1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

نواز شريف جو جيل مان اي سي لاهڻ تي شهباز شريف چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    لاهور: (ڇنڇر 27 جولاءِ 2019ع) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ جي پنجاب حڪومت جي فيصلي کي ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.

    مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ تي چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط لکي ڇڏيو آهي. شهباز شريف خط ۾ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب حڪومت آءِ جي جيلز کي خط لکي اي سي لاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ جو قدم بورڊ جي سفارشن جي ڀڃڪڙي آهي.

    مسلم ليگ ن جي صدر سيڪريٽري پنجاب کي لکيو ته توهان جو ڌيان پنجاب حڪومت طرفان جوڙيل بورڊ جي سفارش طرف ڪرائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ جي سفارش آهي ته نواز شريف کي مناسب گرمي پد واري ڪمري ۾ رکيو وڃي. شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ جو فيصلو وزيراعظم جي خواهش موجب ڪيو ويو آهي.

    ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري دوران پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب دوران چيو هو ته پاڪستان وڃي جيلن مان اي سي ۽ ٽي وي ڪڍرائيندس. عمران خان چيو هو ته جيلن مان اي سي ۽ ٽي وي ڪڍائڻ جي فيصلي تي مريم نواز گهڻو گوڙ ڪندي پر جهڙي طرح هي جيلن ۾ رهي رهيا آهن اها سزا ته نه ٿئي. اوهان اي سي ۾ رهي رهيا آهيو، اوهان کي ٽي وي ۽ اخبار جي به سهوليت مليل آهي.

    وزيراعظم جي اهڙي بيان تي مسلم ليگ(ن) طرفان ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو هو ته وزيراعظم کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان بيرڪن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون.
    Sindhi News
    https://onlineindus.com/sindhi/84421
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو