وارهه پاڻي جي کوٽ، معاشي قتل جو نوٽيس ڪير ته وٺي..!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    سنڌ جي نااهل ۽ ڪرپٽ ايريگيشن عملدارن سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي پاڻي جي لپ لئه تڙپائي ڇڏيو آ.اسين جڏهن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي سراسري نظر وجهون ٿا ته ڪيترن ئي شهرن جي چونڪن، چوراهن ۽ توڙي آبپاشي آفيسن جي اڳيان احتجاجي ڌرڻا، مظاهرا، ريليون ۽ بک هڙتالون روز جي بنياد تي ٿي رهيون آهن، پر آبادگارن جي ايڏين سارين رڙين ۽ پوڪارن تي سنڌ سرڪار جا والي وارث ۽ مجاز ادارا ڪوئي به ڌيان نٿا ڌرين. اها به حقيقت آ ته پوري سنڌ جو آبپاشي نظام ناڪاره ۽ آبادگار دشمن بنيل آهي، افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته جتي جتي پاڻي جي سخت کوٽ آهي ان کوٽ جا اصل ۽ وڏا زميوار علائقي جا چونڊيل عيوضي آهن جيڪي خيرن سان وڏا ذميندار به آهن. ستم ظريفي جي ڳالهه اها به آهي ته پاڻي چورائيندڙن ۾ وارهه تڪ تان چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي ۽ مڪاني ڪائونسلن جا نمائنده به وارهه واسين لئه زرعي پاڻي واري معامري ۾ ڏاڍايون ڪندڙن ۾ صف اول آهن. وارهه تعلقي اندر پاڻي جي کوٽ تي لکڻ کان اول اهو به ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ سنڌي عوام گهڻي عرصي کان مختلف گنڀير مسئلن جي ور چڙهي عذاب واري حياتي گذاري رهيو آهي. سنڌ واسي هڪ طرف قومي جبر جو شڪار ٿي پنهنجي قومي قدرتي پيداواري وسيلن مان اڻ لاڀائتا بنايا پيا وڃن. وري ٻئي پاسي طبقاتي اڻ برابري جي ڌٻڻ ۾ هٿ وٺي ڦاسايا پيا وڃن، ٽئين طرف امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال، بک، بدحالي، بيماري، بي روزگاري ۽ مهانگائي جي اٿيل طوفان جي لپيٽ هيٺ آهن. ساڳئي طرح تعليم جهڙي انمول زيورن کان به وانجهيل رکيا پيا وڃن.
    روڊن، رستن، بجلي گئس ۽ پيئڻ جي مٺي صاف پاڻي جو فقدان به ڄڻ ته سنڌي عوام کي ڏاج ۾ مليو هجي. سنڌ ڌرتي جا رهواسي جيڪا ڪٺن ڏکن ڀري زندگي گهاري رهيا آهن ان پويان فطرت جو هٿ آهي يا طاقتور ڌرين، فردن ۽ وقت جي حڪمرانن ۽ سندن انتظاميه جي مجرماڻي غفلت يا حرڪت آهي. يا وري ظلمتن جي گهاڻي ۾ پيسجنع
    دڙن جو پنهنجو قصور، يا وري بي حسي واري ڪيفيت ڪارفرما آهي. اهي اهڙا سنجيده، ڪشيده ۽ پيچيده سوال آهن جن جا جواب ڳولهبا ته الف ليليٰ واري ڪهاڻي سامهون اچي ويندي، يا وري ڇتي ڪوري واري ڊيگهه ٿي ويندي. بهرحال مسڪين ماڻهن سان رياست جي سرپرستي هيٺ نااهل چونڊيل عيوضي ابن الوقت غدار، سنڌي سماج لئه ڪوڙهه جو مرض بنيل ڀوتار، ڪرپٽ بيروڪريٽ، زخيره اندوز، کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ وڏا واپاري، ڊيلر، وياج خور، توڙي امن امان ۽ انسانيت جا ازلي ويري جيڪي ويڌنون ۽ ويل وهائي رهيا آهن انهن جي ناڪاري اثرن جي دردناڪ وارتا بيان ڪنداسين ته عوام جو سک چين برباد ڪندڙ يا وري معاشي حساب کان جيڪا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال ڪر کنيو بيٺي آهي اها آهي زرعي پاڻي جي حد کان وڌيڪ کوٽ.عام طور چيو ويندو آهي ته پاڻي قدرتي نعمت آهي جيڪا هر ساهه واري مخلوق خاص ڪري انسانن لئه انتهائي لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته انسان جي ڄمڻ کان مرڻ تائين جتي پاڻي ڪم اچي ٿو اتي وري جانورن، جيتن، ٻوٽن،وڻن، ۽ جهنگلي آبي جيوت پاڻي پيئي ان ۾ رهي واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿي.اهڙي طرح انسان پاڻي پيئڻ،تڙ ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ کان ويندي جائن جي تعمير لئه به پاڻي ڪم آڻي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه ته زرعي فصلن، جهڙوڪ اناج، ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار حاصل ڪرڻ لئه به زميندارن، هارين ۽ آبادگارن کي پاڻي جي مناسب مقدار ۽ مندائتي پاڻي هئڻ جي اشد گهرج پوي ٿي. يا ائين کڻي چئجي ته هن ڪائنات جو وجود پاڻي سان ئي لاڳاپيل آهي. ٻئي ڳالهه ته هن دنيا جي نقشي تي جيترا به ملڪ آهن انهن مان ڪن ملڪن جي عوام جي معاشيات، اقتصاديات جو دارومدار مختلف پيداواري وسيلن يا شين تي هوندو آهي، مثال ڪن ملڪن جو سياحت، معدنيات، زراعت تي آهي. پر سڀ کان وڌيڪ ملڪن جي عوام جو گذر سفر زراعت تي آهي. جن ۾ پاڪستان به سرفهرست آهي. اهم ڳالهه ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي قدرتي درياهه، نديون يا آبي وسيلا آهن انهن جي گهڻائي ڪنهن هڪ ملڪ کان شروع ٿي ڪنهن ٻئي ملڪ تائين پهچي ٿي. تنهن ڪري اهڙن درياهن تي بين الاقوامي يا فطري طور تي انهن ملڪن ۽ اتان جي ماڻهن جو حق طئه ٿيل فارمولي موجب هوندو آهي. ساڳئي طرح هڪ ئي ملڪ جي مختلف صوبن ۽ پرڳڻن جي قومن ۽ عوام جو درياهي پاڻي تي پنهنجي حساب ۽ حصي پتي تحت آئيني، قانوني ۽ آبپاشي نظام جي طريقيڪار موجب هوندو آهي. اهڙي ريت هر هڪ بئراج، ڪئنال، شاخ ۽ واٽر ڪورس جي پاڻي واري ونڊ ورڇ مهڙ کان پڇڙي تائين برابري جي بنيادن تي بنا ڪنهن خاص ۽ عام جي ٿيڻ کپي. پر افسوس ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ ۽ سنڌي عوام کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لئه تڙپايو پيو وڃي.جتي وفاق ارسا جي ڏڍ تي پنجاب سنڌو درياهه تي غير قانوني، غير ضروري فقط پنهنجي مالي مفادن خاطر ڪيترائي ڊيم بئراج ۽ لئنڪ ڪئنالون ڪڍي ۽ وهائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. اتي وري سنڌ اندر تقريبن سمورن، بئراجن، ڪئنالن، شاخن ۽ واهن جي منڊ تي جيڪي بااثر ۽ وڏا زميندار آهن اهي ارهه زورائي ڏيکاري آبپاشي جي وڏن آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي حصي کان ٻيڻ ٽيڻ تي ناجائز طريقي سان پاڻي کڻي پڇڙي جي ننڍن زميندارن جي جائز حصي جو پاڻي روڪي من مستي جو کليل ثبوت ڏيندا پيا اچن. پاڻي جي اهڙي غير منصفاڻي ونڊ ورڇ ڪري سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آ، جيڪا جئين جو تئين وڌندي پئي وڃي. ان اناءُ کي روڪڻ لئه هر روز اتر وچولي ۽ ڏکڻ سنڌ جي اڻ ڳڻين شهرن جا سوين هزارين آبادگار پنهنجي حصي جي پاڻي جي حاصلات لئه سراپا احتجاج بنيل آهن، افسوس ته وفاق ۽ ارسا پنجاب جي ڏاڍ کي ختم ڪرائي ڪون سگهيو آهي، نه وري سنڌ سرڪار جو آبشاهي کاتو ۽ ان جا آفيسر پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي فرضن جي پوئواري ڪري رهيا آهن. چوڻ جو مقصد ته سنڌ جي لکين ڪروڙين آبادگارن ۽ هارين کي زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ جي منهن ۾ ڏئڻ وارا پنجاب ان جي پٺي ٺپيندڙ، سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت ايريگيشن عملدارن جي نااهلي ۽ رشور خوري کان سواءِ منڊ جي وڏن زميندارن پاران پاڻي جي چوري سينا زوري واري ڪرت به شامل آهي.
    ها پاڻ مٿي وارهه تعلقي جي اندر پاڻي جي کوٽ جي ڳالهه ڪري آيا آهيون ته ان کوٽ جا مک ڪردار يا پاڻي چور معذرت سان چوڻو پوي ٿو ته وارهه تڪ جو ايم اين اي مير عامر مگسي، ان جو ڀاءُ ايم پي اي مير نادر مگسي آهن جيڪي وارهه بئراج جي حصي جو پاڻي ڏاڍ مڙسي ڪري کيرٿر ڪئنال ۾ وهائي رهيا آهن، انهن کان سواءِ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ بهران خان چانڊيو وارهه جي ننڍن ۽ پڇڙي وارن آبادگارن کي پاڻي لپ لئه سڪائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڀائرن جا مذڪوره وارهه بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن تي ڪيترائي ئي پنهنجا واٽر ڪورس آهن، يا وري ٻين ننڍن زميندارن جي زمين جا ٺيڪا کڻي غير قانوني پاڻي وهائي رهيا آهن.المئي جي ڳالهه اها به آهي ته چانڊيا نواب ڀائر نه صرف بي پهچ آبادگارن جي حصي جو پاڻي ڳڙڪائي وڃن ٿا پر مختفل شاخن جي کاٽي به نٿا ڪرائڻ ڏئن. سندن بي واجبين جي ڳالهه اتي به ختم نٿي ٿئي پر وارهه بئراج ۾ اهڙا ڪيترائي غيرقانوني وڏا ۽ ڳجها لول لڳائي انهن جو پاڻي مختلف سم نالن ۾ ڇوڙ ڪرائي ڇڏن ٿا. ۽ سم نالن مان وري غيرقانوني طور واٽر ڪورس وهائي سارين ۽ ڪڻڪ جي فصل لئه بي پهچ ۽ مجبور بنيل ننڍن آبادگارن ۽ هارين کان في جريب تي ٻن کان ٽن مڻن جو ڪڻتو اڳاڙيو پيو وڃي.
    پاڻي تي غيرقانوني لڳندڙ ڌاڙن ۽ مناسب ورڇ نه هئڻ ڪري وارهه ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن جهڙوڪ پنهوارو شاخ ڪنئور شاخ، نواب شاخ، پنا شاخ، نصير شاخ، تنيا مائينر، حامد مائينر جي پڇڙي وارين علائقن ۾ ڏڪر واري صورتحال پيدا ٿئي وئي آهي. ان گنڀير صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوء وارهه شهر جي شهيد فاضل راهو چونڪ تي جي يو آء ۽ آبادگارن فورم پاران علامتي بک هڙتالي ڪئمپ گذريل هڪ هفتي کان قائم ڪئي وئي آهي. جتي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا،
    پڇڙي تائين پاڻي پهچايو جا زوردار نعرا گونجي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وارهه تعلقي جي سڀني ڏڪار جي وڙ چڙهندڙ ديهن جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي ٿيندڙ معاشي قتل جو نوٽيس آبپاشي اختيارين، سگهارين ڌرين ۽ سنڌ سرڪار کي وٺڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو