1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

اثاثن ۽ ملڪيتن جي ديس ۾ ٿيندڙ خودڪشيون!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    612
    ورتل پسنديدگيون:
    625
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اخباري خبرن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ امير ۽ غريب جو فرق جنهن حد تائين وڌي رهيو آهي سو نهايت ئي ڳڻتيء جو ڳو آهي.خبر آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي،امير ۽ غريب جي وڌندڙ تفاوت ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڪري خودڪشين جو لاڙو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.تازو حيدرآباد ۾ مالي پريشانين ،غربت ۽ مهنگائيء کان تنگ اچي ٽن عورتن سميت پنجن ماڻهن زهر پي ڇڏيو.جن مان ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا.خبر موجب ماڻهو سخت مهنگائي ۽ غربت کان تنگ اچي اهڙا سخت قدم کڻڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.خودڪشيء جو اهڙو ئي واقعو ٽنڊو آدم ۾ به پيش آيو جتي ويهن ورهين نوجوان شبير احمد بيروزگاريء کان تنگ ٿي زهر پي پنهنجي زندگيء جو انت آڻي ڇڏيو.جڏهن ته ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ ويهن ورهين جو نوجوان رميش ڪمار به زهر کائي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو.هالا ۾ زهر کائي زندگيء جو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ چاليهن ورهين جي نجما کي سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو جتي سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن وقت سماج ۾ معاشي مسئلن جي ڇڪتاڻ سبب مايوسي وڌي رهي آهي جنهن ڪري ماڻهن ۾ آپگھاتن جو لاڙو نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي.اهو ته ٿيو تصوير جو هڪڙو پاسو،هاڻي تصوير جو ٻيو پاسو ڏسڻ لاء هڪ ٻي خبر تي نظر ڊوڙايون ٿا سا خبر اها ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ اسيمبليء جي چونڊيل ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا آهن جن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ذاتي اثاثن جو انگ ٻاويهه ڪروڙ 88 لک روپيا آهي جنهن مان 2 ڪروڙ 48 لک روپين جون ٻه گاڏيون به شامل آهن.مراد علي شاهه جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 16 ڪروڙ 89 لک روپين جو بيلنس آهي.سنڌ اسيمبليء ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ فردوس شميم نقوي 16 ڪروڙ 84 لک روپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.پي پي اڳواڻ فريال ٽالپر 38 ڪروڙ کان وڌيڪ ملڪيت جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.هوء هڪ ڪلو سون جي به مالڪياڻي آهي.فريال ٽالپر جون ٻئي ڌيئرون به ڪروڙ پتي آهن.فاطمه ٽالپر 3 ڪروڙ 31 لک جڏهن ته عائشه ٽالپر 14 ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ آهي.سنڌ اسيمبليء جو اسپيڪر آغا سراج دراني 6 ڪروڙ 40 لکن جي اثاثن جو مالڪ آهي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو 10 ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ آهي.وزير بلديات سعيد غني 2 ڪروڙ،سهيل انور سيال ست ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.حليم عادل شيخ جي اثاثن جي ماليت هڪ ڪروڙ 93 لک روپيا آهي.علي گوهر مهر 26 ڪروڙ ۽ قائم علي شاهه 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثا رکن ٿا.شرجيل ميمڻ ٽي ڪلو سون سميت 37 ڪروڙن کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.ايم ڪيو ايم جو ڪنور نويد جميل 5 ڪروڙ 23 لک،تحريڪ انصاف جو خرم شير زمان 5 ڪروڙ 94 لک روپين جڏهن ته خواجا اظهار الحسن هڪ ڪروڙ 17 لکن جي اثاثن جو مالڪ آهي.جڏهن ته شهلا رضا هڪ ڪروڙ 89 لک روپين جي اثاثن جي مالڪ آهي.اهي ته اهي نالي ماتر اثاثا ۽ ملڪيتون آهن جيڪي انهن پنهنجن چونڊ گوشوارن ۾ ظاهر ڪيون آهن باقي انهن وٽ جيڪي حقيقي ملڪيتون موجود آهن انهن جو حساب ڪرڻ مشڪل آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ طرف اها اشرافيا آهي جيڪا ڪروڙن ۽ اربن ۾ رانديون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف غربت ۾ ڦاٿل ماڻهو حالتن هٿان مجبور ٿي خود ڪشيون ڪري رهيا آهن ته پوء رياست ڪٿي آهي ۽ سماجي انصاف ڪٿي آهي؟ اهو صحيح آهي ته ملڪ جو قانون ماڻهن کي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ ۽ اثاثا رکڻ کان منع نٿو ڪري پر نام نهاد ملڪي قانون کان اهو سوال ته ڪري سگھجي ٿو ته اها دولت رڳو چند هٿن ۾ ڪيئن گڏ ٿي ويئي ۽ غريب ڏينهون ڏينهن وڌيڪ غريب ڇو ٿيندا ٿا وڃن؟ ڪروڙن جي ملڪيتن تي نانگ بڻجي ويٺل اها اشرافيا جڏهن غريب عوام جي دردن جون رام ڪهاڻيون بيان ڪندي واڳون وار ڳوڙها ڳاڙي ٿي ته انهن کي ذرو به احساس نٿو ٿئي ته سندن انهيء ملڪيت جو ڪيترو حصو انهيء ئي عوام جي پگھر ۽ رت جي ڪمائي آهي جيڪا انهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڦري ۽ لٽي رکي آهي. پنهنجي انهيء ڪمائيء مان اهي غريبن تي ڪيترو خرچ ڪن ٿا؟ چند هٿن ۾ جمع ٿيل اها دولت جي رڳو صحيح نموني سان معاشي گردش ۾ اچي وڃي ته به هوند غربت ۾ گھڻي گھٽتائي اچي وڃي پر دولت جي نشي ۾ ڌت اها اشرافيا احساس نالي هر جذبي کان آجي آهي.اهي ماڻهن جي غربت ۽ خودڪشين تي ماتم ته ڪري سگھن ٿا،وڏيون وڏيون تقريرون به ڪري سگھن ٿا،عوامي همدرديء ۾ رت جا ڳوڙها ته ڳاڙي سگھن ٿا پر پنهنجي انهيء ملڪيت ۾ غريبن لاء ڪوبه حصو مقرر نٿا ڪن. گھڻائيء جي حرص انهن جا احساس ئي ماري ڇڏيا آهن.حڪومتون توڙي رياست به ان سڄي سانحي ۾ تماشائي بڻيل آهي.هي سڌريل ۽ ترقي يافتا معاشرو جنهن جي دعويٰ هر طرف کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي اتي جيڪر ڪو غريب ماني ڳڀي لاء تڙپندي پنهن جي زندگيء جو انت آڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ته پوء ان سڄي سماج جي لاء اهو سوال هڪ وڏي چماٽ بڻجي وڃي ٿو ته انسانيت ڪٿي آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو