1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

مختلف ثقافتن ۾ مرڻ وارن جون آخري رسمون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    599
    ورتل پسنديدگيون:
    624
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    چوندا آهن ته موت کان ڪنهن کي فرار آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته جيڪو به هن دنيا ۾ آيو آهي ان جو وڃڻ طيء ٿيل آهي پر تنهن هوندي به سڀ موت کان ڊنل رهن ٿا.مرڻ کان پوء ڇا ٿيندو اهو اهڙو سوال آهي جنهنجو جواب هر مذهب پنهنجن عقيدن مطابق ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر انهن جوابن جي تصديق لاء به مرڻو ئي پوندو.بهرحال زندگيء تائين جيترا اختيار آهن انسان انهن مان فائدو کڻندي پنهنجي منهن ڪڏهن دل کي وڻندڙ ۽ ڪڏهن مقام عبرت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.فوت ٿيندڙ مٽن مائٽن کي ياد ڪرڻ،انهن سان غم جو اظهار ڪرڻ ۽ انهن جي آخري رسمن جي حوالي سان هر ثقافت ۽ مذهب جي تعليم،ان علائقي جي ثقافت،موسم ۽ خود فوت ٿيندڙن جي مالي حالتن تي دارومدار رکن ٿيون.ڪن علائقن ۾ مئلن جون آخري رسمون اسان کي گھڻيون ڊيڄاريندڙ معلوم ٿي سگھن ٿيون پر اهي خود انهن لاء ايتريون ڊيڄاريندڙ نه هونديون آهن بلڪه انهن جي پيارن لاء اهي راحت جو سامان لڳنديون آهن،اهڙين ئي ڪجهه عجيب رسمن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.

    ڪجهه ثقافتن ۾ پنهنجي مردي کي کائي ڇڏڻ انهن ويجھو ان کي عزت ڏيڻ جو بهترين ذريعو سمجھيو ويندو آهي.علم بشريات ۾ ان کي دروني آدمخوري سڏيو وڃي ٿو پر هاڻي اها رسم عمل هيٺ نه رهي آهي.پاپوا نيو گني جي ”مليشين “ قبيلن ۾ ۽ برازيل جي ”واري“ قبيلن ۾ ان رسم جو رواج هو.تبتي ٻڌن ۾ اها رسم آهي جو مردي جي جسم جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري جانورن ۽ پکين کي کارايا ويندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن لاش کي کلئي آسمان هيٺ رکيو ويندو آهي جنهن کي ڳجھون کائي وينديون آهن.ٻڌ جسم کي محفوظ رکڻ يا انهن جي يادگار جوڙڻ تي يقين نٿا رکن ان ڪري جو انهن مطابق مئل جسم ڪنهن خالي ٿانو جيان آهي ۽ هو روح جي دوام تي يقين رکن ٿا.ان ڪري اهي مئل جسم کي پکين کي کارائڻ به هڪ قسم جي خيرات سمجھن ٿا.تبتي هونئن ته آسماني تدفين سواء پاڻيء ۾ وهائڻ،ساڙڻ،دفن ڪرڻ ۽ اسٽوپا جوڙڻ جهڙا طريقا به اختيار ڪن ٿا پر عام طور تي مردن کي کليل آسمان هيٺان رکيو ويندو آهي ته جيئن انهن کي ڳجھون کائي وڃن. ڏکڻ اولهه چين جي هيمپ واديء جا ماڻهو پنهنجن مردن کي شنگرفي ڳاڙهي رنگ جي تابوتن ۾بند ڪري اٽڪل ٽي سو فٽ بلند جبل جي چوٽين تي ڪاٺ جون ميخون هڻي ٽنگي ڇڏيندا هئا،اهي ايئن ڇو ڪندا هئا اهو راز اڃا تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھيو آهي.

    ”ستيء “ جي رسم مطابق بيوه کي سندس مڙس جي لاش سان گڏ سڙي مرڻو پوندو هو،هاڻي ڀارت ۾ ستيء جي ان رسم تي پابندي لڳائي ويئي آهي پر ڪجهه عرصو اڳ ان رسم جو رواج هو جنهن ۾ عورتون ظاهر ۾ خوشيء سان پنهنجي مڙس جي لاش سان گڏ سڙي مرڻ کي پسند ڪنديون هيون پر اڪثر انهن عورتن کي ان رسم لاء مجبور به ڪيو ويندو هو.بيوه عورتن کي اڇوت سمجھيو ويندو هو،انهن جا مٿي جا وار ڪوڙي کين آشرم موڪليو ويندو هو جتي اهي خيرات تي ۽ سفيد لباس ۾ زندگي گذاري ڇڏينديون هيون.ٻي شادي منع هئي ۽ سندن پاڇي کان به ماڻهو ڀڄندا هئا. هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ عورت کي سندس مڙس جي چتا ۾ ساڙڻ جي رسم عام هئي.دلچسپ ڳالهه اها آهي جو اڪيلو هندستان ئي ان رسم جو شڪار نه هو پر ٻين قديم سماجن جيئن مصري، يوناني۽ سيٿي تهذيبن ۾ به ان رسم جون شاهديون ملن ٿيون.ستيء سان ملندڙ جلندڙ رسم يورپي سامونڊي ڌاڙيلن جي ٻانهين کي به ادا ڪرڻي پوندي هئي.سامونڊي ڌاڙيلن جي موت جون رسمون نهايت ئي ظالماڻيون هونديون هيون،سردار جي موت تي سندس لاش ڏهن ڏينهن لاء هڪ عارضي قبر جوڙي رکيو ويندو هو ۽ ان جي ٻانهن ۽ غلامن کان ساڻس گڏ سڙي مرڻ جو پڇيو ويندو هو ته جيئن اهي پنهنجي مالڪ جو خيال رکڻ لاء ساڻس گڏ اڳين دنيا ۾ پهچي سگھن.انهن مان ڪا ٻانهي ان ڪم لاء راضپو ظاهر ڪندي هئي ته ان کي ڏهن ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائيء جو نشانو بنائڻ بعد موت جي فرشتي جو لقب رکندڙ هڪ عورت سندس ڳچيء ۾ رسي وجھي ان کي ٻن ماڻهن کي ڇڪڻ جو حڪم ڏيندي هئي ۽ پاڻ ان ٻانهيء جي سيني ۾ خنجر هڻي ڇڏيندي هئي.چوندا آهن ته مرڻ واري سان گڏ ڪو مري نٿو پر اها به حقيقت آهي ته پنهنجن پيارن جي موت جو صدمو برداشت ڪرڻ به مشڪل هوندو آهي،مغربي پاپووا،نيوگني جا داني ماڻهو به اهڙائي جذبا رکن ٿا.اها نهايت ئي تشدد ڀريل ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ رسم لڳي ٿي جنهن ۾ مرڻ واري جي خاندان جي هڪ عورت ۽ هڪ ٻار جون آڱريون ڪپيون وينديون آهن.اها رسم ادا ڪرڻ لاء چونڊيل ماڻهن جون آڱريون هڪ رسيء سان ٻڌي انهن کي هڪ ڪهاڙيء سان ڪپيو ويندو آهي پوء انهن آڱرين کي يا ته ساڙيو ويندو آهي يا ڪنهن خاص جاء تي محفوظ ڪيو ويندو آهي.هاڻي نيوگنيء ۾ ان رسم تي پابندي آهي پر ان رسم جا اثر اڃا به ڪميونٽيء جي پراڻن ماڻهن جي هٿن تي ڏسي سگھجن ٿا.

    مڊغاسڪر جي ملاگسي ماڻهن وٽ مرڻ بعد مئل ماڻهن جون هڏيون ٻاهر ڪڍي انهن کي ٻيهر ڪفنائڻ جو رواج آهي.هنن مطابق جيستائين هڏيون ۽ جسم سڙي مٽي نه ٿي وڃن مرڻ وارن جا روح ٻي دنيا ۾ پنهنجن پيارن وٽ نٿا پهچي سگھن.ان ڪري اهي هر ستن سالن بعد مرڻ وارن جون هڏيون سندن قبرن مان ڪڍي انهن کي ٻيهر ڪفن ۾ ويڙهي موسيقيء جي سرن تي انهن هڏين سان گڏ انهن جي قبرن جي چوڌاريء نچندا آهن.

    امريڪي اتر الهندي ۽ بائيدا ماڻهن وٽ پنهنجن مردن کي دفن ڪرڻ لاء ڪاٺ جا مينار اڏڻ جو رواج هو جن تي مختلف قسم جا نقش نگار بنايا ويندا هئا.مينار جي مٿئين طرف هڪ خلا جوڙي ان تي مرڻ واري جو تابوت رکيو ويندو هو جتي اهو هڪ سال تائين پيل رهندو هو ۽ جانورن جي خوراڪ بڻيو رهندو هو. آسٽريليا جا مقامي رهاڪو مردن جا جسم ڳاري انهن کي ڪنهن غار يا وڻ جي خال ۾ رکي ڇڏيندا هئا.اوڀر ۽ اولهه ڪوئنس لينڊ،ڊارلنگ دريا جي طاس،موري دريا جي طاس ۽ آسٽريليا جي ڪجهه علائقن ۾ مردن جي لاشن کي سڪائي انهن جي باقيات کي سنڀالي رکڻ جي عجيب رسم موجود هئي.ميري نووا ماڻهو پنهنجي ڪنهن عزيز جي موت بعد ان لاش کي ڪنهن بلند چبوتري يا ڪنهن مٿانهين جڳهه تي پنن ۽ ٽارين سان ڍڪي رکندا آهن جتي اهو سال يا وڌيڪ وقت لاء پيل رهندو آهي ايستائين جو اهو پوريء طرح سڙي ۽ ڳري وڃي.پوء ان تي ڳاڙهو گيرو ملي اهي هڏيون ڪنهن غار يا وڻ جي خال ۾ رکيون وڃن ٿيون.

    زرتشتي روحاني پاڪيزگيء سان گڏ جسماني پاڪيزگيء تي به گھڻو زور ڏين ٿا.هنن مطابق مرڻ بعد جسم گندو ٿئي ٿو ۽ بد روحن جي جاء به بڻجي سگھي ٿو ان ڪري ان کي پاڪ ڪرڻ ضروري آهي.انهن وٽ آخري رسمن جي شروعات لاش کي پاڪ ڪرڻ جي عمل سان ٿئي ٿي جنهن جي صورت اها آهي ته ان کي گومز يعني مقدس ڍڳي جي پيشاب سان ڌوتو وڃي ٿو.ڪنهن به ماڻهوء کي لاش کي ڇهڻ جي اجازت نه هوندي آهي سواء انهن جي جيڪي دفن ۽ ڪفن تي مقرر ٿيل هجن. انهيء دوران هڪ ڪتي کي جنهنجو نالو سگديد هوندو آهي سڏيو ويندو آهي ان کي اتي ٻه ڀيرا آندو ويندو آهي ته جيئن لاش بد روحن کان محفوظ رهي.پوء هڪ بلند مينار تي لاش رکيو ويندو آهي،ان جا ڪپڙا لاٿا ويندا آهن ۽ اهڙيء طرح ڪجهه ئي دير ۾ ڳجھون لاش کائي وينديون آهن. هڪ ٻي رسم مطابق مئلن کي مختلف ٽوڪرين ۾ وجھي انهن جي ڳوٺ جي پراڻن وڻن سان ٻڌو ويندو آهي.پنهنجن مردن کي ساڙڻ جي رسم اڄ به دنيا جي مختلف حصن ۾ رائج آهي.ان لاء ڪاٺين جو هڪ مٿانهون چبوترو جوڙي مردي کي ان تي ليٽايو ويندو آهي ۽ باهه لڳائي ويندي آهي پوء سڙيل لاش جي رک کڻي ڪنهن ٿانو ۾ رکي مرڻ واري جي عزيزن کي ڏني ويندي آهي جنهن کي اهي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندا آهن.هندو مت ۾ رک کي گنگا يا ڪنهن ٻي نديء ۾وهائڻ جي به وصيت ڪئي ويندي آهي.

    انڊونيشيا جي علائقي تانا توراجا ۾ جنازي جو خاص بندوبست ڪيو ويندو آهي،انهن وٽ تدفين جي تقريب ڳائڻ وڄائن،ناچ ۽ ڪيترن ئي مهمانن جي پر تڪلف دعوت تي ٻڌل هوندي آهي.انهن وٽ ان سبب موت هڪ مهانگو سودو آهي جنهن تي گھڻي رقم خرچ ٿئي ٿي.

    بکن وگھي مرڻ هڪ محاورو سهي پر جاپان جي ڪجهه ٻڌ ڀڪشن ۾ اهو به موت جو هڪ رائج طريقو آهي.هونئن ته جاپان ۾ آپگھات به هڪ رسم آهي پر اهي ڀڪشو خودڪشيء لاء هڪ خاص طريقو اختيار ڪن ٿا جنهن سان نيٺ سندن جسم ڪنهن مميء جي شڪل اختيار ڪيو وٺي.ان عمل جي شروعات ۾ ڀڪشو رڳو ميوا کائيندا هئا ۽ سخت جسماني مشقت ڪندا هئا.جسم جي وڌيل چرٻي ختم ٿيڻ بعد ٻيو مرحلو شروع ٿيندو هو جنهن ۾ ڀڪشو کي آهستي آهستي زهر ڏنو ويندو هوجنهن سان انهن کي گھڻي الٽي ايندي هئي ۽ جسم جون رطوبتون خارج ٿينديون هيون.اهو مرحلو هڪ هزار ڏينهن تائين وڻن جي کل.پاڙون ۽ زهريلي چانهه پيارڻ تي ختم ٿيندو هو.آخري مرحلي ۾ ڀڪشو هڪ پٿر ۾ داخل ٿي چوڪڙي ڄمائي موت جي انتطار ۾ ويهي رهندو هو.اهو روزانو هڪ گھنٽي وڄائيندو هو جيڪا سندس ساٿين لاء سندس زندهه هئڻ جون ثبوت هوندي هئي ۽ پوء جڏهن گھنٽيء جو آواز اچڻ بند ٿي ويندو هو ته سمجھبو هو ته ڀڪشو مري چڪو آهي پوء مقبري کي مهر بند ڪيو ويندو هو ۽ ايندڙ هڪ هزار ڏينهن جووڌيڪ انتظار ڪرڻ بعد ان مقبري کي کولي ڀڪشوجي ممي بنجڻ جي تصديق ڪئي ويندي هئي.

    ڏکڻ ڪوريا ۾ 2000ع ۾ پاس ٿيل قانون مطابق هر مرڻ واري جي عزيزن تي لازم آهي ته اهي موت جي سٺ سالن بعد پنهنجي فوت ٿيلن کي قبر مان ڪڍن.ڪيترا اهڙا ادارابه آهن جيڪي مردن جي باقيات کي جواهرن جهڙن موتين ۾ بدلائي ڇڏين ٿا جن جو رنگ گلابي،ڪارو يا فيروزي ٿي سگھي ٿو.اهي موت جا موتي وڻندڙ ٿانون ۾ رکي گھرن ۾ سجايا وڃن ٿا. ڪربت جي جزيري ۾ مردي کي دفن ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي ڏينهن تائين گھر ۾ ليٽائي رکبو آهي ۽ پوء دفن ڪيو ويندو آهي.دفن ڪرڻ کان ڪيئي مهينا پوء قبر کوٽي کوپري ٻاهر ڪڍي ويندي آهي۽ باقي شيون واپس دفن ڪيون وينديون آهن.ان کوپريء کي تيل ۽ روغن لڳائي پوء تماڪ ۽ کاڌو وغيره پيش ڪيو ويندو آهي.جزيري جا ماڻهو ان کوپريء کي پنهنجن گھرن جي ديوار تي جڙيل تختن تي سجائيندا آهن. مصر ۾ لاش کي حنوط ڪري ان جي ممي جوڙي ويندي آهي ته جيئن ان جو جسم موسمي حالتن کان محفوظ رهي.

    عيسائيت،يهوديت ۽ اسلام سميت ڪيترائي مذهب اهڙا آهن جن ۾ مئلن جي آخري آرامگاهه قبر کي سمجھيو وڃي ٿو.پنهنجن مردن کي مذهبي تعليم ۽ خاص ثقافت هيٺ وهنجاري ڪفن پهرائي زمين ۾ کڏ کوٽي دفن ڪيو ويندو آهي.عيسائيت جي ڪجهه فرقن ۾ مردي کي ساڙڻ جي به اجازت ڏني ويئي آهي.يهوديت ۾ ساڙڻ جي سخت منع آهي.مردي کي چڱيء طرح وهنجاري هن جي پاڪيء لاء دعائون پڙهيون وينديون آهن ۽ هن کي سفيد ڪفن ۾ ويڙهي صندوق ۾ رکي مردي کي دفن ڪيو وڃي ٿو.

    اسلام ۾ مردي کي خاص احترام حاصل آهي.مردي کي وهنجاري سهنجاري سفيد ڪفن ڍڪيوويندو آهي.مرد جو ڪفن ٽن ڪپڙن جڏهن ته عورت جو ڪفن پنجڻ ڪپڙن جو ٿئي ٿو.ڪفن اڇي رنگ جو ۽ اڻ سبيل ٿيندو آهي.جڏهن ته شهيد کي سندس پنهنجي لباس ۾بنان غسل جي دفن ڪيو ويندو آهي .دفن ۾ جلدي ڪئي ويندي آهي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,759
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڄاڻ وارو ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو