هي مدي خارج نظام آخر ڪيستائين هلندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    دنيا جي هر ٻي شيء وانگر ڪنهن نظام جو به ڪو خاص عرصو يا مدو ٿيندو آهي جڏهن اهو مدو پورو ٿي وڃي ته ان کي ”مدي خارج نظام“ چئبو آهي.دنيا ۾ جهڙي تيزيء سان تبديليون اچي رهيون آهن ۽ عالمي برادري ۽ ملڪن جون نيون صف بنديون ٿي رهيون آهن ۽ قومن کي جيڪي نوان چيلينج ۽ بحران سامهون آهن انهن حالتن ۾ رڳو اهي قومون ۽ ملڪ ئي دنيا جي نقشي تي زندهه رهي سگھن ٿا جيڪي پنهنجن سياسي،سماجي،عدالتي ۽ معاشي نظامن کي بدلجندڙ وقت ۽ حالتن مطابق سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي جرئت ۽ صلاحيت رکندا هجن.گڏيل طور تي نظام جمهوري هجن يا بادشاهي يا آمراڻا پر بنيادي اهميت اتان جي عوام جي خوشحالي ۽ معاشي اطمينان کي حاصل آهي.جن به ملڪن ۾ نظام ماڻهن کي سندن بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا اهي ملڪ يا رياستون سدائين اندروني ۽ بيروني سلامتيء جي معاملن ۽ تشويش ۾ ڦاٿل رهن ٿيون.رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت ئي ان ڪري پيش ايندي آهي ته جيئن جھنگ جو قانون نه هلي،ڏاڍن سان گڏ ڪمزور طبقا به هر طرح محفوظ هجن ۽ ماڻهن جو پنهنجي رياست تي اعتماد ۽ ڀروسو هجي،انهيء مان ئي حب الوطني جنم وٺندي آهي.جتي پورو سماج معاشي اڻ برابري،قانوني هيٺ مٿانهين ۽ سياسي افراتفري جو شڪار هجي ۽ هر طرف ناانصافيء جو راڄ هجي اتي حب الوطنيء جا جذبا رڳو ڏنڊي جي زور تي پيدا ڪري نٿا سگھجن.پاڪستان جي ستر سالا تاريخ اهڙين ناانصافين سان ڀري پيئي آهي جتي هڪ خاص طاقتور ۽ چالاڪ طبقو ملڪ ۽ عوام جي سمورن وسيلن تي قابض رهندو ٿو اچي.هتي جمهوريت يا آمريت جو بحث ئي لا حاصل آهي جو هتي اشرافيا جو هڪ خاص طبقو آهي جيڪو ڪڏهن آمريت ته ڪڏهن جمهوريت جو ويس ڍڪي ملڪ ۽ عوام سان عظيم ڏاڍ ۽ ظلم ڪندو رهيو آهي.اهي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.انهن جون سوچون،نظريا ۽ رويا ساڳيا آهن.انهن ڪڏهن به عوام کي اڄ تائين اصل طاقت تسليم ئي ناهي ڪيو بلڪه اهي پنهنجو پاڻ کي بادشاهه ۽ ٻي مخلوق کي رعايا سمجھندا رهيا آهن ۽ اڄ به سمجھن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو انهن پهرئين ڏينهن کان يا ته انگريزن واري سامراجي نظام کي جاري رکيو يا وري جيڪر نظام ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون به سهي ته اهي رڳو عوام کي معاشي،تعليمي ۽ سياسي طور تي وڌيڪ پوئتي ڌڪڻ ۽ پنهنجي اقتدار ۽ طاقت کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاء هيون.انهن ڪڏهن به جديد دور جي گھرجن موجب عوام جي لاء ڪي بنيادي تبديليون نه آنديون ۽ نه ئي آڻڻ جو ڪو ارادو آهي.وقت بوقت حڪومتون ۽ چهرا ته ضرور بدلبا رهيا آهن پر نظام اهو ئي ساڳيو،پاليسيون ۽ ايجنڊا به ساڳي يعني عوام کي سدائين غريب،جاهل ۽ بدحال رکجي جو اهي پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ ۾ ئي ايترا ڦاٿل رهن جو انهيء اشرافيا جي ڪارن ڪرتوتن متعلق سوچي به نه سگھن.زندگيء جي هر شعبي ۾ انهن اهڙو نظام جوڙيو جيڪو رڳو امير ۽ حڪمران طبقي کي ئي مدد ۽ تحفظ فراهم ڪري سگھي.ٿورو اسان جي عدالتي نظام تي ئي غور ڪريو ته ڇا هڪ بي پهچ ماڻهوء لاء اهو عملي طور تي ممڪن آهي ته آسانيء سان تڪڙو انصاف حاصل ڪري سگھي.خود عدالتن جي اعليٰ ڪرسين تي ويٺل منصف به اهو تسليم ڪندا رهيا ته ملڪ جو عدالتي نظام مدي خارج آهي پر اڄ تائين ان نظام کي اپ ڊيٽيڊ ڪرڻ لاء هيستائين ڪهڙا قدم کنيا ويا؟اهو ئي حال پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن جو آهي.اهي ادارا جن جي ذميداري آئين مطابق ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ لکي ويئي آهي اهي ئي عوام جي لاء آزار بڻيل آهن.ٽيڪسن جي نظام طرف اچو ته طاقتور ۽ دولتمند طبقو ٽيڪس ڏئي نٿو جنهن ڪري سمورن ٽيڪسن جو بار اڻ سڌي طريقي سان عام ماڻهن تي ئي پيل آهي جنهن ڪري مهنگائي جي مصيبت ڪڏهن به نٿي گھٽجي.عام ماڻهن کان وصول ٿيندڙ اهو ٽيڪس عوامي ڀلائيء جي منصوبن تي خرچ ٿيڻ بدران انهيء ئي رعايت يافتا طبقي جي عيش عشرتن ۽ شاهي شوقن تي خرچ ٿي وڃي ٿو ۽ عوام شروع کان ٻن وقتن جي مانيء لاء پريشان رهندو ٿو اچي.سياسي نظام جي ڳالهه ڪجي ته اسان مان هرڪو مختلف حڪومتن تي ته تنقيد ڪندو رهيو آهي پر ڪڏهن رياست کان اهو سوال نٿو ڪيو وڃي ته آخر اها اڄ تائين پنهنجن شهرين کي ڪو فلاحي سماجي ۽ سياسي نظام مهيا ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام رهي آهي؟ اهڙو نظام مهيا ڪرڻ جي بنيادي ذميداري رياست جي ٿئي ٿي حڪومت جي نه! حڪومت ته رياست جو هڪڙو حصو آهي جيئن فوج،عدليا،پارليامينٽ،نوڪر شاهي ۽ ميڊيا وغيره رياست جو حصو آهن.جڏهن رياست جو نظام ئي درست نه هوندو ته حڪمران اوهين هزارين بدلايو نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو هن وقت تائين نڪتو آهي.جڏهن رياست ڪو مضبوط ۽ فائديمند نظام عوام کي مهيا ڪري نه سگھندي آهي ته پوء ملڪ ۾ ڪيترائي متبادل نظام ۽ خطرناڪ مافيائون پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي.ماڻهن کي جڏهن انصاف نه ملندو آهي ته پوء انصاف جي لاء ڪيئي متبادل رستا ايجاد ٿيندا آهن ۽ رياست مخالف ڌريون ۽ قوتون مانهن جي احساس محروميء کي ڀڙڪائي انهن کي رياست مخالف رستي تي آسانيء سان لڳائي وٺڻ ٿيون.”غدار“ ۽ ”ملڪ دشمن“ جا ماڻهن تي ٺپا لڳائڻ ته دنيا جو آسان ڪم آهي پر ڪڏهن رياست انهن سببن جو سد باب ڪرڻ جي به ڪڏهن ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي جيڪي رياست مخالف جذبا پيدا ٿيڻ جو جواز بڻجن ٿا.آمريتن ته هن ملڪ کي رڳو برباد ئي ڪيو آهي پر ملڪ ۾ هن وقت تائين جيڪو نام نهاد جمهوري نظام هليو آهي ڇا انهيء ۾ عام ماڻهن جي ڪڏهن اقتدار ۽ اختيار۾ حقيقي شرڪت رهي آهي؟ ملڪي سطح تي ٿيندڙ فيصلن ۾ عوام جو ڪيترو حصو رهيو آهي؟ماڻهن کي گھر جي درن تي ڪهڙيون زندگيء جو سهوليتون ملي سگھيون آهن؟عوام جي سڀني سورن ۽ دردن،مسئلن ۽ مصيبتن ،محرومين ۽ مشڪلن جو احساس ڪرڻ صرف ۽ صرف رياست جي ذميداري آهي ۽ افسوس اهو جو اڄ تائين رياست پنهنجون اهي ذميداريون پوريون نه ڪري سگھي آهي.هن وقت بلڪه ماضيء ۾ به احتساب ۽ انصاف جا نعرا لڳندا رهيا آهن،مختلف حڪمرانن ۽ شخصيتن تي مختلف الزام لڳندا رهيا آهن،معاشي ڦرلٽ،ملڪ دشمني ۽ بغاوت جون ڳالهيون به رياستي ادارن طرفان ٿينديون رهيون آهن پر هيستائين ڇا ٿيو آهي؟ ڪيترن تي اهي ڏوهه ثابت ٿي سگھيا آهن ۽ ڪيترن کي هي مدي خارج نظام سزائون ڏيئي سگھيو آهي ۽ ڪيترن ڦورن کان عوامي پئسو واپس وصول ٿي سگھيو آهي؟اسان وٽ ته اين آر او ۽ معاهدن جي هڪ شرمناڪ تاريخ به رهي آهي ۽ ان کي وقت بوقت ورجايو به ويو آهي.عوام آخر انهن دعوائن ۽ الزامن جو ڇا ڪري جن جو نتيجو ڪنهن نه ڪنهن اين آر او جي صورت ۾ ئي نڪرڻو آهي.انهن گرفتارين مان عوام کي ڪهڙو فائدو آهي جيڪي اڄ نه ته سڀاڻي باعزت طريقي سان بري ٿيڻا آهن.انهن ڦوڪن،بيانن ۽ لٻاڙن مان عوام جو پيٽ ته ڀري نٿو سگھجي.چوڻ لاء ته گذريل پندرهن سالن کان لاڳيتو ”جمهوري“ حڪومتون ڪم ڪنديون رهيون آهن پر عوام کي اڄ تائين ان جمهوريت مان ڇا هڙ ۽ حاصل ٿيو آهي؟آخر ڪار چيو اهو پيو وڃي ته ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي جنهن ڪري مهنگائي ۽ ٽيڪسن جو سمورو بار اڄ به اڪيلو غريب ماڻهن تي لڏيو پيو وڃي.جن مبينا طور تي ملڪ کي ان انجام تي رسايو سي اڄ به معتبر ۽ معزز بڻجي وڪٽريء جا نشان ڏيکاري رهيا آهن.چوڻ لاء ته هن وقت به ”فرشتن“ جي حڪومت آهي پر گذريل يارهن مهينن ۾ ڪو هڪڙو ڪارنامو ته ڏيکارجي جيڪو حڪمرانن خالص عوامي ڀلائيء لاء سرانجام ڏنو هجي.اسيمبليون ڪم ڪري رهيون آهن پر ڪهڙو؟عوام جي نظر ۾ حڪومت توڙي پارليامينٽ بلڪل اڻ لاڳاپيل بڻجي ويا آهن،عوام جي انهن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي.هاڻي ته ماڻهن جو عدالتي ۽ احتسابي نظام تي ڪجهه وقت اڳ بحال ٿيل ٿورو گھڻو اعتماد به ختم ٿي رهيو آهي.اها سموري صورتحال واضح ڪري ٿي ته رياست جو هاڻوڪو پورو نظام ئي سڙي ڳري چڪو آهي ۽ اهو وڏي ڌماڪي سان ڪنهن به وقت ڪرڻ وارو آهي.اسان حڪومتي نظام جي ڳالهه نٿا ڪيون بلڪه پوري گڏيل نظام جي ڳالهه آهي.جن کي جيلن ۾ هجڻ گھرجي سي باعزت طريقي سان نه رڳو اسيمبلين ۾ ويٺا آهن پر ملڪي نظام جي سڌاري لاء صلاحون ۽ ڀاشڻ به ڏيئي رهيا آهن.جن تي ملڪي خزاني سان مڪروهه راند ڪرڻ جا الزام آهن اهي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽين جا سربراهه بڻجي ٻين ادارن کي پنهن جي سامهون پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪري رهيا آهن.معيشت جي سڌاري لاء ورتل ڪوششن جي سمورين دعوائن باوجود ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ برباديء طرف وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ هر ڏينهن مسئلن کي وڌيڪ منجهائي رهيو آهي.حقيقت اها آهي ته هي نظام ڪري رهيو آهي.ان نظام کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پيئي وڃي پر ديوار تي لکجي چڪو آهي ته هي سڙيل،ڳريل ۽ مدي خارج نظام وڏي ڌڙام سان ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.جيڪر ڪنهن ان نظام جي مرمت ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ته اها عمارت ان جي مٿان ڪرڻ جو انديشو آهي.دنيا ۾ نه ته رياستون ان طريقي سان هلنديون آهن ۽ نه ئي اهو فطري اصولن مطابق آهي.هن مملڪت خداداد پاڪستان کي اڳتي نڪرڻو آهي تنهن ڪري يقين آهي ته هن بدبودار نظام جي عمارت ترت ئي زمين بوس ٿيڻي آهي .پنن ڇڻڻ جي موسم شروع ٿي چڪي آهي ۽ هن نظام جي وڻن جا سمورا پيلا پن جڏهن ڇڻي ويندا ته ايندڙ بهار پنهنجي پوري جوڀن سان نين ۽ تندرست مکڙين جو تحفو کڻي ايندي.اهو نظام ڪيئن ايندو ۽ ڪير آڻيندو اسان کي پتو ناهي پر اهو طيء آهي ته نئين عمارت جي اڏاوت لاء پراڻي عمارت جي بربادي ضروري هوندي آهي ۽ اها عمارت هاڻي ڪرندي محسوس ٿي رهي آهي. ،انهيء ڪري اجايو نااميد ٿيڻ جي به ضرورت ناهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو