مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس تام جو اڀياس

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    محقق ۽ ليکڪ:
    الطاف محبوب جوکيو
    وفاقي اردو يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ ڪارونجهر جرنل، جلد 11، شمارو 20، جون 2019 ۾ ڇپيل پيپر دوستن سان شيئر ڪجي ٿو...
    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس تام جو اڀياس
    (A Study of Antanaclasis in Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)
    Abstract:
    Molvi Ahmed Mallah, the great Sindhi Poet, is expert of both Classical Hindhi/ Sindhi Prosody and the Arabic Prosody. Lyrical translation of Quran Majeed named ‘Noor ul Quran’ and his mixed poetry named ‘Kulyat Ahmed’ are his best work in the light of different type of prosody. He has composed masterpiece Verses (Bait) and Kafi as well as Odes (Gazal) and lyrical poems. His poetry is rich and unmatchable regarding execution of figures of speech. He is famously known as the king of the Alliteration (Tajnees Harfi) whose famous forms are: Tajnees Taam, Tajnees Naqis, Tajnees Mazeel, Tajnees Murakib, Tajnees Qalb etc.
    This research paper is analysis of Antanaclasis in his poetry. Antanaclasis means usage of same word at different places in prose or poetry giving different shades of meaning and thoughts.
    As far as Antanaclasis in Sindhi prose or poetry is concerned, our scholars have given vague concept of term as well as inappropriate examples in their respective works. But when we analyze Antanaclasis in molvi Ahmed’s poetry and his grip and clarity of the term, we found it very exceptional, clear and outstanding. To our boundless astonishment, he has even composed complete odes regarding Rhyme and Subsequent (Radeef) containing the exceptional usage of Antanaclasis in his poetry, that has no any other example before us in any other writer’s work.
    This paper aims at doing analysis of Antanaclasis in Molvi Ahmed Mallah’s match-to-nothing poetry.
    اڀياس جو پس منظر
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ عَروضي شاعريءَ جي امتزاج جو شاعر جاچڻو هوندو ته مولوي احمد ملاح کان وڌيڪ سگهارو نالو ڪو ٻيو نه ملندو. مولوي احمد ملاح جو قرآن پاڪ وارو منظوم ترجمو ته هڪ اهڙي سوکڙي آهي، جنهن مولوي صاحب کي جياري ڇڏيو آهي، نه ته اسان وٽ ڪيئي اهڙا گوهر گم ٿي وڃن ٿا جن جو قدر مُئي کان پوءِ به نه ٿو رهي.
    مولوي احمد، لاڙ جي هڪ پوئتي پيل ڳوٺ ’ڪنڊي‘ جو ۽ هڪ مسڪين لڏي جو ماڻهو هيو، ان سبب ان جي پويان ڪا گادي قائم ٿي نه سگهي. جيڪڏهن پٽَ سَٽ تي پنهنجو پاڻ کي بيهاري وڃي ها، ته پويان گادي به جڙي وڃي ها ۽ موجوده سياسي گهرجن آهر سرڪاري طور تي ڪنهن وڏي تعليمي اداري ۾ سندس نالي سان چيئر به بڻجي وڃي ها، سندس ڪيل ڪم تي علمي يا ادبي ڪم به ٿئي ها. وري به جس هجي بدين جي ساڃهه وند ماڻهن (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد سومار شيخ ۽ پروفيسر عبدالله ملاح) کي جن ذاتي ڪوششن سان ان جي نالي هڪ لائبريري قائم ڪرائي آهي.
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مولوي احمد ملاح جي ڪيل ڪم تي جنهن انداز سان ڪم ٿيڻ کپندو هيو، سو نه ٿي سگهيو آهي. وري به سلام آهي پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا سونهري ڏينهن مولوي صاحب جي ڪم کي سهيڙڻ ۽ ان جي تصحيح يا تدوين کي ارپي ڇڏيا آهن. صاحب موصوف تحقيقي انداز ۾ ’ڪليات احمد‘ کي سهيڙيو آهي ۽ تصحيح جي خيال کان ان جا چند جلد به شايع ڪرائي چڪو آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته کيس جتي به لفظن جو مغالطو يا راءِ ملي ٿي، سا ڇنڊڇاڻ بعد نوٽ ڪري، ٻيهر جلد ڇپرائي وٺي ٿو. ان کان سواءِ مولوي احمد جي ’نورالقرآن‘ جي تصحيح ۾ پڻ مصروف آهي. هن کان اڳ ’نورالقرآن‘ جو پهريون دفعو شايع ڪرائڻ جو شرف ارباب الهه جڙيي کي حاصل رهيو آهي.
    مون ناچيز، جڏهن مولوي احمد جي عَروضي شاعريءَ جي انتهائي مختصر مطالعي بعد صنايع بدايع جي لحاظ کان سندس لفظي ترڪيبن، قافين، رديفن، تجنيسن ۽ صنعتن جو استعمال ۽ بيهڪ ڏٺي ته حيراني ان سبب ٿي جو اهڙي بيهڪ ڪنهن ٻئي شاعر وٽ نه ٿي ملي. مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس حرفيءَ‘ جو استعمال گهڻو ٿو ملي، جنهن سبب کيس ’تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. تجنيس حرفي گهڻين تجنيسن جي ماءُ آهي، جنهن سبب ان جي ڪُک مان ٻيون تجنيسون به جنم وٺن ٿيون، جيئن: تجنيس تام، تجنيس ناقص، تجنيس مذيل، تجنيس مرڪب، تجنيس قلب وغيره. هتي صرف تجنيس تام جي دائري هيٺ مولوي صاحب جي عَروضي شاعريءَ جو اڀياس مقصود آهي. ڏٺو ويو آهي ته تجنيس تام جي لغوي معنى ۾ اختلاف ۽ ان جي دائري جِي وضاحت ۾ اتفاق ملي ٿو.

    تجنيس تام جي دائري بابت عالمن جا رايا
    مرزا قليچ بيگ لکيو آهي: ”تام جي معنى تمام يا ڪامل، يعني پورو. جڏهن ٻه يا زياده لفظ اهڙا ڪم اچن، جي لکڻ يا پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجهڙا هجن، مگر معنى ۾ مختلف هجن، جيئن شاهه جي رسالي ۾ ’جتن‘ جو لفظ هيٺئين بيت ۾ ڪم آيل آهي:
    ’جتن‘ ڪج ’جتن‘ جو، آيا ڪي ايندا،
    وٺي پنهون پاڻ سين، وٽان تو ويندا،
    دم نه دميندا، سڌا ويندا ساڻيهه ڏي.“ (قليچ، 2016: 88)
    مرزا قليچ واري ساڳي ڳالهه، بغير ڪنهن تحقيق يا ڇنڊڇاڻ جي ڊاڪٽر ام قلثوم شاه پنهنجي تحقيقي مقالي ’شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ ڏني آهي، هوءَ مٿئين ساڳئي بيت جي وضاحت هن ريت ڪري ٿي: ”مثال ۾ درج ڪيل شاه سائينءَ جي بيت ۾ لفظ ’جتن‘ ٻن مختلف معنائن ۾ ڪم آيو، جڏهن ته ان جو اچار ۽ صورتخطي بلڪل هڪجهڙا آهن. پهريون ’جتن‘ معنى ’ڪوشش، حيلو، اپاءُ، خبرداري، پاڻ پتوڙڻ، تدبير‘ وغيره. (ج.س.ل. جلد ٻيو ص 896) ۽ ٻيو ’جتن‘، جت ذات جي ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي.“ (قلثوم، 2004: 22)
    مرزا صاحب جي ڏنل ساڳي وصف جا هڪ ٻه لفظ ڦيرائي ظفر عباسيءَ لکيو آهي ته: ”تام جي معنى تمام يا ڪامل آهي، يعني مڪمل يا پورو. جڏهن ڪنهن عبارت يا شعر ۾ ٻه يا وڌيڪ لفظ اهڙا ڪم اچن، جيڪي صورتخطي ۽ تلفظ (لکڻ يا پڙهڻ) ۾ بلڪل هڪجهڙا هجن، مگر معنى ۾ مختلف هجن. مثال:
    *’جتن‘ ڪج ’جتن‘ جو، آيا ڪي ايندا. (شاه)
    *وَرَ‘ ۾ ڪونهي ’وَرُ‘ ڏيرن ’وَرُ‘ وڏو ڪيو. (شاه/ سر ديسي)
    ور = مڙس/ پنهل. ور = ڦير. ڏنگائي- ور- وڪڙ- وراڪو.
    *گهرين همدم جي ڪو، هڪ ’دم‘ نه هن ’دم‘،
    هنيئي جي ’دم‘، ته پوءِ ملندئي نه همدم. (مرزا قليچ)
    ترتيبوار: دم = پل- دم = پساه- دم = ٻٽاڪ
    *مٽي ٿي زر ٿئي، اڪسير سان قناعت جي،
    سمهين جي ’پٽ‘ تي، ته ٿي پئي سو بستر ’پٽ‘ جو. (قليچ بيگ)
    ترتيبوار: پٽ = زمين – پٽ = ريشم.“ (ظفر، 2007: 410)
    دراصل، مرزا قليچ بيگ واري ساڳي وصف ۽ ان جا هڪ ٻه مثال بغير ڇنڊڇاڻ جي پيش ڪيا ويا آهن.
    تجنيس تام جي وصف ۽ مثال ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ هيٺين ريت ڄاڻايل آهي:
    *تجنيسَ تامَ: ث. فقري يا مصرع ۾ ساڳيءَ صورتخطيءَ ۽ ساڳئي اچار وارن لفظن جي استعمال جي صنعت (انهن لفظن جي معنى ڀلي کڻي مختلف هجي ’وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو‘ شاهه) (بلوچ، 1981: 591)
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل لغت ۾ لفظ جو بنياد ڄاڻايل ڪونهي، جڏهن ته وصف بلڪل واضح آهي. البت، جيڪو مثال ڏنل آهي، ان ۾ ’ور‘ لفظ ٽي ڀيرا ڪم آندل آهي، جن جي اعراب ۾ فرق آهي: ’وَرَ‘، ’وَرُ‘ ۽ ’وَرُ‘. پهرئين لفظ (وَرَ = مڙس) جي آخر ۾ ’زبر‘ آيل آهي، جڏهن ته وچئين ۽ آخري (وَرُ = ڏنگ- جٺ) لفظن جي آخر ۾ ’پيش‘ ڪم آندل آهي. آخري ٻه لفظ سماجي معنى نسبت پاڻ ۾ ويجها آهن. البت اڳيون لفظ ’مڙس‘ جي معنى ۾ مختلف معنى جو مثال بيشڪ آهي. مسئلو سامهون اهو ٿو اچي ته انهن لفظن جي صورتخطي، زيرن- زبرن جي خيال کان الڳ آهي. ان سبب ان کي ’تجنيس تام‘ جو مثال نه، بلڪ ’تجنيس ناقص‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو.
    مرزا قليچ ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻايل وصفن ڏسڻ بعد ٽي اهم ڳالهيون سامهون اچن ٿيون:
    *تام جي معنى، جيڪا مرزا قليچ بيگ ڏني آهي، سا ان جي مراد سان ٺهڪاءَ ۾ نه ٿي اچي. جيڪڏهن تام جي معنى ’مڪمل‘ واري ورتي وڃي ته پوءِ لفظن جي هڪجهڙائيءَ جي مراد هٿرادو لڳي ٿي.
    *جيڪڏهن لفظن جي هڪجهڙائيءَ واري مراد وٺجي ٿي ته مرزا صاحب توڻي بلوچ صاحب جي ڄاڻايل لطيف سائينءَ جي بيتن جِي سٽرن جا مثال ناقص آهن، ڇاڪاڻ ته لفظن جي شڪل ته بيشڪ ساڳي آهي، ليڪن نحوي لحاظ کان انهن جي زيرن زبرن ۾ فرق اچي ٿو.
    *ظفر عباسيءَ پاران ڄاڻايل مرزا قليچ بيگ جي شعرن وارن مثالن ۾ بيشڪ زير زبر جو فرق نه ٿو رهي، ان ڪارڻ هڪجهڙائيءَ واري ميزان ۾ بيشڪ پورا لهن ٿا.

    مسئلي جا سوال
    تجنيس تام مان مراد، ڀيٽ جي صورت ۾، اهڙا لفظ ڪم آندل هجن، جن جي صورتخطي هوبهو ساڳي هجي ۽ معنائون مختلف هجن. ان خيال هيٺ هيٺيان ٻه اهم سوال اڀرن ٿا:
    *جيڪڏهن ’تام‘ لفظ جي معنى ’ڪامل/ پورو‘ وٺجي ته ڇا لفظ جي ساڳيائپ واري مراد ان اصطلاح مان حاصل رهي ٿي؟
    *جيڪڏهن ساڳي صورتخطيءَ وارن لفظن جي اعراب ۾ فرق هجي ته ڇا ان کي ’تجنيس تام‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟

    *مسئلي جي روشنيءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو اڀياس
    ’تام‘ جي لغوي معنى بابت
    ٻوليءَ جي اصولن موجب لفظ جي لغوي معنى ۽ سماجي/ اصطلاحي معنى ۾ هڪ قسم جو تعلق ضرور هوندو آهي. ان لحاظ کان ’تجنيس تام‘ جو تعلق ’مڪمل يا پوري‘ سان نه ٿو جڙي. معاملي کي وڌيڪ جاچڻ لاءِ مختلف لغتن مان ’تام‘ لفظ جي معنى ۽ مراد ڏسجي ٿي:
    *فرهنگ آصفيه: تَامَّ- ع- صفت- پُورا- تمام- کامل- کُل (دهلوي، 578: 2002)
    *نور اللغات: تام- ( ع- عربی میں بتشدید سوم تھا) صفت- پُورا- تمام- کُل- کامل (نور، 1004: 2002)
    بيشڪ ’تام‘ جي معنى ’تمام ۽ مڪمل‘ جي آهي، ليڪن جيڪو لفظ ’تجنيس تام‘ ۾ ڪم اچي ٿو، ان جي معنى ’تمام يا مڪمل‘ جي ڪونهي، بلڪ ’ڪنهن سان جاڙو ڄمڻ‘ جي آهي. ’تامّ‘ معنى ’مڪمل‘ جو مادو ’تَمَّ‘ آهي، جڏهن ته تجنيس سان سلهاڙيل لفظ ’تام‘ جو مادو ’تَاَمَ‘ آهي. فيروز اللغات عربي- اردو (ص: 56) جي مدد سان ’تجنيس تام‘ جو اشتقاق هيٺين ريت بيهارجي ٿو:
    *تجنيس تام: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + تام (تَاَمَ = هو جاڙو ڄائو، هن تاڃي توڙي پيٽي ٻنهي ۾ سوٽي اُڻيو) ڪنهن سان جاڙو ڄمڻ، ڪپڙي جي ٻنهي کَڻَن ۾ هڪجهڙو اڻڻ] علم بيان موجب، ڀيٽ جي صورت ۾، ڪنهن شعر ۾ معنوي فرق سان ساڳين جاڙن لفظن جو استعمال. ٻه يا ٻن کان وڌيڪ معنوي فرق رکندڙ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ، جيڪي صورتخطيءَ جي لحاظ کان پاڻ ۾ هوبهو جاڙا ۽ هڪجهڙا هجن، جيئن مولوي صاحب جو شعر آهي:
    وات پاڻي ٿيو ڏِسي، اڄ وارَ وريل مُنهن مٿان،
    وارَ جيئن ويجهو ٿئين، تان وارِ جيئن هَر وارَ هُج.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 179)
    ڏنل مثال ۾ ’وار‘ لفظ ’چار‘ دفعا آيل آهي، ليڪن، لفظ جي آخري اعراب نسبت، تجنيس تام جي تُريءَ ۾ صرف ’ٻه‘ تُرن ٿا.
    1.وارَ (آخري زبر سان) زُلف
    2.وارَ (آخري زبر سان) زُلف (ساڳيو)
    3.وارِ (آخري زير سان) بند ڪرڻ- روڪڻ- پلڻ- ڍڪڻ- سنڀالڻ- ياد ڪرڻ
    4.وارَ (آخري زبر سان) ڀيرا- دفعا
    پهريان ٻه لفظ ساڳي معنى ۾ ڪم آيل آهن، جڏهن ته آخري لفظ، ساڳين اعرابن نسبت، مختلف معنى سان ڪم آيل آهي، جنهن سبب پهريون ۽ آخري لفظ ’تجنيس تام‘ جو مثال آهي. جڏهن ته ٽيون نمبر لفظ آخري اعراب جي نسبت ’تام‘ ۾ شامل نه ٿيندو، بلڪ ’ناقص‘ ۾ شامل ڪيو ويندو.
    مولوي صاحب جو هڪ ٻيو شعر ان نسبت پيش آهي ته:
    واٽ وَر وَر، وَر ڪنان، وَر وَر وَريتيون وَر چوَن،
    وَر لنگهي وَر ڳول وَر، وَر وَر نه ڏيندي وات وَت.
    هن شعر ۾ يارهن دفعا ’وَر‘ لفظ ڪم آندل آهي، ليڪن آخري زير زبر جي نسبت انهن سڀن کي ’تجنيس تام‘ جو مثال نه سمجهبو.
    تبصرو
    لغت جي روشنيءَ ۾ جڏهن لفظ ’تام‘ جي لغوي معنى ڏسجي ٿي ته ان جي مراد (سماجي معنى) به واضح بيهي ٿي، مثال طور:
    *پهرين لغوي معنى: جاڙو ڄمڻ (شڪل ۾ هوبهو هڪجهڙا، ليڪن حيثيت ۾ الڳ ٿلڳ)
    سماجي معنى: اهڙا هڪجهڙا لفظ ڪم آڻڻ جن جي شڪل ۾ فرق نه هجي، ليڪن انهن جي معنى مختلف هجي.
    *ٻين لغوي معنى: تاڃي پيٽي سوٽي اڻڻ (تاڃي پيٽي اڻت بعد، ڊيگهه ۽ ويڪر ڏسڻ سواءَ، کڻَنِ جي اها خبر ڪونه پوندي آهي ته تاڃيءَ وارو پاسو ڪهڙو ۽ پيٽي وارو پاسو ڪهڙو! يعني ٻنهي کڻَنِ جي شڪل ساڳي هوندي آهي، ليڪن رخ الڳ ٿيندا آهن.)
    سماجي معنى: اهڙا شڪل شباهت ۾ ساڳيا لفظ، جن جي مراد الڳ هجي.
    لفظ ’تام‘ جي لغوي معنى ۽ لفظن جي ساڳيائپ کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ جي هن دائري ۾ صرف اهي ئي لفظ اچي سگهن ٿا جيڪي زيرن زبرن تائين ساڳيا هجن ليڪن معنى مختلف هجي. جيڪڏهن زيرن زبرن جو فرق ٿي پيو ته ان کي ’تجنيس ناقص‘ چيو وڃي ٿو.
    *’تجنيس تام‘ جي روشنيءَ ۾ مولوي احمد جي شاعريءَ جو جائزو
    مولوي احمد وٽ لفظن جي وڏي جادوگري ۽ بازيگري آهي، هتي سندس شاعريءَ ۾ تجنيس تام جي حوالي سان چند غزلن جي شعرن ۽ نظم جي بندن مان رکجن ٿا:
    حمد ’احمدَ‘ ڪر احد جو، عَهدَ جنهن سان عهدَ کان،
    هيءَ مِٽي تائين مِٽي، بازُو به ٿي بُل بُل وڃن.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 406)
    مٿئين شعر جي ٻنهي سٽرن ۾ ’عهدَ‘ ۽ ’مِٽي‘ ٻه الڳ مثال آهن:
     هڪ: 1. عهدَ = واعدا- وچن... 2. عهدَ = عالم ارواح وارو ميثاق.
     ٻيو: 1. مِٽي = رشتيداري... 2. مِٽي = قبر.
    درد تنهنجي دوستَ دل ۾، دَست اندازي ڪئي،
    دَمُ اٿم ڪو دَمُ اڃا، تو دمُ نه دمسازي ڪئي.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 589)
    مٿئين شعر ۾ ٽي دفعا ’دَمُ‘ ڪم آندل آهي:
    1. دَمُ: ساهه- پساهه- ڦوڪ- حياتي... 2. دَمُ: گهڙي- ساعت... 3. دَمُ: ٽٻڪو- ذرڙو...
    گهَڙِي ۽ گهيڙ ڌاران، هن گهَڙي گرداب ۾ گهڙندس،
    پکيئڙا، پار پهچائج، پَهي پيغام سانبارا.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 48)
    1. گهَڙي = دلِي- مَٽڪي- ننڍو دِلو... 2. گهَڙي = پلڪ- ساعت- وقت...
    ويرَ ۾ ڪنهن وَر وڃايو، پڻ وياءَ ڪن کان ويا،
    ڪنهن جي ضايع زال،ڏسندي ڏِيل ڏڪيو ٿا وڃن.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 502)
    1. وياءَ = ڄم- اولاد- نسل... 2. ويا = وڃڻ جو ماضي- فعل...
    مٿئين شعر ۾ ’وياءَ‘ ۽ ’ويا‘ حقيقت ۾ ’صنعت مذيل‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو، ليڪن هتي ’تجنيس تام‘ جي صورت ۾ آندو ويو آهي. جيئن ته مولوي صاحب ’لاڙي لهجي‘ جو ماڻهو هيو، ان سبب سندس ٻوليءَ ۾ ’آخري آواز متحرڪ‘ جو استعمال گهٽ آهي. ان سبب ان مثال کي صورتخطيءَ کان هٽي ڪري ’آوازن‘ جي بنياد تي ’تجنيس تام‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو.
    لِڪي لوڪ مان لالَ مرجان ويا،
    لَڌم تنهنجي لَب لالَ ۾ لالُ اڌُ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 221)
    1. لالَ = جواهر جو قسم... 2. لالَ = ڳاڙها ...
    ان شعر ۾ ’لالُ‘ لفظ آخري پيش سبب ’تجنيس ناقص‘ ۾ ويندو. هڪ ٻيو اهڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
    جتي گهوٽ گهوڙن تي، گهوڙا اُتي،
    جتي لال هئا، لال ڳوڙها اُتي،
    جتي وصل وايون وڇوڙا اُتي،
    اَمن هنڌ ارمان هڪ منٽ ۾.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 498)
    مٿئين نظم جي هڪ بند واري مثال ۾ پڻ ’لالَ‘ لفظ مختلف معنائن ۾ ڪم آيا آهن، جنهن سبب تجنيس تام ۾ شامل ڪبو.
    مَڻ کپن ٿا ماڻڪيَن کي، ماسَ جا هَر ماسَ ۾،
    ماس منهنجو ويو ڳري، مس هيڪ ماسي ۾ هجان.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون-367)
    1. ماسَ = گوشت- جسم... 2. ماسَ = مهينو
    بنيادي طور ٻئي لفظ آخري پيش سان ئي آهن، ليڪن سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق انهن بعد ’حرف جر‘ اچڻ سببان لفظ ۾ ’آخري زبر‘ ڪم آڻي متحرڪ ڪيو ويندو آهي.
    چاڪ مان ناچاڪ بُت، چاڪُون بنا دِل چاڪ چاڪ،
    لال لُڙڪن ساڻ لوئي، بُوند بيهي ڪنهن نه ڀَت.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 121)
    1. چاڪ = چاق چڱو ڀلو... 2. چاڪ چاڪ = زخم زخم
    آرسي ’احمد‘ مَ ٿي، پَر آرسيءَ ۾ ڏس عمل،
    ڳجهه پَڌر پوندا جتي، پڇندا نه اُت پٽ کان پِدر.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون-250)
    1. آرسي = سست- ڪاهل... 2. آرسي = درسني- آئينو
    سِر ڏيان تان سِر وڃي ٿو، سِر ڌَريان تان سِر سَڃين،
    ڪانه سُئي هن شهر ۾، شاباس شابا مون اچي.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 543)
    1. سِرُ = راز- ڳجهه... 2. سِرُ = مٿو
    سَر هَڻن تان سِر نمايان، سِر ڏنم تان سِر چيَئون،
    ڏس ته محبن پيش منهنجو، مانُ مُل ڪهڙو نه هو.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 490)
    1. سِر (هڻڻ) = اشارو ڪرڻ- سِر ڌوڻڻ... 2. سِر = مٿو... 3. سِرُ (امر) سرڻ- رڙهڻ- اڳتي ٿيڻ.
    حسن تي حيران حُورُون، هَنج جو سِر هنج ۾،
    خود پريَن ڪيا پير پاهُون، هڪ سڄڻَ تو ساڻ سَڱ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 331)
    1. هنجَ = هنج/ هنس پکي... 2. هَنج = جهولي- گود- آغوش
    مٿئين شعر جهڙا چند ٻيا مثال، جنهن ۾ هنجَ جو لفظ ’جهولي ۽ هنس پکيءَ جي معنائن ۾ ڪم آيل آهي:
    هنجَ ۾ هاريان هَنجون، مَنَ هنجَ، هِيرن تي هِرين،
    پاڻ ڳالهائين ته ڳوڙها، سِر ڳلن ڳاڙيندو وَت.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو بيون- 141)

    هنجَ منهنجي ۾ نه هَي هَي، هنجَ جهڙي ڳِچ هجي،
    هيج مان پوءِ هِي هنجون، هر روز هارڻ ئي مباح.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 201)

    هيج آهم، هنج ڳچيءَ جي هنجَ ۾ هردم هجان،
    گلبدن گس تان تڙيينَم، گڏ گذاريان ڪنهن طرح.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 207)

    هار جيئن هاريان هنجون، ڪنهن هنجَ ڳچيءَ لئي هنجَ ۾،
    دوست دلبر کي ڏٺي اڄ، ڏينهن ٿيا اوڻيهه، وسُ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 293)
    *نظم مان تجنيس تام جي مثالن جي چونڊ:
    شامَ مُنهنجو شامَ سين مَس، صبح تنهنجو شام تو،
    سَٺ سَتر گذري پٺيان، رهندو وڃي رَبَ نام تو،
    جام جامان تو ڍڪايا، جامَ پيتم جامَ تو،
    صبح توڻي شام آئون ، شامتن کان شام تو،
    شام تون جهَل، شامتون پَل، شاه شاهوڪار تُون،
    تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيهه جو ڏاتار تُون.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 163)
    ’تجنيس تام‘ جي لحاظ کان ڄاڻايل مسدس ۾ ٻه مثال موجود آهن: هڪ: شامَ، ٻيو: جامَ.
    هڪ: 1. شامَ = وجود... 2. 3. ۽ 4. شامَ = سانجهيءَ گهڙي... 5. شامَ = سام- پناهه... 6. شامَ = سامَ- پناهه.
    ٻيو: 1. جامَ = گهڻا- ڪافي... 2. جامَ = پيالا- مشروب.
    تجنيس تام جي حوالي سان مولوي صاحب جي ’ٽيهه اکريءَ‘ ۾ به ’شام‘ جو لفظ مختلف معنائن سان ڪم آندل آهي:
    ’طوئي‘ طلسم طائفا، سرڪس سئنيما صبح شامَ،
    شامَ شهرن ۾ گهمن، شوقين جهڙا شاهه شامَ،
    شامَ جي خود شاهه تان، وجهندا صبح يا شامَ، شامَ،
    ڪير آهي جو اجلَ کان، پوءِ جهَلي تا شامَ، شامَ،
    پيءُ نه ماءُ، سهرو نه سَس، الله بس، باقي هوَس.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 246)
    1. ۽ 2. شامَ = سانجهيءَ گهڙي... 3. شامَ = مُلڪ جو نالو... 4. شامَ = مُلڪ... 5. شامَ = وقت... 6. مڙهه جي چادر... 7. شامَ = سانجهي... 8. شامَ = شامت/ عذاب...
    جو اڳيان مولي محابو، نِئي محمد مير جو،
    تنهن سفر سُهکو ڪري، سائين سلامت سِير جو،
    مون وسيلو آهه ورتو، وِير ۾ تنهن وِير جو،
    ڇا ڪندو تحقيق هاڻي، تار تِک طوفانڙو،
    تون احد الله اڪبر، آئون احمد ٻانهڙو،
    ٻانهڙي تي ٻاجهه ڪر، در تان مَ ڌِڪ درٻانڙو.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون-188)
    1. وِيرَ = سمنڊ جي لهر- سمنڊ جي پاڻيءَ جو چاڙهه... 2. ويرَ = بهادر- سورمو- سورهيه- داناءُ...
    وسَ ويئي ۽ وسَ چُڪا، وسري وسيلا سڀ ويا،
    هٿ کنياسون، هٿ نه کڻ تون، هاڻ حيلا سڀ ويا،
    ڪي ڪِٿي ۽ ڪي ڪٿي، ڪاهي قبيلا سڀ ويا،
    بَس تو بارِي هيڪڙي تي بار، مولا، مِينهن وساءِ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 505)
    1. وسَ = وسڻ جي جي مند... 2. وَسَ = حيلا- قدرت (چُڪا = ختم ٿي ويا)...
    جتي شهر شاهي، رهيا شير اُت،
    وهيا ٿي وڏا واهه ڪنهن وير اُت،
    وَڳي ڀيرَ جِت ٿي، ڀَڳي ڀيرَ اُت،
    نه پَٽ ۾ پراڻو پَسون پير اُت،
    ڇڏيو خاڪ کائي مِڙيَن جو مَٿو،
    اڃا خاڪ جو پيٽ ڀَرجي نه ٿو.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 386)
    1. ڀيرَ = نغارو... 2. ڀيرَ = (اصطلاح جو جز: ڀيرو ڀڃڻ) سُڃ...
    اڄ وڏي وَڏپڻ ۾ وِنجهلان، ننڍپڻ ساري نڀاڳ،
    اَي ستر وارا، ستر تي، دل سُتل ٿئي مَس سجاڳ،
    عمر ۾ اول ۽ آخر، آفتون آهن اَجهاڳ،
    تارِ ويروتار، سامهين تارِ تون هڪ، ٻيو نه ڪير.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 68)
    1. تارِ = اونهو- عميق... 2. تارِ = اُڪارِ (امري صورت ۾)...
    ’نون‘ نِت نت دؤر نئون، نئون عُمر ناهي، اَرٽ نئون،
    ڳَڀ ڳيهڻ ۾، پوءِ ڳڀرو، پوءِ ڳاڙهو ڳَرٽ نئون،
    پوءِ ڪَرڙوَڍ، پوءِ ڪُراڙو، پوءِ ڪنڌ تي ڪَرٽ نئون،
    سرس ته به سٺ سال، تنهن ۾ دَم صحت، دم سَرٽ نئون،
    گم پَروڪا گاهه، گل ڦل، ٻير ٻاجهر ٻَرٽ نئون،
    هيڪڙي جي هارَ، ٻئي کي هارَ، سمجهي ڇا سگهان.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 233)
    1. هارَ = شڪست- ڀاڄ... 2. هارَ = مالها- ڪنٺو- ڪنڍي...
    مولوي صاحب جا اهي ته ٿيا، ’تجنيس تام‘ جا مثال، جيڪي شعرن جي ڪنهن به هنڌ ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه قافيي ۽ رديف ۾ به ’تجنيس تام‘ واري حرفت ڪم آندي اٿس.

    *قافيي ۾ تجنيس تام جو استعمال
    مولوي احمد جي شاعري، تجنيس ۽ صنعتن جي حوالي سان ايتري ته شاهوڪار رهي آهي، جو مخصوص تجنيسن ۽ صنعتن تي پورا جا پورا به غزل ملن ٿا. سندس غزلن ۾ قافيا به ’تجنيس تام‘ جا ملن ٿا. لغوي لحاظ کان ’قافيي‘ جي معنى (قَفَا/ قَفو‘ = هن پيروي ڪئي) پٺيان هلڻ جي آهي. هتي مولوي صاحب جو ’تام قافيو‘، ڏجي ٿو، جنهن جي مراد ’قافيي جي ساڳيائپ‘ آهي.
    گهُمڻ گلزار ۾ آيس، ته مَن، جهوري لهي جهَٽ پَٽ،
    ته ساڳي بيقراري باغ ۾، جهڙي اندر جهَٽ پَٽ.
    سدا سِڪ ساه کي ساڙي، ڳلن سِر لُڙڪ سج لاڙي،
    پَکو اڏيم پريَن پاڙي، چوَن پاڙان پَکو جهَٽ پَٽ.
    ڇڏيان صحبت سپيريان ڪيئن، هِنيون هِيرن سان هيريان ڪيئن،
    نه نِبري نينهن نبيريان ڪيئن، لڳم ڪو لوهه جو جهَٽ پَٽ.
    جُهلڻ جهاٻا جُهمڪ جُهوڙل، توسان ڳالهيون گهڻيون ڳوڙهل،
    محبت آهه پَٽ مُوڙهيل، سڄڻ سمجهي به ڪيئن جهَٽ پَٽ.
    مَ ويهه محبوب، منهن موڙي، وري جس کَٽُ جشن جوڙي،
    اندر ۾ ويهه اکيون کوڙي، جتان جاني، وڻئي جَهٽ پَٽ.
    وَڄن تَن مَن طَبل تيرا، جبل ڏسيو جَلن جيرا،
    پرين، تنهنجا پَسي پيرا، سڃاتم پوءِ صحي جَهٽ پَٽ.
    ڪيا سڄڻن سَنجهي سَعيا، پِرهه سان پير گهر پايا،
    اڱڻ موڙي اڱڻ آيا، اٿي ’احمد‘ اکيون جَهٽ پَٽ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 150)
    مٿئين غزل ۾ اٺ دفعا ’جهٽ پٽ‘ جا قافيا، ’تام‘ جي صورت/ ساڳي صورت ۾ رکيا ويا آهن، جن جي معنى مختلف آهي:
    1. جهٽ پٽ = اک ڇنڀ ۾... 2. جهٽ پٽ = پٽ پٽان، بيچيني... 3. جهٽ پٽ = جلدي اکيڙ (امر جي صورت ۾)... 4. جهٽ پٽ = لوهي پٽر... 5. جهٽ پٽ = موڙهيل پٽ/ ريشم... 6. جهٽ پٽ = جهٽڻ ۽ پٽڻ جو امر... 7. جهٽ پٽ = ميدان- زمين... 8. جهٽ پٽ = ٿورو وقت پٽڻ جو امر.

    *قافيي ۾ ’تجنيس تام مع مرڪب‘:
    نه در منجهه ڇڏين دوست، ته به در نه پُور،
    ڪريان پل پَري کان پَسِي مانَ پُور.
    نه جَلوي سوا جوت جاني، ڪٿي،
    نه خلوت سوا خَير، منجهه خيرپُور.
    ڪڙي تنهنجي ڪاڪل ڪيو قلب قيد،
    ڪڙي ۾ ڪڙو جيئن ڪُنڍي مينهن پُور.
    سُتيءَ کي ڏيئي ويا سُتي سڪ سندي،
    برهه باهه ٻاري، پرهه ساڻ پُور.
    پنهل وٽ پکي يا وڃان واءُ ٿي،
    نئون نينهن جو نئي، پوي روز پُور.
    ڪندا ڪاهه کي ڪوهه، سؤ ڪوهه ڪوهه؟
    رکي پرت پُوري پريَن پار پُور.
    مرڻ مهل مون کي ملاقات ڏج،
    ڏيئي ڏَڪ مٿان پاڻ واريج پُور.
    ٻُجهي پنهنجو ٻانهون ٻَهون ٻاجهه ڪَر،
    نه تون پيءُ ڪنهن جو، نڪي پٽ نه پُور.
    اڀو اُڀ ڪَپيءَ ڏانهن ’احمد‘ اچي،
    ڏيارينس ٻاجهئون ڪو ٻيڙيءَ جو پُور.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 264)
    هن غزل ۾ 10 دفعا ساڳيو لفظ، ساڳي شڪل سان ڪم آندو ويو آهي، ليڪن انهن لفظن جي معنى مراد الڳ بيهي ٿي. مفروق: پُور ۽ مقرون: خيرپُور، جنهن سبب ان کي تجنيس مرڪب جو مثال به چئي سگهجي ٿو. ان سبب ان کي ’تجنيس تام مع مرڪب‘ چئي سگهجي ٿو.
     1. پُور = پورڻ جو امر... 2. پُور = ڍؤ... 3. شهر خيرپور... 4. پُور = مينهن جي سڱ جو پُور... 5. پُور = چوٽِي... 6. پُور = خيال... 7. پُور = وڃ، هل- امر... 8. پُور = مٽيءَ جو لپو... 9. پُور = نسل... 10. پُور = گهمرو...
    *قافيي ۾ تجنيس تام مع مرڪب و مرتب
    پنڌ پريَن جو پَراهون، پَر پکيئڙا، کول پَر،
    پَرڀريڙو پنڌ، پَر پيغام پهچي ڪنهن به پَر.
    ٻي نشانيءَ جو نه شاني، ڏج نشاني نينهن جي،
    اِن پَتي تي پهچ پانڌي، پَر ڪري، پَت ڪيئن نه پَر.
    تَن پياسي، مَن پياسي، پِڪ پياسيءَ کي پيارِ،
    پُر هجي پِر ساڻ دل، پَر پرڀرو شل، هوءِ پَر.
    رَڏ ڪُڏائي رُس مَ راڻا، رَس ته ڪريون رَس رهاڻ،
    پَرچ، پرچيءَ ساڻ پَر ۾، موڪليم پيغام پَر.
    نور نيڻ جا، وهن نيڻن منجهان نت نار نِير،
    ناهه توکي هن طرف، تِر جيترو ڪو تَرس پَر.
    نيڻ واهي نَهر جيئن، جنهن ڏي ٿئي نينهن مان نهار،
    روڄ هوندس راڄ ۾، راڄا هجي يا راڄ-پَر.
    آس ’احمد‘ جِي ته شل، آسڻ اچن يا آس پاس،
    ڏي اچڻ جو آسرو، تو ۾ اٿم آسيون اَ-پَر.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 255)
    مٿئين غزل ۾ ’پَر‘ جو لفظ ساڳي صورت ۾ مختلف معنائن سان ڪم آندو ويو آهي، جن جي اکيڙ هن ريت بيهارجي ٿي: 1. پَر = کنڀ... 2. پَر = نموني/ انداز... 3. پَر = نڀائڻ جو امر... 4. پَر = پرايو/ ڌاريو... 5. پَر = موڪلڻ وارو... 6. پَر = ليڪن... 7. پَر = راڄپر جي پڇاڙي/ رعيت (مرڪب لفظ)... 8. پَر = پرو پتو- اَپر = اڻکٽ (مرتب لفظ). هن غزل ۾ ’پَر‘ جو لفظ مفروق صورت ۾ ڇهه دفعا ڪم آيو آهي، جڏهن ته ٻه لفظ (راڄپر ۽ اَپر) مقرون صورت ۾ ڪم آيا آهن. مفروق ’پَر‘ سان مقرون ’راڄپر‘ سبب ان کي ’تجنيس مرڪب‘ ۽ مقرون ’اَپر‘ سبب ’تجنيس مرتب‘ جا مثال چئي سگهجن ٿا.
    مولوي صاحب جي ذاتي ٻولي لاڙي هئي، ان سبب ممڪن آهي ته مٿين لفظن جي آخري ڇوٽي سُر آواز (زير، زبر ۽ پيش) ۾ فرق به ٿئي. حقيقت ۾ لفظن جي زير زبر واري فرق هجڻ سبب ان تجنيس جي حيثيت مٽجي ’تجنيس ناقص‘ ٿي وڃي ٿي، ليڪن پوءِ به چند لفظ ساڳيائپ جو روپ رکن ٿا.
    هي صرف هڪ غزل خيال خاطر رکيو ويو آهي، جنهن جي قافين ۾ تجنيس تام جا مثال آهن. اهڙا سندس شاعريءَ جي بندن ۾ کوڙا سارا مثال ڏسڻ ۾ ايندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مولوي صاحب جي شاعريءَ تي صنايع بدايع جي خيال کان الڳ سان ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ ڊيٽا جوڙي وڃي ته جيئن ان ۾ سمايل گوهر عام اڳيان نمايان ٿين.

    *رديف ۾ تجنيس تام جو استعمال
    مولوي صاحب جو هڪ غزل سامهون آڻجي ٿو، جنهن جو رديف، تام جي صورت ۾ آهي ۽ ان رديف ۾ ’تجنيس مرڪب‘ جو استعال به موجود آهي. اهڙي صورت ۾ ’رديف تام مع مرڪب‘ جو اصطلاح ڪم آڻجي ٿو:
    مطلع:
    مِينهن وسڻ جي مند آئي، مِينهن مارن پار ڪر.
    کيل هُن کُڻ تي کنوڻ جا، ايءُ ته پاسو پارڪر.
    پهريون بند:
    ڇَم ڇَم ٽمِي، جهُڙ ڦُڙ جهمِي، آگم گهمِي ڪئي مِينهن جِي،
    هو وسي وچ ۾ وَلهارن، پڻ جهَلِي هن ڪار ڪَر.
    ٻيون بند:
    اڳ تَرايَن تانگهه ناهي، ڪَئي وري تاڙي تنوار،
    ڪَر رَکيو ڪَر تي ڪڪر، ڏئي ڪينَ ڪارونڀار ڪَر.
    ٽيون بند:
    ڇڏ ته مارن سان مِلان، مارينِ ماڙيون ميرَ، مون،
    ڪيئن قيامت ڏينهن کڻندين، اِي ڪندي ڪم ڪار ڪَر.
    چوٿون بند:
    جهوليون جيڏيَن سين چُونڊيَم، ڪالهه پيرُون پاند ۾،
    اڄ لهي هَي هَي، نه هِت ڪو، هيڪڙو هيڪار ڪَر.
    پنجون بند:
    هت کَٽون ڀا، هُت کٽونبا، کِير، کيريون، ٻيريون،
    ڄامَ، ڄاريون ڄم اٿم، ڄايس نه تنهنجي ڄار ڪَر.
    ڇهون بند:
    آئون عاجز آهيان، ’احمدَ‘ ڪريان آهون اَسُر،
    آسرو الله ۾، تون مَر عمرَ، انڪار ڪر.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 260)
    مولوي صاحب جي مٿئين غزل ۾ ’پار، پار(ڪر)، ڪار، ڪارونڀار، ڪم ڪار، هيڪار، ڄار، انڪار‘ قافيا آهن، جڏهن ته ’ڪَر‘ جو رديف ڪم آندو آهي، جيڪي سڀ جو سڀ مختلف معنائن جي بنياد تي ’تجنيس تام‘ جا مثال آهن. ان کان علاوه مطلع ۾ ’پار ڪر‘ (مفروق) ۽ ’پارڪر‘ (مقرون) تجنيس مرڪب جو مثال آهي. هيٺ مولوي صاحب جي ’رديف تام‘ (ڪَر) جي وضاحت مختلف معنائن سان ڄاڻائجي ٿي:
     مطلع: مصرع اول: ڪَر = جهڙوڪر/ ڄڻ ته... مصرع ثاني = پارڪر : ٿر جو علائقو
    *مراد: وه واه، مينهن وسڻ جي موسم آئي آهي ۽ اهو مينهن ڄڻ ته مارن جي پاسي پيو ٿو وسي. هائو،
    *ان ڪنڊ تي جيڪا کنوڻ کنوي پئي،اهو ته پاسو پارڪر جو آهي.
    پهريون بند: ڪر/ ڪس/ پاسو
    o مراد: مينهن وسي پيو، جهڙ ٽمي پيو، مينهن وسائڻ لاءِ ڪڪر گڏ ٿيا آهن، هو ولهارن جي وچ ۾ وسي پيو ۽ اُن هِن پاسي به اچي ڪس/ پاسو جهليوآهي.
    ٻيون بند: ڪَر = انت/ دنگ (باقي مصرع ۾ اڳين لفظن ’ڪر‘ جي معنى ڪنڌ آهي)
    o مراد: ترايون اڳيئي ڀريون پيون آهن ۽ انهن کي تانگهه ئي ناهي، ۽ هيڏاهن وري تاڙي مينهن لاءِ تنوار ڪئي آهي. ڪڪر ڪنڌ تي ڪنڌ رکيو اچن پيا. وه واه، هن مينهن پنهنجو مانڊاڻ اهڙو ته گهاٽو جوڙيو آهي، جو انت/ دنگ/ پتو ئي نه ٿو ڏئي.
    ٽيون بند: ڪَر = ڪنڌ
    o مراد: اي سومرا بادشاه، مون کي ڇڏ ته پنهنجن مارن سان وڃي ملان. هي تنهجون ماڙيون مون کي مارين ٿيون. اهڙيون ويڌنون مون سان ڪري قيامت ڏينهن ڪهڙو ڪنڌ کڻندين.
    چوٿون بند: ڪَر= سار سنڀار
    o مراد: اڃا ڪالهه ئي مون سرتين سان گڏ پاند ۾ پيرون چونڊيا هئا، پر اڄ اهو حال آهي جو انهن مان ڪو به منهنجي سارَ لهڻ وارو ڪونهي
    پنجون بند: ڪَر = لاءِ
    o مراد: اي ادا، هت کٽون ۽ پلنگ آهن پر اسان وٽ ٿر جا ڏٿ- کٽونبا، کيريون، ٻيريون ۽ کيرَ آهن. اي ڄام، مان ته ڄارن جي وڻن ۾ ڄائي هئم، تنهنجي ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ ته ڪونه ڄائي هيم.
    ڇهون بند: ڪَر = ڪرڻ جو امر
    o مراد: مان هڪ لاچار آهيان، اسر ويلي آهون ۽ دانهون پئي ڪريان. اي عمر، منهنجي آس الله ۾ آهي، تون ڀلي مون کي آجو ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهه.
    مولوي صاحب جو ان قسم جو غزل جنهن ۾ رديف يعني ساڳيو لفظ، مختلف معنائون پيو ڏئي، ان سبب ان کي ’تام‘ جي حرفت ۾ ئي شمار ڪبو. ان کان علاوه ’پار- ڪر ۽ پارڪر‘ مفروق ۽ مقرون سبب ’مرڪب‘ جو مثال ڪوٺبو. جيئن ته صنايع بدايع ۾ اهڙو ڪو پيراميٽر ڪونهي، ان سبب ان قسم جي غزل ۾ سمايل حرفت لاءِ تشريحي اصطلاح ’رديف تام مع مرڪب‘ ڪم آندو آهي.

    *حاصل مطلب
    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو جائزو ورتو ويو. ’تجنيس تام‘ جي لغوي معنى ۾ اختلاف رهيو آهي، ليڪن ان جي دائري ۾ ڪو اختلاف سامهون ڪونه آيو آهي. البت، چند ليکڪن ’تجنيس تام‘ نسبت جيڪي مثال ڏنا آهن، تن تي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج آهر اختلاف رکي سگهجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي لهجن نسبت، لاڙي لهجي ۾ آخري سُر آوازن (Vowels) ۾ بي حسي عام آهي. هيٺ چند نڪتن ۾ حاصل مطلب پيش ڪجي ٿو:
    *’تام‘ لفظ جي لغوي معنى ’جاڙو ڄمڻ‘ ۽ ’تاڃي پيٽي ٻنهي ۾ سوٽي اُڻڻ‘ آهي، جنهن جي اصطلاحي/ سماجي معنى بيهندي ’شڪل و صورت ۾ هڪجهڙو هجڻ‘.
    *مختلف ليکڪن وٽ يا لغتن ۾ جيڪا معنى ڏني وئي آهي، سا ڄاڻايل تجنيس سان ٺهڪاءَ ۾ نه ٿي اچي، بلڪ ڄاڻايل ’ڪامل يا پوري‘ جي معنى جو بنياد ڪنهن ٻئي لفظ مان آهي.
    *تجنيس ۾ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ رکيا ويندا آهن، ’تجنيس تام‘ ۾ اهڙا ٻه يا وڌيڪ ڪم آندل ساڳي صورتخطيءَ وارا لفظ، جن جون معنائون مختلف بيهن.
    *’تجنيس تام‘ پٽاندر هوبهو ساڳيا لفظ ’زيرن- زبرن‘ سوڌو ڪم آندا ويندا آهن، جيڪڏهن زيرن زبرن، خاص طور آخري سُر آواز (Vowel) ۾ فرق ٿيندو ته ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ سمجهيو ويندو آهي.
    *مولوي احمد ملاح ’تجنيس حرفيءَ‘ جو شهنشاه سمجهيو ويندو آهي، ان ڪارڻ تجنيس حرفيءَ نسبت ڪافي ان جا مماثلت رکندڙ ’تجنيسون‘ نوٽ ڪيون ويون آهن. ’تجنيس تام‘ به تجنيس حرفيءَ جو هڪ جز آهي.
    *مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو ڪافي استعمال ملي ٿو. سندس غزلن، نظمن ۽ ٽيهه اکريءَ کان علاوه مڪمل غزل به ملن ٿا، يعني مڪمل قافيا ۽ رديف به تجنيس تام ۾ شامل ٿين ٿا. قافين ۾ البت، مقرون ۽ مفروق قافين سبب ان کي ’تجنيس مرڪب‘ جو به مثال چئي سگهجي ٿو.
    *مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ جيڪي لفظ نوٽ ٿي سگهيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا آهن:
    ’وارَ‘، ’عهدَ‘، ’دمُ‘، ’گهڙِي‘، ’ويا‘، ’لالَ‘، ’ماسَ‘، ’هنجَ‘، ’شامَ‘، ’جامَ‘، ’وِيرَ‘، ’وَسَ‘، ’ڀيرَ‘، ’تارِ‘ ۽ ’هارَ‘.
    *مڪمل قافين ۾ ’تجنيس تام‘ جي نسبت ’جهٽ پٽ‘، ’پُور‘ ۽ ’پَر‘ ڪم آندا اٿس، جڏهن ته رديف جي صورت ۾ ’ڪَر‘ لفظ ڪم آندو اٿس. (لفظ پُور ۾ آخري اعراب جو فرق رهي ٿو، پر جيئن ته آخري وينجن (Consonant) ساڪن ڪرڻ لاڙي لهجي جي مزاج ۾ شامل آهي، ان ڪارڻ ان غزل جي آخري اعراب نظر انداز ڪندي، ان پوري غزل کي تجنيس تام ۾ سمجهيو ويندو.)

    حوالا/ ذريعا
    *ام ڪلثوم شاه، ڊاڪٽر (2004) شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
    *بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    *دهلوي، سيد احمد، مولوي [1918] 2002. فرهنگ آصفيه. جلد اول ۽ دوم. لاهور: سنگ ميل پبليڪيشنز.
    *رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
    *عباسي ظفر (2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    *فيروزالدين (1979) فيروز اللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ.
    *مرزا، قليچ بيگ (2016) علم عَروض. ڄامشورو: مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.
    *نور الحسن نير، مولوي [1972] 2002. نور اللغات. جلد اول. اسلام آباد: نيشنل بُڪ فائونڊيشن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو