ماضيء جو آئينو؛ ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪجهه اڳواڻن جو انجام!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    22 فيبروري 1974ع تي لاهور ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي هئي جنهن ۾ مسلمان دنيا جا سمورا اڳواڻ شريڪ هئا.ان ڏينهن شهرجو عجيب شان هو. دنيا جو هڪ عظيم سياسي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو ان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.اجلاس ۾ مسلمان دنيا جون سموريون قداور شخصيتون شريڪ هيون.ان وقت انهن کي اندازو نه هو ته انهن سان اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي.ڪجهه سالن بعد انهن مان ڪيترن ئي جي متعلق ڪجهه ڏکائتيون خبرون ميڊيا جون سرخيون بڻجڻيون هيون.ان جي شروعات سعودي عرب جي شاهه فيصل کان ٿي.25 مارچ 1975ع تي يعني ان اجلاس کان رڳو هڪ سال پوء شاه فيصل ڪوويت کان آيل هڪ وفد جي مهماني ڪري رهيو هو جنهن ۾ هن جو هڪ ويڳو ڀاء به موجود هو.هو شاه فيصل جي هڪ ٻئي ويڳي ڀاء شهزادي خالد بن مسيد جو ڀاء هو.فيصل بن مسيد گذريل ڪيترن سالن .ان آمريڪا۾ رهي رهيو هو.انهيء ڏينهن هو شاه جي محل ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ جيئن ئي شاه فيصل پنهن جي ويڳي ڀاء کي چمي ڏيڻ لاء اڳتي وڌيو ته فيصل بن مصيد پنهنجي کيسي مان پستول ڪڍيو ۽ ٽرگر دٻائي ڇڏيو.هڪڙي گولي شاه فيصل جي کاڏيء ۾ لڳي جڏهن ته ٻي سندس ڪن ۾.شاه فيصل کي اسپتال نيو ويو پر سندس زندگي بچي نه سگھي.اهو سمجھيو وڃي ٿو ته فيصل بن مسيد پنهن جي ڀاء خالد بن مسيد جو بدلو وٺڻ لاء شاه فيصل کي قتل ڪيو جنهن کي 1966ع ۾ شاه فيصل خلاف احتجاج دوران هڪ پوليس آفيسر قتل ڪري ڇڏيو هو.قاتل کي 18 جون 1975ع تي سر عام موت جي سزا ڏني ويئي.

    شاه فيصل جي شهادت کان رڳو پنجن مهينن کان به گھٽ عرصي ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کي سندس فوج طرفان قتل ڪيو ويو.مجيب 1974ع ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم جي رڪنيت لاء درخواست ڏني هئي ۽ هو ساڳئي سال لاهور ۾ ٿيندڙ سربراهي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو.هن جي ان دوري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ موجود ڇڪتاڻ کي گھڻو ٿڌو ڪيو هو. 15 آگسٽ 1975ع تي ڪجهه فوجي سپاهي شيخ مجيب جي صدارتي محل ۾ داخل ٿيا ۽ کيس سندس ڪٽنب سميت قتل ڪيو ويو. شيخ مجيب جي ڪٽنب مان رڳو شيخ حسينا واجد ۽ سندس ڀيڻ شيخ ريحانا موت کان ان ڪري بچي ويون جو اهي ان وقت جرمنيء ۾ هيون.اها بغاوت ڪجهه فوجي آفيسرن ۽ شيخ مجيب جي عوامي ليگ جي ڪجهه ساٿين گڏجي سٽي هئي.عام طور تي اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته اها سازش امريڪي انٽيليجنس اداري سي آئي اي ترتيب ڏني هئي.

    اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو.هن جي سفارتي صلاحتين جي نتيجي ۾ ئي پوري دنيا جا مسلمان حڪمران ۽ اڳواڻ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.پاڪستان ان وقت 1971ع ۾ ڀارت کان شڪست کائڻ ۽ بنگلاديش جي سانحي بعد پنهنجن پيرن تي ٻيهر بيهڻ جي جدوجهد ڪري رهيو هو.اها ڀٽي جي وڏي ڪاميابي هئي جو هن هڪ دفعو وري دنيا کي پاڪستان طرف متوجه ڪيو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جي فضا قائم ڪئي.ان طريقي سان هن دنيا ۾ پاڪستان جي اڪيلائي ختم ڪئي پر شيون سدائين وڻندڙ نٿيون رهن.1977ع ۾ ڀٽي جي پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊون کٽيون.نون جماعتن جي حڪومت مخالف اتحاد چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هنيا ۽ حڪومت مخالف تحريڪ 5 جولائي 1977ع تي جنرل ضياء الحق جي مارشل لا تي ختم ٿي.ضيا حڪومت محمد علي قصوريء جي قتل ڪيس ۾ ڀٽي جو عدالتي ٽرائيل ڪرايو.عدالت ڀٽي خلاف فيصلو ڏيندي کيس موت جي سزا ڏني ۽ هن کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاسي ڏني ويئي.عدالتي بينچ جي هڪ ميمبر جسٽس نسيم حسن شاه بعد ۾ تسليم ڪيو ته ڀٽي جو قتل هڪ عدالتي قتل هو.

    مصر جو انور سادات هڪ ٻيو مسلمان اڳواڻ هو جيڪو لاهور واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو ان کي هڪ فوجي پريڊ دوران اسلامي جهاد گروپ جي خالد اسلمبولي قتل ڪري ڇڏيو،اسلمبولي مصري فوج ۾ ليفيٽنٽ هو.سادات کي مارڻ جي فتويٰ هڪ نابين مذهبي عالم عمر عبد الرحمان کان حاصل ڪئي ويئي جيڪو گھڻي وقت تائين آمريڪا ۾ رهيو هو،جيڪو 18 فيبروري 2017ع تي ڪيرولينا ۾ گذاري ويو.

    ياسر عرفات فلسطين لبريشن آرمي جو چيئرمين هو.هو پڻ 1974ع واري لاهور جي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ هو.اسرائيل فلسطين تڪرار ۾ نهايت ئي اهم ۽ موثر ڪردار ياسر عرفات کي مبينا طور تي 2004ع ۾ اسرائيلي جاسوس اداري زهر ڏيئي ماري ڇڏيو.توڙي جو اهو موضوع اڃا وڏي بحث جو سبب آهي ته هن جي موت جو اصل سبب ڇا هو،پر اهو علمي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو ته توڙي جو فلسطيني اڳواڻ جي رت ۾ ايڇ آئي وي جراثيم موجود هو پر سندس موت جو سبب زهر بڻيو.

    ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن مان معمر قذافي وڏن عالمي اڳواڻن مان آخري اڳواڻ هو جن کي قتل ٿيڻو هو. 20 آڪٽوبر 2011ع تي لبيا جي صدر ڪرنل معمر قذافي جنهن سيپٽيمبر 1969ع ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي ملڪ جون واڳن سنڀاليون هيون تنهن کي باغين گٽر جي هڪ پائيپ مان ڳولهي لڌو جنهن ۾ هو نيٽو جي بمباريء کان بچڻ لاء لڪيل هو.لبيا ۾ گھرو ويڙه ۽ طرابلس تي قبضي بعد قذافي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڊڪندو رهيو.ان ڏينهن هو جيرف وادي ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جو نيٽو بمبارن سندس قافلي کي نشانو بنايو.هن گٽر جي هڪ پائيپ ۾ پناهه ورتي ۽ سندس محافظ باغين سان وڙهندا رهيا.هن کي اڳ ۾ ئي بمباريء دوران مٿي ۾ زخم آيا هئا.قذافيء کي قتل ڪيو ويو ۽ پوء سندس لاش گھٽين ۾ گهليو ويو.



    .

    ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو