سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ احمد شاڪر سان ڳالھ ٻولھ

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ احمد شاڪر سان سنڌ ايڪسپريس لاءِ اظھر عباس گاڏھي جي ڳالھ ٻولھ

    سوال:سڀ کان پھريان پنھنجي جنم ڀومي، خاندان ۽ تعليم بابت ٻڌائيندا؟
    جواب: ان سوال جو جواب ايترا ڀيرا ڏئي چڪو آهيان جو هاڻي دل نٿي چاهي ته ان سوال جو جواب ڏيان. نور محمد سومري پنهنجي شعري مجموعي ´خدا جو قسم` ۾ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته ´منهنجا زير نظر سڀ نظم هڪڙي اسلوب جا آهن انهن ۾ ڇا آهي ۽ ڇو آهي سو آئون پوءِ ٻڌائيندس، پهريان اهو ٻڌائيندس ته ڪتاب صرف 70 صفحن جو ڇو آهي پر ان کان پهرين اهو ٻڌائيندس ته نظم ننڍڙا ڇو آهن ۽ ان کان پهرين اهو ٻڌائيندس ته ڪتاب جو ڪور ڪارو ڇو آهي ۽ ان کان پهرين ٻڌائيندس ته ڪتاب جو نالو خدا جو قسم ڇو آهي پر انهن سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري پهرين اهو ٻڌائيندس ته مون ڪڏهن اسڪول ماستر کي ئي سوال جو جواب ڪونه ٻڌايو.` سو هڪ لڱا اهو خيال ڪرَ موڙي اڳيان اڀري آيو ته انهي مٿين سوال جو جواب نٿو ڏيان ۽ ٿورو سوچيو وري به ساڳيو ئي خيال ڪرَ موڙي اڳيان اڀري آيو آهي ته انهي مٿين سوال جو جواب نٿو ڏيان.

    سوال: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
    جواب: شاهه صاحب جي بيت جي سٽ آهي ´سامائي تان سُک ويا` توهان کي حيرت ٿيندي ته مٿين سٽ کان سئو ڀيرا وڌيڪ پيڙاءُ جي پار ۾ پنهنجي جيون جا سڀئي ڏينهن گذريا آهن. هڪ هڪ پل جي پيڙاءُ کي جيڪڏهن گڏ ڪجي ته اٺون آسمان ٺهي ويندو ۽ اندر جي ڀنڃ ڊاهه جو به ڪو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ڇا.؟ هي جيون هڪ اهڙي ته جنت آهي جتي چوطرف جيءُ جياريندڙ منظر آهن پُر سڪون موسيقي ڀريا وهندڙ جهرڻا آهي جتي هيءُ جيون جنت آهي ته اتي جهنم به آهي ۽ ان جهنم ۾ اهڙا ته باهه اوڳاڇيندڙ موڙ آهن جيڪي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏين ٿا. منهنجو بچپن ايئن گذريو جيئن حضرت عيسيٰ جي مڪمل حيات گذري.! منهنجو هڪڙو شعر آهي ته

    ايتري غربت سان قربت ٿي جو،
    روح منهنجو آ رڙيو جيون ۾!

    سو ان شعر جي زمين منهنجي جيون جي زمين آهي. نه رڳو ننڍپڻ پر هينئر به ڪرب جي ڪوٽن ۾ قابو آهيان ۽ بحرِ بيڪران بدن ۾ موجِ رقصان آهي. هي منهنجا سور آهن توهان کي ڇو پيو ٻڌائيان توهان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي! سو سوري آئون اوهان کي الائي ڇا ٻڌائي ويٺس.!

    سوال: ڇا توھان کي ادبي ماحول ورثي ۾ مليو؟
    جواب: توهان کي حير ت ٿيندي ته منهنجي ڏاڏاڻي خاندان ۾ ڪو به پڙهيل لکيل ناهي. سڀ کان پهرين عورتن ۾ منهنجي وڏي ڀيڻ پنج درجا پڙهي ۽ تُرت سندس شادي ٿي وئي، تنهن بعد پنجون نمبر ڀيڻ انٽر تائين پڙهي ۽ مردن مان اڪيلو آهيان جنهن اسان جي ڏاڏاڻي خاندان ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي. صحيح معنيٰ ۾ منهنجو ڏاڏاڻو خاندان علم کان ڏور ڏور گذاريو ۽ ان کان وڌيڪ حيرت ڀري اها ڳالهه آهي ته منهنجو ڏاڏاڻي خاندان ۾ ڪو به اهڙو فرد نه هو ۽ نه آهي جيڪو مون کان اڳ علم ۽ ادب طرف لاڙو رکندڙ هو. مسلسل جدوجهد ۾ رهندڙ منهنجو خاندان ۽ اها جدوجهد زندگي جي گذر سفر لاءِ رهي. ماڻهو پيٽ جي ڪُن کان ٻاهر نڪري ته ٻِي دنيا کي به ڏسي. بُک، بدحالي ۽ خانه بدوشي واري زندگي گهاريندڙ علم ۽ ادب ڏانهن ڪيئن واڳ ورائي۔؟

    سوال: توھان ادب ڪڏھن پڙھڻ شروع ڪيو ۽ ڪھڙي قسم جو ادب پڙھيو؟
    جواب: مونکي ياد ٿو پوي ته جڏهن آئون تقريبن ٻارنهن، تيرنهن سالن جو هئس جو منهنجي ادب سان سناشائي ٿي. جڏهن به بچپن ۾ ناناڻي گهر وڃڻ ٿيندو هو ته اتي هڪ ڪمري ۾ چار، پنج ڪٻٽَ ڪتابن سان ڀريل هوندا هئا ۽ اهي ڪتاب بلڪل ئي کليل پيا هوندا هئا. سو هروڀرو سڀئي ڪتاب هيٺ لاهي آئون هڪ هڪ ڪتاب اٿلائيندو پٿلائدو سهڻي نموني سان سيٽنگ ۾ رکندو هئس. اهو عمل هر ڀيري ويندي ورجايو. اتي ئي مون مهراڻ، سهڻي رسالو ڏٺو ۽ ساڃاهه، برسات، سوجهرو سميت جيڪي به گذريل صديءَ جا مشهور رسالا هوندا هئا نه صرف ڏٺا پر انهن کي پڙهيو. ۽ ڪيئي ناياب ۽ اهم ڪتاب مون اتان کڻي پڙهيا. صحيح معنيٰ ۾ منهنجي ادب سان شناسائي ناناڻي گهر ۾ ٿي ۽ گهڻو بعد جڏهن شعور جي شاهراهه تي پير رکيو ته اها خبر پئي ته اهي ڪتاب منهنجي وڏي ماما علي دوست عاجز جا هئا. مون شروع شروع ۾ ئي ادبي مواد پڙهيو ۽ تنهن بعد سياسي ادب گهڻي شوق سان پڙهيو.

    سوال: توھان ماضيءَ جي ڪھڙن اديبن کان متاثر رھيا آھيو؟
    جواب: سچي ڳالهه اها آهي جو آئون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کان به متاثر ناهيان ٿيو. ها وقتي طور ڪيئي وڻيا ۽ اهي به پنهنجين تحريرن جي ڪري. آئون ڏاڍو سخت قسم جو ماڻهو آهيان ۽ ڪنهن کان متاثر ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي به ايترو فوڪس ناهي ڪيو جو آئون ان جي سحر ۾ جڪڙيو وڃان. آئون ننڍو هئس ايڏو به نه سمجهه ڀريو هئس ته حيدرآباد وڃڻ ٿيو ماما جي گهر اتي ماما وٽ علي بابا آيو هو ۽ ٻه ڏينهن رهيو هو. اهي ٻئي ڏينهن مون علي بابا جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس ويجهو رهيس. مون کي لڳو ته هي ڪو عام ماڻهو ناهي ڪو ڪوهه ڪاف جي پرين جو بادشاهه آهي ۽ جڏين ٻن ڏينهن بعد آئون ۽ منهنجو پڦاٽ بلاول کيس ڪوٽڙي ڇڏڻ وياسين ته هڪ ڪچي آبادي وارو علائقو آيو سائين اتي گاڏي کي بريڪ لڳرائي. جڏهن گاڏي مان لٿو ته سڄي علائقي جا ننڍا وڏا وڪوڙي ويس. هو يگاني ڪيفيت ۾ اچي ويو ۽ سڌو ئي هڪ ويڙهي ۾ هليو ويو. تنهن بعد مون علي بابا کي پڙهيو ۽ کيس جاچيندو رهيس ته هي ڪو معمولي ماڻهو نه هو هي ته هن سٽ جيئن هو:

    دامن نچوڑ دین تو فرشتے وضو کرین!

    سو چوڻ جو مقصد ته هڪ علي بابا ئي هو، جنهن مون کي متاثر ڪيو. باقي سنڌي ادب جي دنيا جا ڪيئي اديب آهن جن جون لکڻيون وڻنديون آهن ۽ شخصي طور ناهن وڻندا. اسان کي انهن جي لکڻين کي پنهنجو ڪرڻ گهرجي. هميشه سٺائي کي کڻجي ۽ برائي کي اڇلائجي.

    سوال اوھان لکڻ جي شروعات ڪڏھن کان ڪئي؟
    جواب: مونکي سال ۽ عمر جو پتو ناهي ته ڪيتري عمر ۾ ۽ ڪهڙي سال ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. جيتري قدر ياد ٿو اچي ته جڏهن آئون اٺين درجي ۾ داخل ٿيو هئس ته ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. ان سان گڏوگڏ ڪو به ڪتاب هٿ لڳي ويندو هو ته آئون پهرين فرصت ۾ پڙهي ڇڏيندو هئس. مون ادبي ڪتاب ايترا ته مسلسل پڙهيا جنهن جي ڪري پڙهائي ڏانهن ڌيان نه رهيو ۽ ڪڏهن به اسڪول يا ڪاليج ۾ پوزيشن نه کنئين ۽ اڄ ڏينهن سوڌو آئون تاريخ، فلسفي، فڪشن سميت علمي ۽ ادبي موضوع پڙهيا آهن ۽ پڙهان پيو جنهن جي ڪري منهنجي اڪيڊمڪ پڙهائي مسلسل متاثر رهي آهي. ايتري حد تائين جو جيڪڏهن صبح جو ڪاليج ۾ پيپر هوندو هو ته به آئون ڪو ناول پڙهندو هئس يا وري شاعري لکندو هئس. لکڻ ۽ پڙهڻ واري ڪم ۾ اڄ به آئون چويهه ڪلاڪ مشغول آهيان. ننڊ ته پاڻ ڪيون ئي ڪون جي اکيون ٻوٽيون ته ´ڪومل` جي صورت سنوارجي اکين اڳيان ڦري يا ڪو خيال دماغ جي کيڙيءَ ۾ سلي جيئن اڀري رهيو هجي ۽ جاڳ ۾ ته چپن تي نئين شعر جو ورد هٿن ۾ ڪو ڪتاب ته اکيون وري چوڏسا منظر پسنديون رهنديون. مون شروعاتي طور شعر لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري جي شهر ۾ جڏهن داخل ٿيس ته هن جهڙو شاهڪار شهر مون کي ٻيو ڪٿي نظر ناهي آيو ۽ ان ئي شهر جي گهٽين ۾ مون غزل به جهونگاريا آهن ته گيت به گنگنايا آهن مسلسل مطالعي ڪري منهنجي لکڻ جو ڪئنواس وسيع رهيو آهي منهنجي بچپن کان عادت رهي آهي ته جيڪو به ڪتاب پڙهندو آهيان ته آخري پني تي پنهنجي راءِ ضرور لکندو آهيان اهي نوٽس جيڪڏهن ڪتابي صورت ۾ آڻجن ته هڪ بهترين نوٽ بڪ ٿي سگهي ٿو. ڪيئي مضمون لکيا ۽ ٻه ڪتاب به ترجمو ڪيا ڪجهه شاعري جو ترجمو ڪيو پر حقيقت اها آهي ته جڏهن به مون شاعري ڪيئي آهي ته اندر هلڪو محسوس ٿيو آهي ۽ شاعريءَ جو شجر مون کي هر وقت ٿڌي ڇانوَ عطا ڪندو رهيو آهي ڪجهه مهينن کان مون مضمون لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن ۽ هن وقت صرف ۽ صرف آئون ٻه ڪم ڪريان پيو هڪ ته شاعري لکان پيو ۽ ٻيو پڙهان پيو.

    سوال: لطيف سرڪار جي شاعريءَ بابت اوھان جا ڇا خيال آھن؟
    جواب: هڪڙا ماڻهو پيدا ئي ڪنهن مخصوص ڪم لاءِ آهن ۽ اهي اهو ڪم ايڏو ته شانائتي انداز سان ادا ڪندا آهن جنهن جو ڪو جواب ئي ناهي هوندو. اهڙي طرح شاهه صاحب پيدا ٿيو ئي شاعري ڪرڻ لاءِ هو. هو رڳو شاعر نه پر هڪ اهڙو انسان هو جنهن ۾ ڪيئي شعبن جون شاخون اچي ڇوڙ ڪنديون آهن. شاهه صاحب جي شاعري ۾ اوهان کي سنڌ جي جاگرافي تاريخ کان ويندي وڻج واپار جي عروج جي تاريخ به ملندي ته تاريخي ڪردارن کان ويندي پيار، محبت جي اهڃاڻڻ تائين توهان کي سڀئي سندس شاعري ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا. منهنجي آڏو شاهه صاحب جي شاعري اتساهه جو اهڃاڻ آهي جنهن زندگي جي هر موڙ تي محرومي کي ٿڏي اڳتي وڌڻ جو دڳ هموار ڪيو آهي. اڃا به ان کي وڌيڪ ايئن آساني سان بيان ڪجي ته شاهه صاحب جي شاعري جتي عالم لاءِ دعاڳو آهي ته اتي بهادريءَ جي بهار جو واهوندو به آهي.

    سوال: اڪثر اوھان جي شاعري نوجوان بيحد پسند ڪندا آھن. ان بابت اوھان جي ڇا راءِ آھي؟
    جواب: اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪو وطن سان محبت ڪندو آهي ان کي لوڪ پيار جي چادر اوڍائيندو آهي، جيتري قدر منهنجي شاعري جو سوال آهي ته ان تي آئون راءِ ڪهڙي رکان.؟ پڙهندڙ ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو. باقي ايترو آئون چئي سگهان ٿو ته منهنجي شاعري جو محور مِٽي، پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ آهن مون ڪوشش ڪري اوليت آزادي ۽ آسودگي جي موضوعن کي ڏني آهي ۽ جتي جتي به مُحب جو ذڪر ڪيو آهي ته ان کان اڳ وطن کي ڳايو آهي. رهي ڳالهه پڙهندڙن جي پسندگي جي ته اها انهن جي محبت آهي ۽ اهو محبت جو وزن کڻڻ منهنجي ڪلهن کان ڳورو آهي. اها ڳالهه طي آهي ته جيڪڏهن آئون ڌرتي سان انتها جي حد اورانگي محبت نه ڪريان ها ته اڄ احمد شاڪر کي ڪوئي به سڃاڻي نه ها. هي سڀ سنڌ جو ڏنو آهي پاڻ ته هٿين ۽ کيسي خالي آهيون.

    سوال: شاعريءَ ۾ جدت مطلب نواڻ ڪيئن آڻجي؟
    جواب: ڪو به موضوع نئون ناهي ۽ ڪو به لفظ، جملو نئون ناهي. هي جيڪو پاڻ لکي ۽ ڳالهائي رهيا آهيون اهو به ڪٿي نه ڪٿي اڳ لکجي ۽ ڳالهائجي چڪو هوندو. سڄي ڳالهه ادائگي جي آهي توهان وٽ اظهار جو ڏانءُ الڳ هجڻ گهرجي ۽ اهو ئي نواڻ جي نالي سان سڃاڻپ رکندو. رهي ڳالهه شاعري ۾ جدت جي ته مونکي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جو نوجوان چاهي ڪهڙي جدت ٿو.؟ هي عجيب هڪ فوبيا پکيڙجندي پئي وڃي ته شاعري ۾ جدت آڻجي.؟ اهو خود آئون سوال مٿي ڇڏي آيو آهيان. مون وٽ شاعري ۾ جدت جو تصور اهو آهي ته ڪنهن به شاعر جي شاعري پڙهندي جيڪڏهن اڳ پڙهيل شاعري ڏانهن توجهه نٿو ڇڪجي ته پو اهو سمجهڻ گهرجي ته اها ئي شاعر جي ڪاميابي آهي جو هن پنهنجو دڳ ٺاهيو آهي ۽ ڪامياب شاعر اهو آهي جيڪو ٻي شاعر جي اثر کان آجو هجي. رهي ڳالهه ته شاعري ۾ جدت ڪيئن آڻجي.؟ آئون سمجهان ٿو ته ان چڪر ۾ پوڻ کان بهتر آهي ته اڄ جو شاعر پنهنجي اندر کي ڪڍي ٻاهر رکي ۽ اهڙي سٽ لکي جنهن کي پڙهندي محسوس ٿئي ته ها ٻيلي هيءَ شاعري آهي ۽ جيڪا شاعري ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏي ته پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته اها ئي شاعري آهي. باقي جيڪڏهن جدت جي جهنگ ۾ جنهن کي پنهنجا خيال جلائڻا آهن ته اها سندي مرضي!

    سوال: نئين ٽھيءَ مان ڪھڙا نوجوان سٺو لکي رھيا آھن؟
    جواب: سنڌي ٻولي جي اها ڪماليت آهي جو جيڪو به قلم کڻي ڪوري ڪاغذ تي هلائڻ شروع ٿو ڪري ته ڪا نه ڪا تحرير جنمي وڃي ٿي. اهڙيون دنيا ۾ گهٽ ٻوليون آهن جيڪي وشال ساگر جيڏو سينو رکندڙ آهن ۽ سنڌي ٻولي ته منهنجي ماءُ جي به ٻولي آهي اها ڪيڏي سوادي آهي ان لئه مونکي ڪا تشبيهه نٿي سجهي. رهي ڳالهه نوجوانن جي لکڻ بابت ته هر روز سنڌي ٻولي هر شعبي ۾ شاگرد پيدا ڪري رهي آهي خاص ڪري ادب جي دنيا ۾ ته رنگ برنگي راهون روشن لڳيون پيون آهن.نثر ۽ نظم ٻنهي شعبن ۾ سنڌي ادب شاهوڪار ۽ شاندار آهي توهان ڪو به سنڌي ٻوليءَ جو ڪتاب کڻي پڙهو توهان کي ٻيو نه ته به پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ جو سواد ملندو ۽ مان سمجهان ٿو ته پنهنجي ديس جي ٻولي جهڙوڪ ماءُ جي ڇاتيءَ جي ٿڃ آهي جيڪا جڏهن چپن جي چورڻ سان اندر ۾ لهي ٿي وڃي ۽ هڪ عجيب ڪائنات تخليق ٿي وڃي ٿي. سنڌي ادب ۾ شامل نئين پيڙهي کي جڏهن پڙهجي ٿو ته اهو چئي سگهجي ٿو ته اها پيڙهي ان مقام طرف ڪاميابي سان قدم کڻي وڃي رهي آهي جتي ٻوليون پنهنجي نئين تاريخ لکنديون آهن ۽ آئون اڄ جي نون لکندڙن مان ايترو ئي پُر اميد آهيان جيترو پنهنجي سينئرن جي پورهيي کان پُر اعتماد آهيان. لکڻ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن تي تڪڙي راءِ ڏئي اسپيڊ بريڪر نٿو آڻي سگهجي. لکڻ جهڙوڪ هڪ ڪائنات تخليق ڪرڻ آهي جنهن ۾ زمين ۽ آسمان کي ٺاهڻو ٿو پوي ۽ لکڻ هڪ ايڏو ئي اوکو آهي جيڏو تتل صحرا کي هڪ ساهي ۾ سَر ڪرڻ.

    سوال: آخر ۾ لکندڙن ۽ پڙھندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
    جواب: مون اڳ ۾ به ڪٿي اهڙي سوال جو جواب ڏنو هو ته ´سچ ڳالهايو ۽ سچ ٻڌڻ جي سگهه رکو` ۽ ان سان هڪ هاڻي هي سٽ به شامل ڪندس ته ´ڪتاب پڙهو ۽ ڪتاب پڙهايو.`

    روزانہ سنڌ ايڪسپريس ٣١ جولاءِ ٢٠١٩
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو