1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

يوم سياه،يوم تشڪر يا يوم تفڪر؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    612
    ورتل پسنديدگيون:
    625
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    وزير اعظم عمران خان جيئن ئي پنهنجو آمريڪي دورو مڪمل ڪري وطن پهتو ته سندس وزيرن، مشيرن ۽ حامين شاندار آڌر ڀاء ڪيو۽کيس گلن جا هار پارايا.گلن جي هارن تي خود عمران خان کي اهي لفظ چوڻا پئجي ويا ته سندس اهڙيء طرح آڌر ڀاء ڪيو ويو آهي ڄڻ ته هو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽي موٽيو هجي.عمران خان جي آمريڪي دوري مان ڇا حاصل ٿيو،اهو دورو ڪيتري قدر ڪامياب ويو اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر سندس جانثار ان دوري کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيء جي سند هاڻي ئي عطا ڪري چڪا آهن.البت ان دوري دوران جيڪي شيون سامهون نظر آيون انهن مان لڳو ٿي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڦاٿل پنهنجي مطلب هيٺ ئي سهي پر پاڪستان کي هن دفعي رکو منهن ناهي ڏنو ۽ ظاهر ۾ پاڪستان هڪ پر وقار ملڪ جي طور تي سامهون آيو آهي. ٻئي طرف حڪومت پاران 25 جولائي تي اپوزيشن طرفان ملهائجندڙ ” يوم سياه“ جي جواب ۾ ”يوم تشڪر“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.اهو شڪر ڪهڙي ڳالهه تي ادا ڪيو ويو اڃا تائين سمجهه ۾ نه اچي سگھيو آهي.خود حڪومت جا اڳواڻ به ان معاملي تي منجھيل رهيا.مثال پنجاب سان واسطو رکندڙ هڪ پي ٽي آئي اڳواڻ کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته اهي يوم تشڪر ڪهڙي ڳالهه تي ملهائي رهيا آهن ته سندس چوڻ هو ته جيئن ته عمران خان آمريڪا جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري واپس وريو آهي ان ڪري اهي يوم تشڪر ملهائي رهيا آهن.جڏهن ته پي ٽي آئي يوم تشڪر جو اعلان عمران خان جي آمريڪا جي دوري کان اڳ ئي ڪري چڪي هئي.بهرحال پي ٽي آئي قيادت جي طبيعت ۾ مجموعي طور تي جيڪا غير سنجيدگي،اٻراهپ ۽ هلڪائي پهرئين ڏينهن کان موجود رهندي ٿي اچي اها هر وقت ڪونه ڪو ڪرشمو ڏيکاريندي ٿي رهي يعني ” جو چاهي ان ڪا حسن ڪرشمه ساز ڪري“.ٻئي پاسي ملڪ جي اپوزيشن جماعتن طرفان 25 جولائي تي يوم سياه يعني ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ۽ پنهنجي ڀرپور سياسي ۽ عوامي قوت جي اظهار جون دعوائون به ڪيون وييون پر ڏٺو وڃي ته انهن طرفان طاقت جو مظاهرو ڪو ان سطح تائين نه ٿي سگھيو جو حڪومت جي لاء ڪو مسئلو يا ڏکيائي پيدا ٿي سگھي.حڪومتي جماعت جيان اپوزيشن جو اهو يوم سياه ملهائڻ به سمجهه ۾ نه اچي سگھيو ته آخر ڪهڙي شيء خلاف يوم سياه ملهائي رهيا هئا.جيڪر سمورو احتجاج گذريل سال 25 جولائي تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي خلاف هو ته پوء سوال اهو آهي ته اپوزيشن جون سموريون مکيه جماعتون ان ڌانڌلي زده اسيمبليء اندر ڇو ويٺل آهن؟ قومي اسيمبليء ۾ جڙيل ڌانڌلين بابت ڪميٽي هن وقت تائين ڪهڙي جاچ جوچ ڪري سگھي آهي؟ بهرحال اپوزيشن ڀلي روز روز يوم سياه ۽ حڪمران وري وري يوم تشڪر ملهائين پرهن ملڪ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام لاء هتي هر ڏينهن ”يوم تفڪر“ يعني سوچن جو ڏينهن آهي جو اهي ڏسن پيا ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بار بار تماشن، هر بار چونڊن جي چهچٽن،مسيحائن جو ويس پائي قوم تي عذاب الاهي بڻجي ڪڙڪندڙ آمرن جي دلربا اعلانن،احتساب جو چولو پائي ماڻهن کي مرليون ٻڌائيندڙن،تبديلين جي نغمن تي ڊانس ڪندي اختياري ايوان سجائيندڙ انقلابين،ڪرسين جي اٿل پٿل،چهرن بدلجڻ واري راند،اجهي ،اٽي ۽ لٽي جي دل فريب شرنائين جي سموري مڪار سياست ۾ انهيء عوام لاء اڄ تائين ڪجهه به ناهي بدليو،اهي ئي انڌيون،اهي ئي جنڊ،اهي ئي بيوسيون، بيماريون،بکون،بد حاليون ۽ بي روزگاريون.اهي ئي مشڪلون،مصيبتون ۽ مصائب.اهي ئي ايذاء،اذيتون ۽ آزار.اهي ئي ظلم،زيادتيون ۽ زور آوريون.اهي ئي اگھاڙا پير،ڏٻرا ڏيل ۽ بکيا پيٽ.اهي ئي نا اميديون،نراسايون ۽ نڌڻڪايون.هتي ته ڪجهه به ناهي بدليو،اهو ئي قاتل،اهو ئي خنجر،اهو ئي نشتر اهو ئي زخم،اهو ئي انڌيرو ۽ اهي ئي راهن جون رولاڪيون.هڪڙو پاڪستان آهي جتي اشرافيا جا ڪتا به عيش ڪن ٿا ته ٻيو اهو پاڪستان آهي جنهن ۾ ساهه ۽ سريڙ جو سڳو سانڍي رکڻ لاء لکين معصوم ۽ ابهم وجود اسڪول وڃڻ بدران گندگيء جي ڍيرن مان پنهنجو رزق تلاش ڪن ٿا.ڪيئن مڃجي ته ڪا تبديلي آئي آهي جو اڃا تائين ته آزاريلن جون ساڳيون آهون گونجن ٿيون،دردوندن جون دانهون فضا ۾ گردش ڪن ٿيون،بي پهچن جون پڪارون ڪنهن پڙاڏي جيان واپس موٽي سندن ئي ڪنن جي پردن کي ڦاڙين ٿيون.انهن جمهوريت جي دعويدارن ۽ سياست جي اڪابرن کان ڪو ته پڇي ته اڌ صديء تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح عوام جي نمائندگيء جي دعوائن ڪندي ۽ اقتدار ۽ اختيار جي مسنند تي ويهندي ڇا عوام لاء عدل جو نظام آسان بڻجي ويو؟خدمت خلق جي قومي ادارن ۾ ذميداريء جو احساس پيدا ٿي ويو؟ماڻهن کي سڪون سان زندهه رهڻ جو سامان ميسر ٿي ويو؟قانون جي نظر ۾ ڏاڍي ۽ ڪمزور جي وچ ۾ موجود فرق مٽجي ويو؟ڇا ماڻهن بک هٿان خود ڪشيون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون؟ ڇا ٻهراڙين جي ڳورهارين عورتن ويم جي سهوليت نه هئڻ سبب بيوسيء وچان کڙيون رڳڙي پساهه ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو؟جيڪر نه ته پوء يوم سياه هجن يا يوم تشڪر،اهي ان حڪمران اشرافيا کي اڪيلي ئي ملهائڻا پوندا.عوام جو انهن تماشن سان ڪهڙو واسطو جو عوام جو ته هر ڏينهن يوم تفڪر آهي جنهن ۾ اهو فڪر فرهي کڻي ماٺ ۾ مطالعو ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي وطن جي هڪ معزز مڪار ٽولي جاناٽڪ ڏسندو رهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو