جاکوڙي نوجوان شاعر اظهر امر

'مختلف موضوع' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    جاکوڙي نوجوان شاعر اظهر امر
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    تحرير علي عاجز شر
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    امر اظهر جون شاعري سان اڃان ٻاروتڻ واريون ڳالهيون ٿورو وقت اڳ شروع ٿيون آهن هو نئون نئون هنن ڪنڊيدار دڳن جو پانڌيئڙو بڻيو آهي فاعلاتن فاعلاتن فاعلن تي آڌاريل هيءُ غزل امر اظهر جي عشق جي ڪنواري رڙ آهي هن شاعري جي فڪر سان گڏ معاشري جي دردن کي به سمجهڻ شروع ڪيو آهي سندس شروعات ڏاڍي سٺي آهي جڏهن ڌرتي جا دڳ ڌرتي جا وڳ پوياڙيون ۽ اڳ قيدي هنجن ته ڌرتي جو عشقُ خود بخود قيدي ٿي ويندو آهي قيد هڪ ڏک جو نالو آهي ۽ ڏک ئي اندر جي انسان کان ڪجهه لکرائيندو آهي امر اظهر جي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته اظهر جي ننڍڙي عمر ۾ ئي اڙهانگن پيچرن تي هلڻ جا راز .....!!!!!
    وقت جي حادثن هٿان پنهنجي زندگي جي لاري ۽ ان ڏک جي ياد.......!!!!!
    بابت هيئن چئي ويهي ٿو ته.

    عُمرِ لاري وقت آهي حادثو !
    ياد ساري وقت آهي حادثو !

    اظهر دنيان وٽان درد پرائي محبوب کان ڏک وٺي سهميل ۽ نماڻي انداز ۾ پنهنجي معصوم دل محبوب کان لڪائي ٿو ته دل کسيندي متان منهنجي پرين کي ڪا تڪليف رسي اهو به عشق جو عجيب راز آهي جيڪو اظهر هنن ٻن سٽن ۾ اظهاريو آهي ته..............

    ڇونه توکان مان لڪايان اي پرين ؛
    دل ويچاري وقت آهي حادثو .

    شام جي ٿڌي پهر ۾ اظهر پنهنجي پرين کي ساريندي ٿڌا ساهه ڀري ايندڙ رات جي حادثن لاءِ چوي ٿو ته......................

    شام لمحا ياد تنهنجي ٿي اچي ؛
    رات ساري ! وقت آهي حادثو .

    هن بند ۾ اظهر جي محبوبه ڊڄندي ڊڪندي اظهر وٽ اچي ٿي ۽ کيس پيار ڀري ميار ڏيندي چويس ٿي تو پنهنجي ياري جو ڳالهيون ماڻهن سان ڇوٿو ڪرين جدائي جو ڊپ منهنجي جيءَ لاءِ ڳاراڻو بڻجي پيو آهي.

    يار ڄاڻايو اٿم ڄاڻي ڪري ؛
    جيءُ ڳاري وقت آهي حادثو.

    اظهر کي اڪيلائي اداس ڪري ٿي ته هو ٿڌا ساھ ڀري هوائن سان پنهنجي محبوبه ڏي نياپو اماڻي ٿو ته هاڻي گهڻو ئي جدائي جو رڻ جهاڳيو آهي هاڻي پيار جي پيچرن تي يادن جا گل پوکيندي پوکيندي تون منهنجي اڱڻ تي هلي آءُ توکان سواءِ مان ڪنهن سان پنهنجا سور اوريان تون ئي ته منهنجي پنهنجي آهين تون ڌارين ڇو ٿي ٿئين ...........!!!!!؟

    اچ امر جي تون اڱڻ تي سانوري ؛
    ٿي نه ڌاري ! وقت آهي حادثو .

    اظهر امر جي هڪ ٻئي قومي غزل تي به ويچار ونڊ ڪندو هلان تي شاعري به عجيب لڳندي اٿم ڪڏهن ڪڏهن دل چوندو آهي ته شاعري سان زندگي گذاريان ٻيو ڪجهه به نه هنجي بس شاعري هنجي ۽ مان هجان هيء غزل پڙهيو ته پڙهندي پڙهندي نيڻ آلا ٿي ويا ڇو ته امر اظهر جي غزل جي پنجن بندن ۾ پنج داستان سمايل آهن هر داستان ۾ هزارين داستان آهن اچو ته امر جو غزل پڙهون
    ڪجهه ڏينهن اڳ ارشاد رانجهاڻي جو قتل ۽ اهڙا هزارين قتل سنڌ جي سيني تي سنڌ جي پٽن ۽ ڌيئن جو خون اهي ڳالهيون پچاربيون ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا

    ڏينهن ڏٺي جو ماريا ويا هون !
    ڌرتي تي ٿي ڌاريا ويا هون !

    جڏهن پنهجا پيارا ماڻهون ساريندا آهن ته دل جو بي قابو ٿيڻ ۽ محبت ۾ ماڻا هر حساس دل ڄاڻي ٿو

    دل جا ماڻا بي قابو هن
    شايد هن وٽ! ساريا ويا هون.

    سنڌ جي عشق ۾ هزارين عاشقن پاڻ پچايو آهي ويجهي ماضي ۾ قربان کهاوڙ روپلو چولياڻي مقصود قريشي سليمان وڌو جون قربانيو تاريخ جو حصو آهن

    سنڌ امان تنهنجي خاطر اڄ ؛
    ڪاٺي وانگر ٻاريا ويا هون.

    سنڌ جي ماضي تي نظر وجهبي ته ڏاهر هيمون روپلو هو شو جيئن هزارين تاريخون لکيل آهن ڪيترن ئي جوانن ديس لاء تلوار کڻي ماء مٽي جي حفاظت ڪئي پر ھاڻوڪي خاموشي................!!!!!!!!

    دودن تلوارون ماٺ ٿيون ؛
    عشق وٽان ته اٿاريا ويا هون.

    هيء بند ته بلڪل اظهر وانگر معصوم آهي ۽ هن بند جو اظهار به اظهر جهڙو ئي آهي

    اظهر آنء ته قول ڪنوارو ؛
    ڪاٿي ڏس پاريا ويا هون.

    پيارا دعا آهي ته تنهنجي لکڻ جي سگهه اڃان اڳڀري ٿئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو