ممتاز ڀلا ته ڪم ڀلي چئو پر مٺا هنن تصويرن ۾” ناز“ ڪٿي به موجود ڪونهي جو توهان نازن وارا ڪم چيا آهن۔ صفا درويشن واري ڳالهه لکي اٿئي جاني۔سائين اهي ڪم نازن وارا ۽ تمام ڀلا ڪم چئبا،
ادا عورتن ۽ ڇوڪرين جا مهندي لڳائڻ کانپوء اڃان به ناز نخرا وڌي ويندا آهن مون ان حساب سان نازن وارا ڪم لکيو آهي۔ممتاز ڀلا ته ڪم ڀلي چئو پر مٺا هنن تصويرن ۾” ناز“ ڪٿي به موجود ڪونهي جو توهان نازن وارا ڪم چيا آهن۔ صفا درويشن واري ڳالهه لکي اٿئي جاني۔
لک ڀلايون سائين نثارابڙو جون جو نثار ناز سميت سڀني سنڌين کي اها ڳالهه ٻُڌائي ته اهي چٽ مينڌي جا ناهن پر ٽاٽو ڊيزائين آهن، باقي ابڙا متبل (مطلب) اهو ته تو به نارين جا مينڌي رتا هٿ او ٻانهن تائين ”ناز“ مان لهرائيندي ڏٺا آهن، اوڏِي مهل توهان جي ڪيفيت ڇا هوندي هُئي ؟ ڇا توهان کي به ان وقت عاشقن واري صورتحال پيش اچي ويندي هُئي؟ ۽ ڇا توهان جا به ڪي ڇيهه ٻيهه ڇڄي پوندا هُئا؟خئير اهي ڊزائين مهندي لئه به استعمال ٿي سگهن ٿا ، باقي اهي ٽاٽو tatto جا ڊزائين آهن،
ڊزائين سهڻيون من مهڻيون آهن ۔۔۔
سائين ناز ۔۔۔ باقي جڏهن ناري هٿ کان مٿي ٻانهن تائين مهندي هڻي ناز مان پنهنجي ٻانهن کي لهرائيندي ته عاشق جا ته ڇهه ئي ڇڄي پوندا ۔۔۔
ناز منجهاران نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ته ڀـــونءِ پڻ چئي ”بســــم الله“، راه چمي ٿي رنــد۔
گُرو جا چيلا ! رنجيت راڻا، صفا ڪرين پيو ماڻا، ائين ئي ته تُنهنجي هن اُستاد پنهنجو تخلص ناز ناهي رکيو ! رنجيت جي ماڻن کان وٺي مينڌي رتن هٿن کي ناز مان لهرائڻ تائين ۾ تنهنجو چريو اُستاد ناز ضرور موجود هوندو آهي، آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا ڪو شڪ رنجيت ۔ادا وڏا! جڏهن ڳالهه اچي نازن تي پهتي آهي ته اسان فقيرن جي دماغ ۾هڪ پراڻي گاني جون ڪجهه سٽون ٿيون تري اچن۔۔ جڏهن پنهنجي ڊيوٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾هوندي هئي اهو واندڪائي مهل اهو ڪلام ضرور ٻڌندو هوس۔ جنهن ۾ استاد سائين جي نازن جي ڳالهه آهي۔۔ ۔۔
هي ناز هي ادا،
هي حسن هي شباب
خدا خيئر ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔خدا خيئر ڪري۔
پر ممتاز ڪجهه ته فرق هُئڻ کپي ناز واڌو نخرن ۾ ! ناز جي وصف جيڪڏهن ڪري سگهين ته مختلف هُوندي ۽ نخري جي وصف جي نه به ڪري سگهين ته اها صفا مختلف هُوندي، باقي ميندي وارا سهرا لاجواب کڻي آيوآهين۔ ڏسي دل بهار بهار ٿي ويئي۔ شال سدا جيئن مينڌي رتن هٿن واريون سنڌي نياڻيون ۔ادا عورتن ۽ ڇوڪرين جا مهندي لڳائڻ کانپوء اڃان به ناز نخرا وڌي ويندا آهن مون ان حساب سان نازن وارا ڪم لکيو آهي۔
http://www.youtube.com/watch?v=rb5v6m1rszo&feature=relatedسائين هي ڏسو مهندي وارا وڊيوز
http://www.youtube.com/watch?v=r2mam5ff57m
http://www.youtube.com/watch?v=yi-ihvtkens
گُرو جا چيلا ! رنجيت راڻا، صفا ڪرين پيو ماڻا، ائين ئي ته تُنهنجي هن اُستاد پنهنجو تخلص ناز ناهي رکيو ! رنجيت جي ماڻن کان وٺي مينڌي رتن هٿن کي ناز مان لهرائڻ تائين ۾ تنهنجو چريو اُستاد ناز ضرور موجود هوندو آهي، آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا ڪو شڪ رنجيت ۔
رنجيت ! بابا، جيستائين دماغ جي ڳالهه آهي سو، تو واري اُستاد وٽ ئي ڪونهي صفا پٺاڻ دماغ اٿس اصل رتي به ڪونه اٿس چئو ڀلا شاگرد يعني تو وٽ ڪيئن ڀلادماغ نالي جي شي هوندي۔ مير علي نواز ناز اوڻيهه سئو ٻُڙي جو شاعر، ۽ اسان ويهه سئو ڏهه جا شاعر، ڪيئن ڀلا اسان ٻنهي جا ڪانٽا ملي ٿا سگهن! باقي مير صاحب جو ديوان منهنجي نظر مان ضرور گُذريو آهي، مير صاحب صرف عاشق شاعر هو، اسان عاشق ۽ معشوق (ٻئي) شاعر آهيون۔ مير صاحب صرف بالي تي مست هو، اسان سنڌ ۽ سنڌ جِي هريالي تي مست! اميد ته تنهنجي اُلجهن وُلجهن دُور ٿي وئي هُوندي، جيڪڏهن اڃان به نه سمجهي سگهيو هُجين ته تو واري پُراڻي يار وفادار اسد ڄامشورائي جيڪو نئون نئون مست زبردست ٿيو اٿئي توکي اُن جي حوالي ڪريون، ٻُڌو اٿم ته بي دُماغن جا دماغ قلندري ڏنڊي سان ٺيڪ ڪندو آهي۔ تون يقينن اسان استاد بي دماغن جي ڳالهه ڪندين پر خبر ناهي ڇو مست اسان کي ڏسي ڇرڪي پوندو آهي۔ پر مونکي يقين آهي ته تو شاگرد بي دماغ کي ڏسي مست ڪونه ڇرڪندو۔نه استاد سائين شڪ ۽ اهو به توهان جي ڳالهه تي۔۔۔۔۔ واقعي استاد اهو سوال ته ڪڏهن دماغ ۾ آيو ئي ڪونه ته توهان ڀلا پنهنجو تخلص ناز ڇو رکيو آهي۔ ڇا توهان مير علي نواز خان ناز جي شاعري سان متاثر ٿيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ استاد ٻيلي انهيالجهن جي سلجهن ڪري ڏجو
پيارا رياض حُسين گلال شال جُڙيو هٍجين ! توهانجي همت افزائي جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔سائين توهان جون مهربانيون جو توهان اسان جي سنڌي ڀينرن لا۽ به ڪجهه نه ڪجهه شيئر ڪيو ٿا.