غزل

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
عشق اوھان ۾ ، اوتي ويندس
مان ڀي ڏسجانءِ ، توتي ويندس

تنھنجي پيار جي ، گنگا! پائي
غم لاھي ھڪ ، غوطي ويندس

تصويرون جوڙي تصور جون
ساھ وجھي ، ھر بوتي ويندس

تنھنجو فيض فصل ڀي لٔڻندس
پنھنجو پيار بہ پوکي ويندس

جڳ پٔڇندو جو، جان اوھان لئہ
ساٿ کڻي سو ، توکي ويندس
جان زريناڻي
 
Back
Top