلاڻي جي هيتري ملڪيت آهي.بس اهي ئي قصا ڪهاڻيون ۽ هڪ عجيب تماشو متل آهي. جيڪي ملزم هن وقت ملڪ ۾ اوهان جي اکين سامهون آهن انهن کان هيستائين ڇا وصول ڪري سگھيا آهيو جو هليا آهيو ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو واپس ڪرڻ!سچ اهو آهي ته انهن حڪمرانن ۾ نه ته سچي پچي احتساب جي جرئت آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا نيت.اهي بس ايئن ئي ڦوڪون هڻي، ڳالهين جا ڌماڪا ڪري ،ٻين رياستي ادارن جي ڪاروائين جو ڪريڊٽ کڻي، ماڻهن کي دوکي ۾ رکي پنهنجو وقت پورو ڪرڻ گھرن ٿا.پر ان طريقي سان اهي پنهنجو وقت پورو ڪري نه سگھندا.جيڪر انهن به ملڪ ۾ ڪو سچو پچو انصاف وارو نظام قائم ڪرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي ته عوام انهن کي به کڻي تاريخ جي ڪنهن گند واري ڍير ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيندو ۽ احتساب ته نيٺ ٿيڻو آهي.احتساب هڪ نهايت ئي ڏکيو عمل آهي ۽ اهو انهن جي وس جي ڳالهه ناهي،انهن نااهلن کان ته روزمره جا حڪومتي معاملا ئي نٿا هلن.سندن پنهنجي پارٽي جا اڳواڻ توڙي سندن اتحادي روزانو هڪ ٻئي جي ڄنڍا پٽ مان ئي واندا ناهن.سندن حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه نادان دوستن هوندي کين ٻئي ڪنهن دشمن جي ڪهڙي ضرورت آهي!

    هاڻي اچون ٿا هڪ ٻئي گروهه طرف جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جا مالڪ رهيا آهن ۽ هن مظلوم قوم تي سدائين واري وٽيء سان خدائي عذاب بڻجي ڪڙڪندا رهيا آهن انهن کي هن وقت عوام جا سور سمهڻ نٿا ڏين.سڀ جا سڀ قومي ادارا تباهه ڪيائون،معيشت جو جنازو ڪڍيائون،زراعت جي ستيا ناس ڪري چڪا،تعليم ۽ صحت جي شعبن کي برباد ڪري ويٺا،سڄي دنيا مان نااهل ترين ماڻهو ادارن ۾ ڀرتي ڪري ادارن کي سڪرات ۾ وجھي ويا.قرضن مٿان قرض پر عوام کي بک.بيمارين ۽ بدحالين سواء ٻيو ڇا نصيب ٿيو؟زڪوات ۽ بيت المال جا ڏوڪڙ هضم،مزدورن جي ويلفيئر فنڊ جا پئسا پنهنجن پيٽن ۾،اسڪيمن جون اسڪيمون ميدان تي اچڻ کان اڳ سڄي جون سڄيون ڳوري ويا.ڪمپنين جي راند،هائوسنگ اسڪيمن جو کيل،ڪوڙا بينڪ اڪائونٽ،مني لانڊرنگ ڪري سمورو پئسو ٻاهرين ملڪن ۾ جمع،جعلي دوائون ايستائين جو پوليو جا ڦڙا به نقلي،خدايا! هيء ڪهڙي مخلوق آهي جنهن کي ڪجهه به خدا جو خوف نٿو ٿئي،هي ڪهڙي هوس آهي جنهنجو ڪو انت ئي ناهي.امن امان جي حالت اها ڪيائون جو ڪراچيء جهڙي بين الاقوامي شهر ۾ روزانو ڏهه پندرهن لاش ڪرندا هئا.انهن عظيم ڪارنامن ۽ شاهڪارن سواء سندن سياسي ڪيريئر ۾ ڪجهه ٻيو هجي ته ضرور ٻڌايو.ان سموري عرصي دوران جيڪر ڪو سڌارو آيو ته رڳو ان اشرافيا جي ڪاروبارن ۾ سڌارو آيو ۽ جيڪر ڪا ترقي ٿي ته رڳو سندن بينڪ بيلنس ۽ مالي اثاثن ۽ جائدادن ئي ترقي ڪئي.ٻيو ته ٺهيو پر ايڏي عرصي ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگھيا.خانداني سياست،موروثي اقتدار،نظرين جو موت،اصولن جو جنازو،گڏيل بي حسي ۽ بيدردري،طاقت ۽ دولت جي هوس اها ئي انهن جي سياسي ڪنٽريبيوشن ۽ اها ئي انهن جي نام نهاد جمهوريت آهي. نيٺ وقت جي ڪنهن سنگدل وهڪري کين کڻي عبرت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيو آهي جتي اهي روئي ۽ پٽي به رهيا آهن ته آهون ۽ زاريون به ڪري رهيا آهن.پنهن جي اقتداري دورن جا شاندار ڪارناما به بيان ڪري رهيا آهن ته ساڳئي وقت دڙڪا ۽ ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن.عوامي درد ۾ دانهون به ڪري رهيا آهن ۽ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان پنهنجون آڱريون به چٻاڙي رهيا آهن.سندن وقعت اها جو مٿان ايندڙ رڳو هڪڙي ميسيج تي اسيمبلين ۾ سمورو گوڙ شور ڇڏي سٺا ٻار بڻجي ويهن ٿا.تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهي پنهنجو پاڻ کي بيوس ۽ اڻ لاڳاپيل محسوس ڪري رهيا آهن.اقتدار،دولت ۽ طاقت جي نشي ۾ مدهوش ٿي عوام تي ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرائيندڙ اها مخلوق هن وقت پاڻ جڏهن حالتن جي جبر ۽ وقت جي ورتاء جو شڪار بڻي آهي ته کين پتو لڳو آهي ته محرومين جو احساس ڪيئن نه جان ڳاريندڙ آهي!هاڻي اهي مزاحمت جا علمبردار به آهن ته عوامي حقن جا محافظ به بڻيل نظر اچن ٿا.جمهوريت جا چيمپين به ٿي پيا آهن ته نظرين ۽ اصولن جا امين پڻ! اهي سڀ هاڻي نظرياتي بڻجي ويا آهن.حبيب جالب ۽ فيض احمد فيض جا گيت جھونگاريندي نظر اچن ٿا .سندن مطالبو آهي ته پويون حساب ڪتاب بند ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي،جيڪا به ماضيء ۾ ڦرلٽ ٿي اهو کاتو ختم ڪري نئون اڪائونٽ کولڻ گھرجي.سندن نظر ۾ نه ته احتسابي ادار درست آهن ۽ نه ئي عدالتون انصاف ڪري رهيون آهن.سندن چوڻ آهي ته سندن خلاف سياسي طور تي انتقامي ڪاروائيون ٿي رهيون آهن،سندن ڪردار ڪشي ڪئي پيئي وڃي،سندن شاندار ڪارنامن ۽ عظيم خدمتن جو قدر نه پيو ڪيو وڃي.کين هروڀرو بدنام ڪيو پيو وڃي.هو چون ٿا ته پهرين ڪو ثابت ته ڪري ڏيکاري ته اسان چوري ڪئي آهي.اهو ثابت ڪرڻ واقعي ڏکيو آهي جو انهن جيڪي ڪجهه به ڪيو سو اهڙي ته چالاڪي ۽ هٿ جي صفائيء سان ڪيو آهي جو جاچ ادارن کي انهيء کر پير لهڻ لاء صدين جي محنت درڪار ٿيندي پراهي هڪڙي ڳالهه وساري ٿا ويهن ته هن دنيا ۾ هڪڙو ڪائناتي اڻ ٽر قانون به آهي جيڪو فطرت جي ابدي اصولن هيٺ ڪم ڪري ٿو،انهيء قانون موجب هر چڙهندر سج جي نصيب ۾ لهڻ ۽ هر عروج کي هڪ زوال آهي ۽ فطرت جي ان قانون کي ڪنهن جي خواهشن هيٺ تبديل ڪري نٿو سگھجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو