اچو ته ڪتابن سان محبت ڪريون...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ

    جڏهن ڪتابن جي دنيا ۾ انسان گم ٿي ويندو آهي ته ان کي ڪتابن جي ذريعي الائي ڪيترا سال ياد ڪيو ويندو آهي، جيڪا ان جي زنده هجڻ جي نشاني آهي، ڪڏهن به ڪنھن ڪتاب کي پڙهڻ جي لاءِ کوليو ويندو آهي ته سڀ کان پهرين ان جي لکندڙ (ليکڪ) جي نالي کي پڙهيو ويندو آهي، اهڙي طرح جي مدرسن جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته جڏهن به نئون سال شروع ٿيندو آهي ته شاگردن کي ڪتاب جي مصنف جي سوانح حيات ياد ڪرائي ويندي آهي ڪتاب يقين هڪ وجود رکندڙ شيون آهن جن کي مصنفن، ليکڪن، مولفن وڏي ڪوشش سان تيار ڪري اسان جي لاءِ ڇڏي ويا آهن هاڻي اسان جي مٿان به لازم آهي ته انهن جي ڪيل محنتن سان محبت ڪيو جيڪا انهن جي روحن جي لاءِ راحت بخش آهي. اڄ جي هن دجالي دور ۾ ڪتابن سان دل لڳائڻ هڪ مشڪل ترين ڪم آهي، ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ، انهن جي سنڀال ڪرڻ، انهن کي ٽائيم ڏيڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي پر اهي ماڻهو به دنيا جي خطي ۾ پيا آهن جيڪي ڪتابن کي پڙهندي رات جو اهم پل به گذاري ڇڏيندا آهن. ڪتابن سان عشق رکندا آهن ته ڪي وري پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ ڪتابن سان محبت رکي ڪري انهن کي پنهنجي سيني تي رکي ڪري دنيا وارن جي لاءِ پنهنجي زندگيءَ جا اهم پل گذاري ڪري انهن کي ڪتابن ۾ لکي ويا آهن ته اسان کي جيڪو ڪجهه مليو آهي ته ڪتابن مان مليو آهي، زندگي گذارڻ جا اصول، زندگي کي آسان ڪرڻ جا قائدا قانون ڪتابن ۾ پڻ محفوظ ڪري ويا آهن. ڪتاب انسان کي سٺي رستي تي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، انسان جي زندگيءَ جو هڪ ڏينهن هڪ ورق هوندو آهي، جيڪو ڪجهه سالن کان بعد هڪ ڪتاب جو مواد بنجي ويندو آهي، ڪتاب دنيا جي اهم دولت آهي، ڪتاب دنيا جو اهم سينگار آهي، ڪتاب دنيا جو هڪ اهم ترين تحفو آهي، ڪتاب سان جنهن به هڪ دفعو دوستي رکي ته اهو پوري زندگيءَ ڪتابن کان جدا نه ٿيندو آهي ڪتاب جي محبت دنيا جي هڪ اهم طاقت آهي، ڪتاب دنيا جا خزانا هوندا آهن جن ۾ دولت پيسو ته نه ملندو آهي پر علم ضرور ملندو آهي، علمي طاقت ضرور ملندي آهي جيڪا ڪنهن محفل ۾، ڪنهن ڪچهري ۾ ڳالهائڻ جي سگهه ڏيندي آهي. ڪتاب سان محبت رکڻ ضروري آهي، ڪتاب سان عشق رکڻ ضروري آهي، ڪتاب گهر جي لاءِ لازمي آهن جن سان گهر جو ماحول بهتر ٿيندو آهي جنهن سان اولاد تعليم جي زيور سان مالامال ٿيندي آهي ڪنهن ڏاهيءَ عقلمند انسان جو قول آهي ته ”ڪتابن کان سواءِ گهر ائين آهي جيئن روح کان سواءِ جسم“. اڄ جي دور ۾ گهرن جي طرف ڏسبو ته گهرن ۾ تعليم جو ڪو به ماحول نه آهي گهرن ۾ ٽي وي ته موجود آهي پر ڪتابن جي لاءِ ڪو به خانو نه هوندو آهي پر ٽي وي جي لاءِ الڳ جڳهه هوندي آهي جتي گهر جي سموري فيملي اتي ويهي ڪري ٽي وي تي هلندڙ پروگرامن کي ڏسندا آهن جنهن ۾ صرف وقت جو نقصان ۽ اکين جي روشني جو ذيان هوندو آهي ۽ نه وري ڪو فائدو ملندو آهي، پر ان جي بجاءِ جيڪڏهن گهر ۾ ڪتابن پڙهڻ جي هڪ جڳهه هجي جتي سموري فيملي ويهي ڪري ڪتابن جو مطالعو ڪندي ته انهن کي علم جي دولت ضرور ملندي. يقينن اها ڳالهه هڪ سماج جي عڪس آهي جنهن سان سماج ۾ علم جي روشني به پيدا ٿيندي. ۽ سماج ۾ ٿيندڙ ظلم جي تباهي به ٿي سگهي ٿي. اچو ته پنهنجي ملڪ توڙي پنهنجي شهرن ۾ ڪتابن جا مڪتب قائم ڪيو ۽ علم جي روشنيءَ کي اڳتي وڌايو ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل علم جي روشني سان پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو