مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’صنعت سِياقة الاعداد‘ جو جائزو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,769
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
    .

    شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران نڪرندڙ ’ڪلاچي تحقيقي جرنل‘ جلد ٻاويهون، شمارو پهريون، جون 2019 ۾ شايع ٿيل پيپر دوستن سان شيئر ڪجي ٿو...

    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’صنعت سِياقة الاعداد‘ جو جائزو
    (A study of the ‘Sequential Number Technique’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)
    Abstract:
    From technical point of view, The poet Molvi Ahmed Mallah looks great master of words and their arrangement in Sindhi poetry. Not only is his poetry filled with feelings of the pains and pangs of love and affection but also it abounds with revolutionary and reactionary elements of thoughts against feudal class and Peers/Mirs. That’s why his work could not have been fully evaluated due to his such anti-feudal and anti-Peer/ Mir approaches and thoughts in his poetry.
    This paper is the study of ‘Sequential Number Technique’, which is a very important literary technique used as genus of Figures of Speech. There are two kinds of The Number: Cardinals and Ordinals which can be used in ascending as well as descending order according to the necessity and situation of the speaker or the writer. Besides Cardinals and Ordinals in Sindhi language, there is another kind of The Number, that can be called The Cardinal-Ordinal Number, which is the combination of the both the cardinals and the ordinals. Having studied the scope of the cardinals and the ordinals, we have come across with this new type of number, which is the solely peculiarity of Sindhi language, that can be called cardinal-ordinal number.
    We found very beautiful usage of all these three types of the number in Molvi Ahmed’s poetry both in ascending and descending order. This paper is in-depth study of ‘Sequential Number Technique’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry.
    *اڀياس جو پس منظر
    علم عَروض ۽ ڇند وديا جي امتزاج جو شاعر مولوي احمد ملاح، فني لحاظ کان تمام سگهارو شاعر آهي. سماجي طور، سندس شخصيت جي سڃاڻپ مزاحمتي شاعر جي رهي آهي، ان سبب هن جي شاعريءَ کي اها پذيرائي نه ملي سگهي آهي، جيڪا فني لحاظ کان هن جي شاعريءَ ۾ نوٽ ڪري سگهجي ٿي. شاعريءَ ذريعي مير، پير، وڏيري ۽ جاگيرداري طبقي جا ته اصل ڇوڏا لاهي ڇڏيا اٿس. اهو ئي سبب آهي جو هو هڪ اختلافي ماڻهو پڻ رهيو آهي. بس هن جي منظوم ترجمي ’نور القرآن‘، هن جي ڪم کي تقويت ڏياري آهي، باقي ته سندس ڪافي شاعريءَ جي حصي کي، سندس متاثر ٿيل ماڻهن جي پوئوارن، پئي پوئتي ڌڪيو آهي. جس آهي ارباب الهه جڙيي کي جنهن مولوي صاحب جي ’نورالقرآن‘ جو پهريون ڇاپو ڇپرايو ۽ ٻئي پاسي سلام پيش ڪندم پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کي جنهن مولوي صاحب جا غزل ۽ نظم جهر جهنگ مان ڳولهي ڦولهي ’ڪليات احمد‘ جي نالي سان شايع ڪرايو، بلڪ تحقيقي تصحيح جي بنياد تي ان جا چند ڇاپا به ڇپرائي چڪو آهي. هن وقت ’ڪليات احمد‘ اسان وٽ هڪ اهم ڊاڪيومينٽ جي حيثيت ۾ سامهون آهي، جنهن جي مدد سان مولوي صاحب جي شاعريءَ جون فني خوبيون مختلف پيراميٽرن هيٺ جاچي سگهجن ٿيون.
    ’تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ سڏجندڙ، مولوي احمد ملاح لفظن جو بازيگر شاعر رهيو آهي، ان ڪارڻ ڪابه صنعت جڏهن سندس شاعريءَ ۾ ڏسڻ گهرون ٿا ته ڪافي مواد حاصل ٿي وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صنايع بدايع جي روشنيءَ ۾ سندس شاعريءَ کي پرکيو وڃي ۽ هڪ معياري ڊيٽا گڏ ڪري عام آڏو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ’صنعت سِياقة الاعداد‘ جو جائزو وٺجي ٿو.
    ان صنعت مان مراد ’شماري يا قطاري انگن‘ جو تعداد ترتيب (Ascending) يا بي ترتيب (Descending) سان بيان ڪرڻ هوندو آهي.
    *اڀياس جا سوال
    هن پيپر جو احاطو هيٺين سوالن تي رکجي ٿو:
    *صنعت ۽ تجنيس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    *صنعت سياقة الاعداد مان ڇا مراد آهي؟
    *تعداد جي لحاظ کان انگن/ عددن جا ڪهڙا قسم ٿي سگهن ٿا؟
    *مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ تعداد جو ڪهڙو قسم وڌيڪ ڪم آندل آهي؟
    *اڀياس جو عمل
    *صنعت ۽ تجنيس ۾ فرق
    مولوي صاحب ’تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ سڏجي ٿو. فني لحاظ کان ’حرفي‘ ڪافي ٻين تجنيس جي ماءُ آهي، جيئن: تام، ناقص، مرڪب، زائد، مذيل، خطي وغيره. يعني اهي تجنيسون الڳ دائرن سان ’تجنيس حرفيءَ جو ئي بنياد آهن.
    تجنيس مان مراد هڪ مخصوص جنس وارا لفظ جيڪي ڀيٽ جي صورت ۾ ڪم آيل هجن. يعني ڪنهن شعر يا بيان ۾ سمايل تجنيس تڏهن شمار ۾ ايندي، جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه مختلف لفظ ساڳي جنس وارا ڪم آيا هجن. جڏهن ته صنعت ۾ لفظ جي معنوي انداز کي مرڪوز ڪيو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته تجنيس جي لاڳاپو لفظن سان آهي، جڏهن ته صنعت جو تعلق ان جي معنى سان ٿيندو.
    *صنعت سياقة الاعداد جو دائرو
    ’صنعت سياقة الاعداد‘ ۾ عددن جي مختلف اندازن کي استعمال ڪرڻ جو نالو آهي. مرزا قليچ بيگ ڄاڻايل صنعت بابت لکي ٿو ته: ”جڏهن ڪي عدد ترتيبوار يا بي ترتيب ڪم آڻجن، يا ڪي صفتون يا ڳالهيون شمار ڪرڻ ۾ اچن. مثال:
    خلد اَٺ، ست آسمان ۽ ڇهه طرف ٿيا، پنج حواس،
    چار عنصر، ٽي مواليد ۽ ٻه جڳ، هڪڙو خدا.
    .....
    هڪ غم، ٻه غم هجن، کڻي ٽي غم يا چار غم،
    ويچاري دل ڪري ڪيئن، هت ٿيا هزار غم.“ (1)
    ’صنعت سياقة الاعداد‘ جي دائري بابت ظفر عباسي لکي ٿو ته: ”سياقة الاعداد معنى عددن جو هلائڻ يا قطار ۾ رکي ڏيکارڻ. اها صنعت، جنهن موجب ڪلام ۾ ڳاڻاٽي جا عدد ڪنهن موزون نموني بيهارجن، جو بيت سهڻو لڳي ۽ معنى به سهڻي لڳي، يعني جڏهن ڪي عدد ترتيبوار يا بي ترتيب آڻجن، يا ڪي صفتون يا ڳالهيون شمار ڪرڻ ۾ اچن. مثال:
    تارازي جي توري، مڪ موتين تي نه ڏيان،
    ٻيڻا ٽيڻا نه وٺان، ٿوري ٿوري نه ٿوري،
    گهوري آئون گهوري، جو ڄارو ڄام ڪلهن تي. (سچل)“ (2)
    *صنعت سياقة الاعداد جو اشتقاق
    فيروز اللغات عربي- اردو (1979) جي مدد سان هن اصطلاح جو اشتقاق هيٺين ريت بيان ڪجي ٿو:
    *صنعت سياقة الاعداد: [صنعت ( صَنَعَ = هن ٺاهيو) ڪاريگري، هنر، فن + سياقة- اسم (هلائڻ- روان ڪرڻ) + اعداد- عدد جو جمع (انگ) انگن کي روان هلائڻ وارو هنر] علم بيان موجب ڪاريگريءَ سان انگن کي ترتيب يا غير ترتيب سان هلائڻ، جيئن:
    هڪ بَلائون، ٻيو بُکون، ٽيون بار، چوٿون بَر وڏا،
    هاءِ، حيوانن حوالي، ٿيا هزارن جا هڏا،
    ڪيئن جبل جهاڳي سگهن، جاني، اسان جهڙا جڏا،
    لُڪ لِڱن لوساٽيو، لَڪ ۾ وِڌم لاهي لَڏا،
    پيَم رڻ ۾ رات رهبرَ، يا رسول الله رَسيج.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 148)
    مولوي صاحب جي ڄاڻايل مثال ۾ ’هڪ‘، ’ٻيو‘، ’ٽيون‘ ۽ ’چوٿون‘ وارا عدد شماري ۽ قطاري عددن جو امتزاج آهن. شماريءَ ۾ ’هڪ، ٻه، ٽي...‘ ۽ قطاريءَ ۾ ’پهريون، ٻيون، ٽيون...‘ وارو نمونو هجڻ گهرجي، ليڪن ڄاڻايل مثال ۾ ’هڪ، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون‘، ’شماري-قطاري عدد‘ سڏبا.
    *تعداد جي ڳڻپ جا قسم
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳڻپ جا ٻه اهم قسم آهن، هڪ: شماري، ٻيو: قطاري. شماريءَ ۾ روان انگ ڳڻيا ويندا آهن، جيئن: هڪ، ٻه، ٽي وغيره؛ جڏهن ته قطاريءَ ۾ پهريون، ٻيون، ٽيون وغيره. سنڌي صورتخطيءَ پٽاندر قطاري انگن ۾ اختلاف سامهون آيل آهي. درسي توڻي ادبي ڪتابن ۾ اها ڳالهه عام ڏٺي وئي آهي ته قطاري عددن ۾ صرف لفظ ’ٻيو‘، ’نون گهُڻي‘ کان سواءِ لکجي پيو. جيئن ’سنڌي ٻيو ڪتاب‘، جڏهن ان سان ’حرف جر‘ جي استعمال سبب نحوي صورت تبديل ٿيندي آهي ته ’سنڌي ٻئين ڪتاب ۾ ڪل ويهه سبق آهن‘ يا ’سنڌي ٻئين ڪتاب جي پهرين سبق ۾ اهو جملو ڄاڻايل آهي‘ وغيره.
    جڏهن ’سنڌي ٻيو ڪتاب‘ لکت ۾ اچي ٿو ته ’حرف جر‘ ڳنڍجڻ جي صورت ۾ ’سنڌي ٻئي ڪتاب ۾‘ لکڻ گهرجي، پر اهو دراصل سڀاويڪ ناهي. اهڙي حالت ۾ قطاري عدد جنهن صورت ۾ ’پهريون‘ ۽ ’ٽيون‘ وغيره ڪم اچي ٿو ته ’ٻيون‘ هجڻ گهرجي. اها ڳالهه سڀڪو ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ ڄاڻي ٿو ته اسان وٽ ڌارئي يا another لاءِ به ’ٻيو‘ لفظ ڪم آندو ويندو آهي، ۽ ساڳيو لفظ قطاري عدد لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. منهنجي ذاتي راءِ مطابق لفظ ’ٻيو‘ ۽ ’ٻيون‘ کي الڳ خيال کان ڪم آندو وڃي، جيئن:
    *ٻيو: هي لفظ ڪنـﻫـن ٻئي ڄڻي، يا ٻي ڪنـﻫـن شيءِ لاءِ مروَّج آهي.
    *ٻيون: هي لفظ قطاري عدد آهي، جيئن: پـﮨـريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون …
    پروفيسر ڀيرومل آڏواڻيءَ به پنهنجي هڪ مضمون ’سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ‘ ۾ اهڙي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”عددن ۾ چئون پـﮨـريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون وغيره؛ ڪي ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ به چون. رواج موجب ٻئي صحيح آهن، پر لفظ کي هڪڙي بيـﻫـڪ ڏيارڻ لاءِ مان جيڪر چوان ته درسي ڪتابن ۾، توڙي بورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ ’ٻيون‘ لکجي. پـﮨـريون، ٽيون، چوٿون وغيره جي پڇاڙيءَ ۾ ’ن‘ آهن، ته هن حالت ۾ به ’ن‘ وجھجي، ته سڀني عددن جي پڇاڙيءَ وارو اچار هڪ ساريڪو ٿئي؛ ائين ڪبو ته ٻنهي لفظن جي معنى کي به پوري بيـﻫـڪ ملندي، يعني ٻيو معنى ساڳيو نه، علحدو، نرالو (Other, another)، ۽ ٻيون معنى پـﮨـريون نه، Second، انهيءَ سبب هن حالت ۾ ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ چوڻ ۽ لکڻ چڱو ٿيندو.“ (3)
    ان کان علاوه ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي (1999) پڻ پنـﻫـنجي ڪتاب ’ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ‘ جي ص: 175 تي ديوناگري لپيءَ ۾ ٻئين ڪتاب جو عڪس ڏنو آهي، تنـﻫـن جي هيٺان عربي- سنڌي رسم الخط ۾ ’درسي ٻيون ڪتاب‘ جي لفظن سان اشارو ڏنو آهي؛ جڏهن ته ديوناگري ڪتاب جي عڪس تي ’ٻيو ڪتاب- سنڌي‘ (ibXo ikqwbu isNDI) لکيل آهي. يعني ڊاڪٽر جيٽلي قطاري عددن ۾ ٻين لفظن جيان، لفظ ’ٻيو‘ ۾ ’نون گهُڻي‘ جي اضافي کي ترجيح ڏئي ٿو. (4)
    راقم پنهنجي ٿيسز ’عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جي اڀياس‘ ۾ ڀاڱن/ پتين ۾ ’شمار‘ بابت لکي ٿو ته: ”هتي هيءَ به ڳالهه غور طلب آهي ته جڏهن اسين ڪنـﻫـن هڪ وضاحت جا ڀاڱا/ پتيون ڏيکاريندا آهيون ته ان صورت ۾ ’ن- گُهڻي‘ جو استعمال بلڪل ڇسو ۽ بيجا لڳندو آهي؛ مثلاً:
    هڪ: هي شماري عدد ڪنـﻫـن به ڳالهه جو پـﮨـريون حصو ڏيکاريندو آهي؛
    ٻيو: هي شماري عدد ٻيو حصو ڏيکاريندو آهي؛
    ٽيو: هي شماري عدد ٽيون حصو ڏيکاريندو آهي؛
    چوٿو: هي شماري عدد چوٿون حصو ڏيکاريندو آهي؛ وغيره.
    وڌيڪ وضاحت لاءِ ڀاڱيوار شماري عدد جو هيٺين ريت استعمال نوٽ ڪيو ويو آهي:
    پـﻫـرئين سڄي جو هڪ ڀاڱو، ٻيو ڀاڱو، ٽيو ڀاڱو، چوٿو ڀاڱو، پنجو ڀاڱو…
    ٻئين سڄي جو هڪ حصو، ٻيو حصو، ٽيو حصو، چوٿو حصو، پنجو حصو…
    ٽئين سڄي جي هڪ پتي، ٻي پتي، ٽين پتي، چوٿي پتي، پنجي پتي…
    عام طرح، ڪنـﻫـن مڪمل شيءِ جي هڪ ڀاڱي، ٻئي ڀاڱي، ٽئين ڀاڱي ۽ چوٿي ڀاڱي کي شماري عدد جو ڀاڱو تصور ڪيو ويندو آهي.
    پتين/ حصن ۾ ڪم ايندڙ شماري عددن جو اندازو هيٺئين فقري مان ڪري سگھجي ٿو:
    ’اسان جي تعليم جي بگڙجڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا جن جي اسبابن ۾ هيٺيان ڪردار اهم آهن: هڪ: استاد، ٻيو: شاگرد، ٽيو: والدين، چوٿو: معاشرو، پنجو: رياست.‘ (5)
    پروفيسر علي نواز جتوئي لفظ ’پنجو‘ ڪم آڻيندي تقليب موجب لکي ٿو ته: ”ڄڀَ جي غلطيءَ سببان ڪي آواز پاڻ ۾ جڳهه مٽيندا آهن، ان کي ’تقليب‘ (Metathesis) سڏبو آهي؛ جيئن: ’همراهه‘ مان ’هرماهه‘، ’پنجو‘ (پنج آڱرين وارو) مان’چنبو‘، … وغيره.“ (5)
    پروفيسر جتوئي جي حوالي ڏيڻ مان مراد اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنـﻫـن اسم جي پتين/ حصن تي مشتمل شماري عددن ۾ ’ن گُهڻو‘ ڪم نه آندو ويندو آهي؛ جيئن پنجن آڱرين/ حصن تي مشتمل هٿ لاءِ ’پنجو‘ ڪم اچي ٿو. اهڙي نموني پراڻي وقت ۾ جنس جي ماپي لاءِ مقرر ڪيل ايڪي پاٽيءَ جي چوٿين حصي کي ’چوٿو/ چوٿڙو‘ چيو ويندو هو/ آهي؛ اڄڪلهه به مانيءَ جي چوٿين حصي لاءِ ’چوٿو‘ لفظ مستعمل آهي.
    جامع سنڌي لغات موجب: ”چوٿو ج چوٿا: چوٿون حصو (ڪنـﻫـن به شيءِ جو). چوٿين پتي (مانيءَ جي).“ (7)
    ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم آندل صورتخطي ڪجھ نرالي آهي، جتي ’ر‘ جي لارَ وارا لفظ ڪم اچن ٿا تن کي ’ر‘ جي اضافي سان ڄاڻايو اٿس؛ ان کان علاوه شماري ڀاڱن ۾ ’جلد پـﻫـريون‘، ’جلد ٻئو‘ ۽ ’جلد ٽئو‘ ڪم آندو اٿس. جيڪو ڪنـﻫـن حد تي ٺيڪ پيو لڳي. هن ۾ هڪ شماري عدد (پـﻫـريون، ٻئو ۽ ٽئو) جا ڀاڱا واضح ٿين ٿا. (8)
    ٿيڻ ائين کپندو هو ته هڪ اسم جي ڀاڱن جو شمار : ’هڪ، ٻيو ۽ ٽئو‘ ڄاڻائجي ها.
    ان کان علاوه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي هن حوالي مان پڻ اهڙي عدد جو اندازو ڪري سگھجي ٿو، جنـﻫـن ۾ نظرانداز اَٺ وسرڳن ۾ ’رهه‘ جو وسرڳ مثالن سان هيئن ڏنو آهي:
    ’ر‘ جو وسرڳ ’رهه‘ مثال: ٻارهو، يارهون، ٻارهون، تيرهون. (9)
    ڊاڪٽر ميمڻ جي حوالي ۾ ساڳيو لفظ هڪ گھُڻائپ ۽ ٻيو بغير گھُڻائپ جي ڄاڻايل آهي، جنـﻫـن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ بغير گھڻائپ سان لفظ جو سماجي ڪارج واضح ٿئي ٿو. يعني حصن پتين تي مشتمل لفظ ٻوليءَ ۾ بغير گھُڻائپ جي ڪم اچن ٿا؛ جيئن ٻارهن مـﻫـينن تي مشتمل حصن جي مجموعي يا ان مجموعي جي ٻارهين حصي واري مـﻫـيني ۾ ملـﻫـائجندڙ ڏهاڙي کي ٻوليءَ ۾ ’ٻارهو‘ ٿو ڪوٺيو وڃي.
    هيٺئين شعر ۾ به ٻوليءَ ۾ مستعمل اهڙن لفظن جو اندازو ڪري سگھجي ٿو:
    ’هڪ ته سمجھيو نه مون، ٻيو ٻڌايو نه تو،
    دل پڪي وئــين ڪري، ديـر سان پيو پتو.‘ (10)
    *اٿلاڻي: لفظ ’ٻيون‘ بابت مٿين ڇنڊڇاڻ بعد ڳڻپ جا هيٺيان قسم بيهن ٿا:
    1. شماري عدد: هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه وغيره ۽ وري انهن جا غير ترتيبوار.
    2. قطاري عدد: ان قسم جي انگن کي ٻن حصن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي:
    • قطاري عدد: پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره ۽ انهن جا غير ترتيبوار.
    • شماري- قطاري عدد: هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو وغيره ۽ انهن جا غير ترتيبوار.

    *مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’صنعت صياقة الاعداد‘ جي استعمال جو جائزو
    عددن جو استعمال ٻن رخن کان ٿي سگهي ٿو، هڪ: ترتيبوار (Ascending order) ۽ ٻيو: غير ترتيبوار (Descending order). مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ٻئي رخ ملن ٿا، جيڪي هن پيپر ذريعي جائزي ۾ آندا وڃن ٿا. هيٺ مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’صنعت سياقة الاعداد‘ نسبت، گروهن ۾، چند مثال پيش ڪجن ٿا:
    *شماري عدد ترتيبوار جو انداز
    حسن گهرجي هر هميشہ، حسن ڪهڙو هڪ ٻه ڏينهن،
    هڪ ٻه ڏينهن لاءِ ناهه، نينهن نوبت بَرصواب.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 103)
    ان شعر ۾ ’هڪ- ٻه‘ شماري عدد ڏنل آهن.
    جَڳ روئي ’احمد‘ موئي، عالَم سڄا ارمان ۾،
    لڙڪ لالڻ، لاش تي تون، هڪ ٻه هارڻ کان به وئين.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 441)
    ان شعر ۾ ’هڪ- ٻه‘ شماري عدد ڏنل آهن.
    اکين جي هڪ اشاري سان، اَڏيءَ تي آهه پيو ’احمد‘،
    ٿيو ٻيرا ٻه ٽي ڀيرا، اڃا ڇيرا ڇُڙن پيا ڇو.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 470)
    مٿئين شعر ۾ ’هڪ، ٻه ۽ ٽي‘ شماري عددن جو استعمال ٿيل آهي.
    ٿيَن ڏينهن ۾ چوريون چار پنج،
    وڃي پير پهتا پَرئين پارَ کي.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 319)
    ان شعر ۾ ’چار- پنج‘ ترتيب سان شماري عدد ڏنل آهن، جنهن کي ترتيبوار (Ascending order) شماري انگن جو استعمال چئبو.
    *گرداني (inflected) صورت ۾ شماري عدد جو ترتيبوار انداز
    هزارين حرف هَي هَي، ميٽجن ڪيئن حرف هڪ ٻن سان،
    لکيم دفتر به دفتر ڪهڙو، دفتر دفترن ۾ مُک.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون-327)
    نحوي بناوت سبب جڏهن ڪنهن اسم يا صفت جي حالت جمع جي صورت ۾ مٽبي آهي ۽ ’حرف جر‘ جو ميلاپ ڪيو ويندو آهي ته لفظ پنهنجي اصلي صورت تبديل ڪري، ’ن‘ جو اضافو کڻندو آهي. ’هڪ ۽ ٻن‘ ۾ ’ٻِن‘ جو لفظ گرداني صورت وارو ڪم آندل آهي.
    *شماري ڏهاڪن جو ترتيبوار انداز
    سَٺ ستر کان اڳ نه منهنجي، ڪنهن کي ڪَر منجهه ڪاروان،
    ڪينَ مان تو ڪيئن بڻايو، پوءِ نطفو ناتوان،
    پوءِ ڳجهو ڳڀ، پوءِ ڳڀرو ڳرٽ، پوءِ ڳوڙهو جوان،
    قُوت قُوَت ڏيئي ڪيَس، تو پاڻ پالي پهلوان،
    تون نه پالين، ڪير پالي، پال پالڻهارَ، تون،
    تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيهه جو ڏاتار تون.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريو- 162)
    مٿئين مسدس ۾ ’سٺ- ستر‘ ترتيب سان ڏهاڪن جو ذڪر آيل آهي.
    *شماري سؤ- هزار جو ترتيبوار انداز
    سُک سُتا ٿي جي هِتي، ويا سُور کِيندا سؤ هزار،
    گهر ڇڏي پيا گهوٽ، گهوڙا! منجهه گهنگهر ناڪي وجود.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 219)
    ان شعر ۾ ’سؤ- هزار‘ سوَن وارو شماري تعداد ترتيبوار انداز ۾ ڏنل آهي.
    ڪيا ناز نيڻن، سَنجي فوج سيڻن،
    فقط ڦير هڪ سان ڪُسي ويا ڪروڙا.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 62)
    مٿئين شعر ۾ ’هڪ ۽ ڪروڙا‘ شماري عدد آهن.
    قد اَلف، قيمت هزارين، تِر ڪڻو تيرهن ڪروڙ،
    مال ڪيو منظور مون، هو جي مگر ڪَن مُل پسند.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 217)
    ان شعر ۾ ’هزارين ۽ تيرهن ڪروڙ‘ شماري عدد آهن.
    *قافيي ۾ شماري عدد جو ترتيبوار انداز
    مِٺا محبوبَ، محبت کي، نه محبن سان مَٽي وڃجي،
    جشن جوڙي ڪجي جاني، نه جهٽ پَٽ جيءُ جهَٽي وڃجي.
    ڪنڍا ڪاڪل ڪلهن تي، ڪَر ڀٽون ڪارا ڪنڍي وارا،
    ڦُري دل پوءِ ڪجي ڦيرو، نه ڦوڙاءِ ڦٽي وڃجي.
    اسان جي قلب سان ڪن ڪار، جيئن ڪارا ڪلاداري،
    وڍين توڙي وٽان وارن، کي وانگوڙا وَٽي وڃجي.
    سڄڻَ، سَرچي ٺهي ساڻم، وچان سالُون مَ وِجهه ساريون،
    ڏمر ڏاڍو هجي ته به ڏور، ڏيهڙي ڏينهن ٻه ٽي وڃجي.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 523)
    مولوي صاحب جي غزل جو هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ ’ٻه ٽي‘ شماري عدد قافيي ۾ ڪم آندا ويا آهن.
    رديف ۾ شماري عدد جو ترتيبوار انداز
    آخر ۾ ٻن غزلن جا چند بند رکجن ٿا جيڪي ’صنعت سياقة الاعداد‘ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا:
    ساري سلام چئيج تون سَنيهڙا ٻه ٽي،
    پانڌي، پَيام ڏيج تون ٻاٻيهڙا ٻه ٽي.
    ناڻو وڌيڪ آهه ته داڻو به دوستَ، ڏِس،
    هِڪ تِر مٿي هزار ڏناسين هَڙا ٻه ٽي.
    اکيون عُقاب جيئن ته کِلڻ به بوند خون،
    شب روز ڪن شِڪار هي شينهڙا ٻه ٽي.
    هِت ڪن سلام غلام گهڻا، ڪاڪ ڏانن ڪير،
    سوڍا، ڪِ سومرا، ڪِ سَمان، سينهڙا ٻه ٽي.
    تو ري هزار ٻيا به کڻن هٿ هِتان هُتان،
    مون کان ته نڀايا نه ٿين نينهڙا ٻه ٽي.
    بيمار بستري تي، بچڻ جو نه ڀروسو،
    آءُ تون اڱڻ عجيبَ، ڪي ڏينهڙا ٻه ٽي.
    ’احمد‘ کي آسرو ته اُٺي مِينهن ٿا اچن،
    محبوبَ، موٽ موٽ، وٺا مِينهڙا ٻه ٽي.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 520)
    مٿئين غزل ۾ شماري عددن باوجود رديف ۾ پڻ ’شماري عدد: ٻه ٽي‘ ڪم آندا ويا آهن.
    مٿئين غزل جي مطلع ۽ مقطع ۾ ’ٻه ۽ ٽي‘ ترتيبوار شماري عدد ڪم آندل آهن.
    ڪنهن گهنگهر گوندر چَکايم، گهاءَ گهوڙا! سؤ هزار،
    ساهه کي صاحبَ پرين پيا، سُور سوڙها سؤ هزار.
    سُور نيئي سُڌ سار ساري، پيَم سِيرُون منجهه سَرير،
    سِر ڳلن ڳاڙيان، ڪندي ڳُڻ ياد، ڳوڙها سؤ هزار.
    هڪ نه ڀيرو مون بَندي، گهريم بَديَن لئي بخش ڀال،
    توهه تنهنجا مون مٿي، تحقيق توڙا سؤ هزار.
    رڙ رڃن ۾ رات ٿي، سُڻندي مِرون پيا مامري،
    ٿا ٻَرن ٻَر ٻَر، انهيءَ کان ٻُگهه ٻوڙا سؤ هزار.
    خوف وارا خاڪ ۾ پيا، کِل گهني ٿي خَلق ۾،
    پر قيامت ۾ ڪٽيندا، قسم ڪوڙا سؤ هزار.
    عُمر تي اڌ ڏينهن جي، ’احمد‘ اٿئي پوريون اکيون،
    ڏس ته ٿيا ڀُونءِ ۾ ڀُڪا، اڳ گهوٽ گهوڙا سؤ هزار.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 248)
    مٿئين غزل ۾ شماري عدد ’سؤ ۽ هزار‘ رديف جي صورت ۾ آندل آهي.

    *قطاري عدد جو ترتيبوار انداز
    قطاري عدد ’پهريون ۽ ٻيون‘ ٿين ٿا، اهڙي ترتيب مولوي صاحب جي شاعري ۾ ملي ته ٿي، ليڪن گرداني صورت ۾، البت، هڪ قطاري عدد صاف ڪم آندل آهي.
    اسم مون الحمد لله، لفظ پهريون لام ري،
    ڇو ڀَريان ٻئي کي ڇهه آني، چئو ته ڪانيءَ مان ڪڍن.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 673)
    ان شعر ۾ قطاري عدد ’پهريون ۽ ٻئي‘ ۾ ’ٻئي‘ جو قطاري لفظ ’گرداني صورت‘ (Inflected) ۾ ڪم آندل آهي. حقيقت ۾ان لفظ جو شمار ’قطاري عدد‘ ۾ اچي ته ٿو، ليڪن هتي ’ٻئي‘ جي مراد ’ڌارئي‘ (another) جي معنى ۾ ڪم آندل آهي.
    *شماري- قطاري عدد جو ترتيبوار انداز
    هڪ حسن تنهنجي اڳي، هينئڙي سندم سان ڪيو حشر،
    ٻيو سڄڻ سُرمان وري، صورت کي سينگاري وڌا.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 47)
    ان شعر ۾ ’هڪ‘ ۽ ’ٻيو‘ شماري-قطاري عددن جو مثال آهي.
    هڪ پَراهون پنڌ پرين، ٻيا توڙ سين تاڪُو تَڪين،
    دَر مٿي دربان ٽيون، دلبرَ، نه ڌارين ته به چڱو.
    (ڪيات احمد، ڀاڱو ٻيون- 424)
    ’هڪ‘، ’ٻيا‘ ۽ ’ٽيون‘، ترتيبوار شماري-قطاري عددن ۾ ڳڻيا ويندا.
    جڏهن محبوبَ، ڪَر موڙين، تڏهن ڇاتيءَ مٿان ڇوڙين،
    ڪڍان هڪ ڪانُ، ٻيو ٻوڙين، بدن بيڪار هڪ ڌَڪ سان.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 378)
    ان شعر ۾ ’هڪ‘ ۽ ’ٻيو‘ شماري-قطاري عدد ڄاڻايل آهي.
    *شماري عدد جو غير ترتيبوار انداز
    نبي نوح ۽ هود، صالح سچار، سڀن پَڪ ڪئي پاڪ رب جي پچار،
    هليون پَر سندن تي پُريون پنج چار، ڇڏي حق ويا پوءِ هاريا هَچار،
    نه سي ياد ڪن يار طوفان کي، اڃا ڦيريو ڪيئن فرقان کي.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 370)
    ان نظم جي بند ۾ ’چار- پنج‘ جي ترڪيب بنا ترتيب ’پنج چار‘ جي صورت ۾ ڏنل آهن، جنهن کي غير ترتيبوار (Descending order) شماري عددن جو هلائڻ چئبو.
    حڪم تنهنجي هيٺ آهن، حڪم وارا لَک هزار،
    سؤ سُليمان زير فرمان، سؤ سڪندر تنهنجي هٿ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 148)
    ان شعر ۾ ’لک- هزار‘، غير ترتيبوار بڻائي ’لک هزاري‘ صورت ۾ ڏنل آهي.
    سَڏ سُڪيءَ تي ڪيم سِڪ مان، سؤ منجهان سوئي نه هِڪُ،
    هاڻ ترهو تار مان، جي ترت تارين ته به چڱو.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 424)
    ان شعر ۾ ’سؤ- هڪ‘ غير ترتيبوار شماري عدد ڏنل آهي.
    جتي ٿي رهيا راڄ ڍوليا ۽ ڍٽ، اجل سڀ اُجاڙيا اُمالڪ اُڦٽ،
    بچيا سؤ تي ڏهه، چار تن ۾ به چَٽ، ڦِٽو نَڪ، ڦَٽي ران هڪ منٽ ۾.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 498)
    ان نظم جي بند ۾ ’سؤ- ڏهه- چار- هڪ‘ شماري عدد، غير ترتيبوار ڏنل آهن.

    *قطاري عدد جو غير ترتيبوار انداز
    تِير تائُو جن نه ٿئي، ٻيون سي هڻن واري حبيب،
    تن جو پهريون ڪانُ پورو، پيَم پاساڙيءَ وٽان.
    (ڪليات احم، ڀاڱو ٻيون- 365)
    ان شعر ۾ ’ٻيون- پهريون‘ قطاري عدد، غير ترتيبوار ڏنل آهن.

    *اُوڻ ۽ اُتر عددن جي استعمال جو انداز
    هِنيين جو حال، حاڪم حسن وارا، آءُ ته ڏيکاريانءِ،
    ٻه اڌَ دل درد ۾ دلبرَ، تو ڌارا، آءُ ته ڏيکاريانءِ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 510)
    ان شعر ۾ ’اڌ‘ جو تصور ڏنو ويو آهي.
    لِک منجهان ڪِن لَک کٽيا، ڪن لَک لُٽايا لِک مٿي،
    بي خبرَ، بيدار ٿي، بازار بستي ڏينهن ڏيڍ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 240)
    ان شعر ۾ ’ڏيڍ‘ جو استعمال ڪيل آهي.
    سُک نه ڪنهن سان تو سَوا، سامهان سَوا لَک جا سوار،
    تون سَوا لَک کان سَوايو، لَک سَوا آهي عبث.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 166)
    ان شعر ۾’سوا لَک‘ سان ’سوائي‘ ڏنل آهي.
    لِکَ به تو وَٽ لَکُ لَهي، لَک سال ٻي وٽ پَر نه لِک،
    پنج ڪوريون پائليون، يا پنج پاڻيون رات اڌ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 220)
    ان شعر ۾ ’سوائي‘ جو تصور ڏنو ويو آهي.
    سُڃا ويٺا ٿي سالن ٻن ۾، ساڍا چار سؤ سيٺيون،
    اهو احوال اخبارن، اندر اظهار ٿيو بيشڪ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 450)
    ’ٻن‘ (حرف جر سبب ’ن‘ جو استعمال) ۽ ’ساڍا چار سؤ‘ وارن لفظن ۾ ’ساڍ‘ جو استعمال ٿيل آهي.
    سؤ ٻه ماڻهو، مال مُئو، اٽڪل اڍائي کن ڪِروڙ،
    روز اڳتي انگ شاهي، يا الاهي، الغياث.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 513)
    ان شعر ۾ ’سؤ ٻه‘ ۽ ’اڍائي ڪروڙ‘ ۾ اندازو ۽ ساڍ شامل ڪئي وئي آهي.
    هر شهر ۾ هُل حَشر، ٻيڻو اندر ٻَهراڙيَن،
    ڇا نِهاريون مَنجهه نواحي، يا الاهي، الغياث.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 513)
    ان شعر ۾ ’ٻيڻو‘ وڌيڪ ٻه ڀيرا وڌيڪ اتر هجڻ جو تصور پيش ڪيو ويو آهي.
    ٿيَس هارجي هنڌ کَٽڻ جي کُٽل،
    سڄي ويم سَودي جي ٽِيڻي ٿي ٽوٽ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 158)
    مٿئين شعر ۾ ’ٽيڻو/ ٽِيڻي‘ يعني ٽي ڀيرا وڌيڪ اتر هجڻ جو تصور ڏنو ويو آهي.
    هڪ محب، ٻيو مَهه منور، ٻَئي مقابل ٿي بيٺا،
    چنڊ کان چؤڻو لڳو، تجلو سندس تخمين سان.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 380)
    مٿئين شعر ۾ ’چؤڻو‘ وڌيڪ چار ڀيرا اتر هجڻ جو تصور ڏنو ويو آهي.
    پَچي پيَڙا پَڳهه پَٽ ۾، نه بيهي ماڻڪي مَٽ ۾،
    ڍِڪو ڍِڪ ڍوليَن ڍَٽ ۾، ڏهوڻا ڏُڌ ڏُهايا ڪي!
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 569)
    ان شعر ۾ ’ڏهوڻا‘، يعني ڏهه ڀيرا وڌيڪ اُتر هجڻ جو تصور ڏنو ويو آهي.

    *حاصل مطلب/ نتيجو
    صنعت سياقة الاعداد جي دائري هيٺ مولوي صاحب جي شاعريءَ جو جائزو ورتو ويو، ان حالت ۾ جيڪو ’حاصل مطلب‘ سامهون آيو آهي، سو هيٺ نڪتن ۾ ظاهر ڪجي ٿو:
    *صنعت جو تعلق لفظن کي معنى جي نسبت ڪم آڻڻ آهي، جڏهن ته تجنيس مان مراد لفظن کي ڀيٽ جي حالت ۾ مختلف جنسن جا لفظ ڪم آڻڻ آهي.
    *’صنعت سياقة الاعداد‘ جي مراد انگن/ عددن کي ترتيب يا غير ترتيب، روان ڪرڻ واري ڪاريگري سان ڪم آڻڻ آهي، جيئن:
    هڪ بَلائون، ٻيو بُکون، ٽيون بار، چوٿون بَر وڏا،
    پيَم رڻ ۾ رات رهبرَ، يا رسول الله رَسيج.

    *تعداد جي ترتيبوار ڳڻپ جا ٻه اهم قسم آهن، هڪ: شماري، جيئن: هڪ، ٻه، ٽي...، ٻيو: قطاري، جيئن: پهريون، ٻيون، ٽيون... ۽ انهن جا غير ترتيبوار عدد.
    *قطاري عدد جا ٻه قسم نوٽ ڪيا ويا آهن،
    ’قطاري‘ عدد: پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون وغيره.
    ’قطاري- شماري‘ عدد: هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو وغيره.
    *مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ترتيبوار توڻي غير ترتيبوار شماري توڻي قطاري ٻنهي عددن جو استعمال ملي ٿو، جيئن:
    *شماري عدد ترتيبوار:
    حسن گهرجي هر هميشہ، حسن ڪهڙو هڪ ٻه ڏينهن،
    هڪ ٻه ڏينهن لاءِ ناهه، نينهن نوبت بَرصواب.
    *قطاري عدد ترتيبوار:
    هڪ حسن تنهنجي اڳي، هينئڙي سندم سان ڪيو حشر،
    ٻيو سڄڻ سُرمان وري، صورت کي سينگاري وڌا.
    *شماري عدد غير ترتيبوار:
    نبي نوح ۽ هود، صالح سچار، سڀن پَڪ ڪئي پاڪ رب جي پچار،
    هليون پَر سندن تي پُريون پنج چار، ڇڏي حق ويا پوءِ هاريا هَچار،
    نه سي ياد ڪن يار طوفان کي، اڃا ڦيريو ڪيئن فرقان کي.
    *قطاري عدد غير ترتيبوار:
    تِير تائُو جن نه ٿئي، ٻيون سي هڻن واري حبيب،
    تن جو پهريون ڪانُ پورو، پيَم پاساڙيءَ وٽان.
    *قافيي ۽ رديف ۾ عددن جو استعمال
    مِٺا محبوبَ، محبت کي، نه محبن سان مَٽي وڃجي،
    جشن جوڙي ڪجي جاني، نه جهٽ پَٽ جيءُ جهَٽي وڃجي.
    سڄڻَ، سَرچي ٺهي ساڻم، وچان سالُون مَ وِجهه ساريون،
    ڏمر ڏاڍو هجي ته به ڏور، ڏيهڙي ڏينهن ٻه ٽي وڃجي.

    ساري سلام چئيج تون سَنيهڙا ٻه ٽي،
    پانڌي، پَيام ڏيج تون ٻاٻيهڙا ٻه ٽي.
    *اُوڻ/ اُتر عدد:
    اڌ جو تصور
    هِنيين جو حال، حاڪم حسن وارا، آءُ ته ڏيکاريانءِ،
    ٻه اڌَ دل درد ۾ دلبرَ، تو ڌارا، آءُ ته ڏيکاريانءِ.
    ڏيڍ جو تصور:
    لِک منجهان ڪِن لَک کٽيا، ڪن لَک لُٽايا لِک مٿي،
    بي خبرَ، بيدار ٿي، بازار بستي ڏينهن ڏيڍ.
    سوائيءَ جو تصور:
    لِکَ به تو وَٽ لَکُ لَهي، لَک سال ٻي وٽ پَر نه لِک،
    پنج ڪوريون پائليون، يا پنج پاڻيون رات اڌ.
    ٻيڻ جو تصور:
    هر شهر ۾ هُل حَشر، ٻيڻو اندر ٻَهراڙيَن،
    ڇا نِهاريون مَنجهه نواحي، يا الاهي، الغياث.
    ٽيڻ جو تصور:
    ٿيَس هارجي هنڌ کَٽڻ جي کُٽل،
    سڄي ويم سَودي جي ٽِيڻي ٿي ٽوٽ.
    چؤڻ جو تصور:
    هڪ محب، ٻيو مَهه منور، ٻَئي مقابل ٿي بيٺا،
    چنڊ کان چؤڻو لڳو، تجلو سندس تخمين سان.
    ڏهوڻ جو تصور:
    پَچي پيَڙا پَڳهه پَٽ ۾، نه بيهي ماڻڪي مَٽ ۾،
    ڍِڪو ڍِڪ ڍوليَن ڍَٽ ۾، ڏهوڻا ڏُڌ ڏُهايا ڪي.
    *مولوي احمد وٽ ترتيبوار يا غير ترتيبوار شماري عدد جو استعمال ٻين قسمن جي نسبت جهجهو ملي ٿو.

    *حوالا/ ذريعا
    1.مرزا، قليچ بيگ. علم عَروض. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. سال: 2016، ص: 109.
    2.عباسي ظفر. سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. سال: 2007. ص: 425
    3.آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند. سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ. مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو. سنڌي ٻوليءَ جا مضمون ۽ مقالا. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. جلد 1، سال: 2007. ص: 82- 101.
    4.جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر. ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه دهلي. سال 1999. ص: 175
    5.جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر. عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 2017. ص: 195
    6.جتوئي، علي نواز، پروفيسر. علم لسان ۽ سنڌي زبان. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو. سال: 1996. ص: 151
    7.بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر. جامع سنڌي لغات. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. جلد 2. سال: 1981. ص: 1023
    8.بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2004) نئين جامع سنڌي لغات: جلد پهريون. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد. سال: 2004. ص: 2004.
    9.ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر. شڪارپور جي ٻولي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. سال: 1993. ص: 37)
    10.جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر. حوالو ساڳيو. ص: 196
    *مددي ڪتاب:
    *رستماڻي ضرار، پروفيسر. ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. سال: 2017
    *فيروزالدين (1979) فيروز اللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ.
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو