ماڪڙجوسنڌ تي حملو۽ ان تي ضابطو آڻڻ جون تدبيرون

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ نظير احمد آبڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2019۔

  1. نظير احمد آبڙو

    نظير احمد آبڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڪڙ جو تعارف
    ماڪڙ جو تعلق آڊرآرٿوپٽيرا۽ فيملي ايڪريڊيڊي سان آهي.ماڪڙ اڪثر ڪري چراگاھ ۽ بياباني علا ئقن ۾ وڏي ڪثرت ۾ ملي ٿي.جڏھن هن جي آبادي وڌي ويندي آهي ته هوھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌن ڏانھن هجرت ڪري ٿي۽ مڙني فصلن کي نقصان پھچائي ٿي جيئن ساريون، ڪمند، ووئڻ، ڪڻڪ، مڪئي، ميوا، ڀاڄيون ٻوٽا اچي وڃن ٿا.ماڪڙ کي قدرتي طرح اڏام ڪرڻ جي ِصلاحيت آهي جيڪا تمام وڏي اوچائيءَ تائين اڏام ڪري ٿي ۽ جڏهن لکن جي تعداد ۾ اڏام ڪري ٿي ته ڄڻ آسمان تي ڪڪر ڇائنيل ھجن ٿا. ماڪڙ جڏھن آسمان ۾ اڏام ڪري ٿي ته ان جي رفتار 33 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿئي ٿي ۽ جڏن زمين تي ھلي ٿي ته ان جي رفتار 333 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿئي ٿي.ماڪڙ جنھن به سر سبز علائقي ۾ لھندي آهي اتي موجود فصل ۽ ٻوٽا کائي ناس ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جڏھن ماڪڙ کي کاڌو موجود نه هوندو آهي ته ھو پنھجن ٻچن کي کائي اڳتي ھلندي ويندي آهي .ماڪڙ جي زند گيءَ جا ٽي مرحلا ٿين ٿا،آني کان ٻچي ۽ ٻچي کان بالغ ٿيڻ تائين.هن جي لائيف سائڪل 2 کان 6 مھينن تائين آهي جيڪا گرمي جي درجي تي دارومدار رکي ٿي.ماڪڙ وارياسي زمين اندر لڙھين يا ڇڳن جي صورت ۾ آنا لاھي ٿي .آنن لاھڻ جو مرحلو 7 کان 10 ڏينھن تائين ٿئي ٿو.آنا ڦٽڻ جو دارو مدار گرمي جي درجي تي آهي اگر گرميءَ جو درجو 15 سينٽي گريڊ کان گھٽ آھي ته آنا ڦٽي نه سگھندا اگر گرميءَ جو درجو19 سينٽي گريڊ آهي ته آنا 70 ڏينھن تائين ڦٽي سگهندا پر جيڪڏھن گرميءِ جو درجو 32 کان 35 سينٽي گريڊ آهي ته پوءِ 10 کان 12 ڏينهن م آنا ڦٽي وڃن ٿا.اخبارن ۽ سوشل ميڊيا مطابق تازوئي سنڌ ۾ ماڪڙ جو حملو ٿيو آهي جنهن ۾ ماڪڙ سانگھر کان روھڙي تائين پھچي وئي آهي ۽ فصلن کي تمام گھڻو نقصان پهچايو آهي. ماڪڙ کي سڀ کان پھريان تمام گھڻو ذرعي نقصان پهچائيندر جيت برطانيه ثابت ڪيو جڏھن 1920ع تي ماڪڙ جو ايران ۾ حملو ٿيو.ماڪڙجي ضابطي لاءِ 1945ع ۾ اينٽي لوڪسٽ ريسرچ سينٽر وجود ۾ آيو جنھن ماڪڙ جي ضابطي لاءِ ڪيميڪل پيسٽيسائِيـڊ ڊائلڊرن متعارف ڪرائي جيڪا ماڪڙ جي ضابطي لاءِ تمام ڪارگر ثابت ٿي پر تمام گھڻو وقت تائين اثررکڻ ڪري ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿي جنھن جي ڪري ڊائلڊرن جواستعمال بند ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي آرگينوفاسفيٽ، ڪارباميٽ ۽ آرگينو ڪلورين پيسٽيسائيڊ استعمال ڪيون ويون.آرگينو فاسفيٽ گروپ ۾ جيئن فينيٽراٿيان ۽ ميلاٿيان تمام وڏي پئماني تي استعال ڪيون ويون.
    ماڪڙجي ضابطي لاءِ ڪيميڪل جي استعال سان پيدا ٿيندڙ ماحولياتي مسئلا
    ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پيسٽيسائيڊ جو استعمال ٿئي ٿو جنھن ڪري ماحولياتي مسئلا پيدا ٿين ٿا، اڪثر ڪري دوا جو اثر ماڻھن، مال متاع،پکين ۽ پاڻيءَ ۾ رھندڙ جيوت جيئن مڇي وغيره تي ٿئي ٿو. ان کان علاوه ھاري دوست جيتن جو خاتمو ٿئي ٿو۽ جر جو پاڻي خراب ٿئي ٿو جنھن جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون.ڪيميڪل جي استعال سان90 سيڪڙو نان ٽارگيٽ جيت مري وڃن ٿا.ماڪڙ جي ضابطي لاءِ ريسرچ ڪئي پئي وڃي ته اھڙي دوائن جو انتخاب ڪجي جن جو ماحول ۽ ماڪڙ کي ماريندڙ جيتن تي تمام گھٺ اثر ٿئي.
    ماڪڙ تي حصاتياتي طريقي سان ضابطو آڻڻ
    ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڪثر ڪري اينٽوموپيٿوجن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.جڏھن ماڪڙ جو اينٽوموپيٿوجن وسيلي ضابطو آڻبو آهي ته ان کي ما ئيڪروبئل ڪنٽرول چئبو آهي۽ جڏھن اينٽوموپيٿوجن کي گھڻي مقدار ۾ پيدا ڪري جيتن تي ضابطي آڻڻ لاءاستعمال ڪجي ته ان کي بائيو پيستيسائيڊ يا مائيڪو پيسٽيسايڊچئبوآهي.ِ جيڪڏهن اسين اهڙا مائڪروب تمام گھڻي مقدار ۾ وڌائي سگھون ته ماڪڙ ۽ تڏن جي آباديءَ ۾ ڪمي آڻي سگھون ٿا ۽ پنھنجي فصلن ۽ ماحول کي بچائي سگھون ٿا.جيڪي مائڪروبس ماڪڙ ۽ تڏن تي ڪنٽرول ڪن ٿا اھي ڪجھ ھي آھن،بيڪٽيريا،نيماٽوڊ،وائرسز، مائڪرو اسپوريڊا۽ فنجي.ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريان جيڪو مائڪروب پيدا ڪيو ويو اھو نوسيما لوڪسٽا آهي پر ماڪڙ تي ترت ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فنجي پيدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا جيت جي کل سان چنبڙي انفيڪشن پيدا ڪري ٿي ان ڪري کيس ڪانٽيڪٽ انسيڪٽيسائيڊ سڏيو وڃي ٿو.

    ماڪڙ جي ڪنٽرول لاءِ فنجي جو استعمال

    ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اڪثر ڪري ڊيوٽيرومائسيٽس جو استعمال ڪجي ٿوڇاڪاڻ ته ان کي با آسانيءَ سان گھٽ قيمت ۽ جھجھي مقدار۾ پيدا ڪري سگھجي ٿو.1989ع کان پھريان هائفومائيسيٽس اسٽرين جوتعداد فقط 30هوجيڪو آرڊر آرٿوپٽيرا يعني ماڪڙ ۽ تڏن مان حاصل ڪيو ويو آھي،هاڻ ان جو تعداد 300 تائين پھچي ويو آهي.
    ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پيٿوجن (اھڙو بيڪٽيريا، وائرس يا فنجي جيڪو نقصانقار جيتن کي ماري)جي چونڊ ڪرڻ
    بائيو پيسٽيسائيڊ تيار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھرريان پيٿوجن جي چونڊ ڪرڻ تمام اھم آهي ان ڪري هي ڳالهيون ذهن نشين ڪرڻ گهرجن.سڀ کان پهريان ھي ڏسڻ گهرجي ته جنهن پيٿوجن جي چونڊ ڪئي پئي وڃي ماحول ۾ ڪيتري مقدار ۾ موجود آھي، ان اسٽرين کي چڪاس ڪيو وڃي ته ان جي جيتن کي مارڻ جي صلاحيت ڪيتري آھي،ان جي نسل وڌائڻ جي سگھه ڪيتري آهي، ان جو مال متاع يا ٻين فائديمند جيتن۽ ماحول تي ڪيترو اثر آهي.
    اينٽوموپيٿوجن کي هاصل ڪرڻ جا طريقا
    اينٽوموپيٿوجن زمين مان حاصل ڪري سگهجي ٿو يا اھڙا جيت جيڪي زمين ۾ اينٽوموپيٿوجن جا شڪار ٿيل هجن انھن کي گڏ ڪري ليبارٽري ۾ وڌائي سگهجي ٿو. پيٿوجن جون اڪثر جنسون ڪيجنگ ٽيڪنڪ(جيتن کي ڪنهن باڪس ۾ ان جي مرڻ تائين گڏ ڪري رکڻ جيستائين انھن جي جسم مان پيٿوجن ٻاھر نڪري اچي) ذريعي حاصل ڪجي ٿوهي ٽيڪنڪ تمام ڪارائتي آهي هن ٽيڪنڪ ۾ جيتن کي مارڻ واريون جنسون اسانيءَ سان حاصل ڪيون وڃن ٿيون.ماڪڙ جي ڪنٽرول لاءِ جيڪي اينٽوموپيٿوجن تيار ڪيا ويا آهن انھن ۾ ميٽارائزم انوسيپيليا، بيويريا بسئانا ۽ سوروسپيلا موجود آھن.
    ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ميٽارائزم انوسيپيليا جو استعمال
    ميٽارائزم انوسيپيليا آءِ ايم آءِ 330189 ماڪڙ ۽ تڏن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو تمام بھترين اسٽرين آهي،هي اسٽرين ماڪڙ جي ڪيوٽيڪل يا کل سان چنبڙي خاص قسم جا اينزائيم(ڪائٽينيز) خارج ڪري ٿو جيڪي ماڪڙ جي سخت کل کي ڳارڻ ۾ مدد ڪن ٿا پوءِ اسپور يا ڪونيڊيا ماڪڙ جي ھيمولمف يا رت ۾ شامل ٿي ڪري پنهنجو تعداد وڌائن ٿا ۽ ماڪڙ جي جسم ۾ موجود غذائي جزن کي ڪنزيوم ڪن ٿا يا کائي ڇڏن ٿا ۽ قوت مدافعت جي سرشتي کي ختم ڪري ڇڏين ٿا ان سبب ڪري ماڪڙ جو موت ٿئي ٿو. ميٽارائزم انوسيپيليا ڦوھاري ڪرڻ کان پوءِ چوويھه ڪلاڪن اندر اثر ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ماڪڙ جو 8 کان 10 ڏينھن ۾ 80 کان 90 سيڪڙو خاتمو ڪري ٿو.
    ھن اسٽرين جو ماڻهن، مال متاع يا ماحول تي ڪوبه اثر نه آهي ۽ هي اسٽرين يو ايس انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ۽ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن کان تصديق شده آھي. ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪڙڻ لاءِ چائنا جي مشھور اداري چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسزجو پروفيسر چانگ زئا جو گروپ ماڪڙ جي روڪ ٿام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان گروپ ۾ آءَ به شامل آهيان منھنجي ريسرچ به ميٽارائزم انوسيپيليا تي آهي. مون ماڪڙ جي ضابطي آڻڻ لاءِ ميٽارائزمانوسيپيليا جو استعمال ڪيو آهي ۽ مون کي تمام سٺا نتيجا مليا آهن. منهنجي ريسرچ مان اھو ثابت ٿيو آهي ته اهي اينزائيم جيئن فينول آڪسيڊيز، پر آڪسيڊيز سپر آڪسيديز۽ جينزجھڙوڪ ايم واءِ ڊي88،ڪيڪٽس،پيل ۽ ڪين جيڪي ماڪڙ جي قوت مدافعت کي وڌائين ٿا ميٽارائزم انوسيپيليا جي استعمال سان انھن جي سگھه گھٽجي وڃي ٿي ۽ ماڪڙ جي قوت مدافعت ختم ٿئي ٿي.منهنجي اھا ٿيل تحقيق جرمنيءَ جي مشهور سائنسي مقالي انوائرمينٽل سائنس اينڊ پا ليوشن ريسرچ ۾ انگريزي ربان ۾ شايع ٿي آهي، ريسرچر ۽ آبادگار انهيءَ مان لوڀ حا صل ڪري سگهن ٿا.منهنجي ان شايع ٿيل مقالي کي گوگل اسڪالر، ريسرچ گيٽ يا سائنس حب جي ويبسائيٽ تان ھيٺ ڏنل عنوان تحت ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو
    Influence of Metarhizium anisopliae (IMI330189) and Mad1 protein on enzymatic activities and Toll-related genes of migratory locust
    ھن مقا لي ۾ ميٽارائزم انوسيپيليا بابت تفصيلي ڄاڻ فراھم ڪئي وئي آهي ته ان کي ليبارٽري ۾ ڪيئن پيدا ڪجي ۽ استعمال ڪجي.
    ان کان علاوه ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ زمين ۾ اونھا ھر ھلائي آنن کي سج جي گرميءَ تي ختم ڪري سگھجي ٿو. تازه صورتحال مطابق ماڪڙ جو حملو شھيد بينظير آباد۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿيو آھي. اگر حڪومت ترت ايرئل اسپري ڪري ماڪڙ تي ضابطو نه آندو ته ماڪڙ ڪيترن ئي مهينن تائين فصلن کي نقصان پهچائيندي رھندي جيڪو ناقابل برداشت هوندو.
     
    Mohmad Sharif Jamali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو