گهوٽڪي جي ضمني چونڊ تي ٿيندڙ سياسي جوڙ توڙ

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو

    اڄ جڏھن ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين سنڌ جي وڏن ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن جي لکين رهواسين جي هٿن ۾ سنڌ جي مشھور اخبار ''ڪوشش'' هوندي ته ٺيڪ ان وقت گهوٽڪي ضلعي جي قومي اسيمبلي تڪ 205 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ تڪ جا هزارين ووٽر ڊگهيون ڊگهيون قطارون ٺاهي پولنگ بوٿن تي پهچي نرڙ مان پگهر ڳاڙيندي ڏڪندڙ ھٿن سان هڪ ڀوتار جي مقابلي ۾ بيٺل ٻئي ڀوتار کي سوڀارو ڪرڻ لاءِ سندس چونڊ نشان واري ووٽ جي پرچي تي ٺپا هڻي رهيا هوندا. اڄ جنهن ووٽ جي پرچي تي ووٽرن کان ٺپا هڻائڻ لاءِ ڀوتارن ذري گهٽ ٻن مهينن کان وٺي پنهنجون ننڊون ڦٽائي ايئرڪنڊيشن محلاتن مان چونڊ تڪ جي تقريبن سمورن ووٽرن يعني هارين، پورهيتن، گڏھ گاڏي وارن، ريڙھي وارن، دڪاندارن وغيره جي گهرن، درن ۽ بازارن تائين پهچي هٿ ادب جا ٻڌي نهايت ئي مٺڙي سنجيده ۽ جهيڻي آواز ۽ معصوم چهرو بنائيندي پنهنجي عزت ۽ پڳ جو ڀرم رکڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا، ان ساڳئي ئي ووٽ جي پرچي لاءِ هڪڙي ڀوتار چيو ته اوهان جو ووٽ ٽڪي جو آھي، ٻئي همراھ جيڪو هينئر خير سان ڪروڙين ڪروپشن جي ڪيس ۾ جيل ڀيڙو ٿيل آھي، ان ووٽ جي پرچي تي پيشاب ڪرڻ جهڙا غليظ جملا ڳالهايا، ٽئين سردار ووٽِ فرمايو ته هڪ ٽڪي جي سيٽ لاءِ مونکي پريشان ڪيو پيو وڃي. هتي تعجب خيز قصو اهو به آھي ته گهوٽڪي واري ضمني چونڊ کٽڻ جي جستجو ۾ اهي ڀوتار عام ووٽرن اڳيان ووٽ جي خيرات پنڻ لاءِ ميسڻا بنجي سين ۽ صدا هڻي رهيا آھن جيڪي عام حالتن ۾ ڪنهن راڄ واري جي فوتگي تي عذر خواهي ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ته گهر مالڪن کي ڇنل تڏي ۽ پراڻي رلي تي هيٺ ويهاري پاڻ رنگ برنگي صوفا سيٺن تي ٽيڪجي ٻه قل پڙھندا هئا. مذڪوره ننڍي چونڊ تي ٿيندڙ سياست قبيلي، برادري، ۽ راڄ واري سيڙپ يا بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ جيڪا غير جمهوري، غير اصولي ۽ غير مهذپڻي واري ورڪ يا ٻولي ٻولڻ پنهنجي جاءِ تي پر تحريڪ انصاف جي هڪ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ليڊر حليم عادل شيخ سنڌي قوم ۽ تڪ جي ووٽرن لئه توهين آميز لفظ ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ وارو جيڪڏهن اوهان لٺ بازي ڪئي ته اسان وٽ به سريي وارو سيٺ ويٺو آهي.
    بهرحال هوئين ته اڳوڻي اليڪشني شيڊول موجب 18 جولاءِ تي گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ ٿيڻ واري هئي پر ڪن سببن جي ڪري اها هاڻي 23 جولاءِ تي ٿيندي، اسين جڏھن اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير علي محمد مهر جي وفات کان پوءَ خالي ٿيل اين اي 205 تي ٿيندڙ مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ اليڪشني مقابلي جي ڳالهه ڪري رهيا آھيون ته گهوٽڪي ضلعي جي هڪ سڃاڻپ گهڻ سرداري ضلعي طور ٿيندي آھي، ٻئي سڃاڻپ وري مختلف قسم جي ننڍن وڏين ملن، فئڪٽرين وغيره طور به ٿيندي آھي. ساڳي ضلعي جو تعارف ماضي ۾ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ڪامريڊ شبير شر سندس ڀاءُ لياقت شر ۽ ڪامريڊ مانڌل شر جهڙن ڀلوڙ انسانن طور به ٿيندي هئي. اڄڪلهه ساڳي ئي ضلعي جي عوام لاءَ بدنما داغ بڻيل افتخار لنڊ جهڙي انسانيت دشمن طور به ٿي رهي آھي، ستم ظريفي جي ڳالهه اها به آھي ته جنهن خرمست افتخار لنڊ پنهنجي ئي ذات ڀائي ۽ ذاتي ملازم وين ڊرائيور الله رکيو شر جي ويهڪ واري جاءِ ۾ لوهه جو سريئو وجهي حياءَ شرم جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا هئا، ان کي عمران خان پاران سنڌ ۾ انساني حقن جي نگهباني ڪندڙ تنظيم جو فوڪل پرسن مقرر ڪرائي ڇڏيو آهي. اسين جڏھن گهوٽڪي جي منفي ڪردار رکندڙ ڀوتارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پڙھندڙ کي اهو به ٻڌائيندا هلون ته اڄ کان ٻه ڏهاڪا اڳ اسان جي وارهه سڀ ڊويزن تي هڪ نوجوان ايس ڊي ايم جنهن جو نالو شايد اسلم لنڊ هيو مقرر ڪيو ويو هيو، ان جو تعلق به گهوٽڪي ضلعي سان هيو. عجيب اتفاق جي ڳالهه ته تنهن وقت مشهور حمل ڍنڊ جي مڇي جي مالڪي تان چانڊيا قبيلي جي سردار، مرحوم شبير احمد چانڊيو سان علائقي جي معرفاڻي برادري وارن جو اختلاف چوٽان چوٽ چڙھيل هيو، مزي جي ڪهاڻي ته هڪ طرف ڀوتار ۽ ان جا واٺا هئا ته وري ٻئي پاسي معرفاڻي برادري جي مختلف پاڙن سان تعلق رکندڙ ماڻھو هئا، جن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جا ڪامريڊ ڪري رهيا هئا، هڪ ڀيري ڪامريڊ غلام مصطفٰي ۽ منهنجو ملڻ ايس ڊي ايم صاحب سان سندس ئي آفيس ۾ ٿيو هن اسان ڏانهن نهايتي اچرج وارو چهرو بڻائيندي چيو ته جس آھي اوهان ڪامريڊن کي جيڪي پنهنجي قبيلي جي طاقتور سردار سان عوام ۽ برادري جي جائز مفادن لاءَ مهاڏو اٽڪائي رهيا آھيو باقي اسان جي ضلعي ۾ ڀوتارن جي سامهون ٿيڻ ته پنهنجي جاءَ تي پر سندن آڏو ڪنڌ مٿي کڻي نهارڻ جي به ڪنهن ۾ جرئيت نه هوندي آھي، خير اهي ته هيون ڪجهه اڳئي وقت جون ڳالهيون پر اڄ جڏھن گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جو جائزو وٺون ٿا ته شايد گهوٽڪي ۽ مهر سردارن جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو هجي ته هڪئي خاندان جا ٻه اهم فرد هڪٻئي جي سامهون چونڊ لڙي رهيا هجن. ها ايئن به ڪونه آھي ته صرف گهوٽڪيءَ ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جي ٻيگهي متل هجي ۽ صرف اهي ئي چونڊيل ايوانن تائين پهچن، پر پاڪستان جي پارليامينٽ هجي سنڌ بلوچستان ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبليون هجن اتي به سردارن، خانن چوڌرين پيرن گادي نشيننن، جاگيردار، سرمائيدارن توڙي رٽائرڊ فوجي جنرلن ۽ سول بيروڪريٽن جا ولر ويٺل آھن يا ايئن کڻي چئجي ته خيبر کان ڪراچي تائين چونڊيل ايوانن ۾ ڀوتار ۽ اشرافيا لوگ ديرو دمايو ويٺا آھن، وڏ گهراڻن جا جتي اهم ماڻھو پارليامينٽ ۾ برجمان آھن اتي وري انهن جا فرزند وڏ ور ڌيئرون بيگم صاحبائن کان ويندي ڄانٽا سالا ڀيڻويا ۽ نُهرون به ڪنهن نه ڪنهن چونڊيل ڪائونسل جون ميمبرس آھن. چوڻ جو مطلب ته جتي ڪٿي ڀوتارن جا ڪٽڪ ايئن نظر ايندا جيئن اڄڪلهه سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڪڙ جا اڻمندائتا ڪٽڪ زرعي فصل تي لامارا ڏئي رهيا آھن .اسين جن معزز مهربانن جي چونڊيل ايوانن ۾ کپ کوڙي ويٺلن جي ڳالهه ڪري رهيا آھيون اهي عوام جي نمائندگي جا لائق ۽ حقدار آھن يا وري کين پڇ ٻڌي مهري بڻايو ويو آھي. انهن جي اصل پرڪارن جي ٿورڙي پچار ڪبي ته ڪيتريون ئي ڪڙيون ۽ تلڪ حقيقتون سامهون اچي وينديون. بهرحال گهوٽڪي واري اليڪشن تي نظر وجهنداسين ته ايئن پيو لڳي ڄڻ ته ٻئي مهاڀاري لڙائي هجي يا 1990ع کان اڳ مغربي ۽ مشرقي بلاڪ واري سرد جنگ هجي، اين اي 205 پنج تي سوڀ حاصل ڪرڻ لاءَ هڪ ئي معزز گهراڻي جي محترم فردن ۾ چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آھي. هڪ طرف پ پ جي ٽڪيٽ تي سردار مرحوم غلام محمد مهر جو اڪيلو پٽ جيڪو پاڻ کي چيف سردار سڏرائي رهيو آھي، اليڪشني ميدان کٽڻ لاءِ سندرا تاڻي رهيو آھي ته ٻئي پاسي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر جو پڳدار پٽ سوڀ ماڻڻ لاءَ پوري تڪ جي عوام وٽ ووٽ جي حاصلات لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آھي. مزڪوره قومي سيٽ مامون کٽي يا ڀاڻيجو کٽي ڳالهه مڙئي ساڳي آھي يا عام چوڻي ته جهڙي سٺ تهڙيون ٽيويهون. جتي مرحوم علي محمد خان جو پڳدار پٽ علي احمد فرمائي ٿو ته اين اي 205واري سيٽ سندس والد جي وفات ڪري خالي ٿي آھي تنهنڪري اها سندس والد جي ڄڻ ته قومي امانت آھي جنهن کي مان ئي درست نموني سنڀالي سگهان ٿو. اتي وري سردار محمد بخش فرمائي ٿو ته اها سيٽ تاريخي طور تي سندس والد سردار غلام محمد مهر جي هئي، انڪري اها سندس اباڻي ملڪيت آھي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ آءُ هٿئون وڃڻ ڪونه ڏيندس. ڪيڏي نه عجيب و غريب ڳالهه آھي ته پپلزپارٽي جو نوجوان چيئرمين بلاول زرداري هڪ سيٽ کٽڻ لاءَ پنهنجي ٽن صوبائي وزيرن کان استيفائون ڏياري چونڊ مهم جا انچارج مقرر ڪرائڻ کان سواءِ خود به چونڊ تڪ جو دورو ڪري محمد بخش مهر جي سامهون جي بيٺل اميدوارن کي ڪٺپتلي ڀوتارن جي لقبن سان نوازي رهيو آھي. جڏھن ته جي ڊي اي جو سربراهه ۽ حرن جو روحاني پيشوا علي احمد مهر کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آھي. هتي اهو قصو به ڏاڍو دلچسپ ۽ معنٰي خيز آھي ته بلاول ڀٽو اهو به چوي ٿو ته پنو عاقل جي حساس اداري وارا اسان جي اميدوار کي ھارائڻ لاءِ خلائي مخلوق کي زميواريون سونپي ڇڏيون آھن. ساڳي طرح جي ڊي اي جي قيادت ۽ آزاد اميدوار چون ٿا ته صوبائي سرڪار مزڪوره سيٽ کٽڻ لاءَ وڏي پئماني تي ڌانڌلين ۽ گڙٻڙ جي منصوبابندي اڳواٽ ڪري ڇڏي آھي. بهرحال ڌرين جون الزام تراشيون ۽ داوائون پنهنجي جاءِ تي پر اها حقيقت آھي ته ڀوتار ان سيٽ کي ايئن پنهنجي ذاتي ۽ خانداني ملڪيت سمجهي رهيا آھن جهڙي طرح هو پنهنجي قبيلائي پڳ کي نسل در نسل پنهنجو پنهنجو حق سمجهن ٿا. ڪاش گهوٽڪي سميت پوري سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ کي سنڌ سنڌي قوم ۽ عوام جي امانت سمجهي انهن پارٽين جي اميدوارن کي هر اليڪشن ۾ سوڀارو ڪن جن جو منشور پروگرام نظريو ۽ ڪردار عوام دوستي وارو هجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو