مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,769
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    محقق ليکڪ:
    ... ..
    ٽماهي مهراڻ نمبر 2، 2019 ۾ منهنجو مضمون ’مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مڪرر جو جائزو جي عنوان سان شايع ٿيو آهي، جيڪو دوستن سان شيئر ڪجي ٿو...
    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو

    اڀياس جو پس منظر
    سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ لاڙ جي لال، مولوي احمد ملاح جي شخصيت وڏي قد ڪاٺ واري آهي. سندس شاعريءَ جا ڪافي رخ سامهون اچن ٿا، ليڪن صنايع بدايع جي لحاظ کان ٻين شاعرن کان مختلف آهي. هڪ ئي وقت لفظن سان راند رچائڻ ۽ ان ۾ هڪ وڏو مفهوم سمائڻ ته مولوي صاحب کان ڪو پرائي. مون سندس شاعريءَ جي هڪ رخ صنايع بدايع جي جزن جاچڻ جي ڪوشش ورتي آهي.
    مولوي صاحب جي ديوان/ ڪليات مان هتي صرف ’تجنيس مڪرر‘ جي دائري هيٺ جاچڻ مقصود آهي. ياد رهي ته صنايع بدايع، شاعريءَ ۾ ڪاريگريءَ سان تجنيسن ۽ صنعتن سمائڻ جو علم آهي. تجنيس جو تعلق لفظن سان آهي، جڏهن ته صنعت جو لاڳاپو شعر جي معنى سان رهندو آهي. تجنيس ۾ ايترا لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جن جي ڀيٽ ممڪن هجي، يعني هڪ لفظ مان تجنيس جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي؛ جڏهن ته صنعت هيٺ هڪ لفظ مان به معنى جو اندازو ممڪن آهي.
    ’مڪرّر‘ لفظ جي مراد ته دهراءُ آهي. ليڪن ’تجنيس مڪرّر‘ مان مراد اهڙا ٻه لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ گڏ ڪم آندا ويا هجن، جن مان آخري لفظ، ماقبل آخريءَ مان ڪٽي جوڙيو ويو هجي، جيئن: سُڪار- ڪار. ’تجنيس مڪرّر‘ گهڻي قدر قافين ۾ ڪم آندي ويندي آهي. هن پيپر کي مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ تائين محدود رکجي ٿو.
    مولوي صاحب جي لفظن سان راند اهڙي هوندي هئي جو هڪ ئي شعر مختلف تجنيسن سان ٽمٽار رهيو آهي، مثال طور:
    ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
    ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)
    مولوي صاحب جي غزليات ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌي لفظن جي آخري زير، زبر ۽ پيش کي نظر انداز ڪري ٿو، ان جو اهم سبب ته اها ’لاڙي لهجي‘ (Dialect) جي خاصيت آهي، ٻيو ته علم عَروض جي بحر وزن جو ڄار به آخري وينجن (Consonant) جي ڇوٽي سُر (Short Vowel)کي حذف ڪرڻ کي روا ڪندو آهي. ان ڪارڻ مولوي صاحب جي لفظي استعمال کي ان دائري ۾ ئي ڏسڻو پوندو. ان حوالي سان مٿئين شعر جي هيٺين سٽر ۾ هڪ ئي وقت تجنيس مڪرر، تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جو چس پيو ملندو.
    اڀياس جا سوال
    *ڇا تجنيس مڪرّر ۾ ساڳيا لفظ دهرائبا آهن يا لفظ جو جز؟
    *ڇا تجنيس مڪرّر ۾ دهرايل لفظ جو جز معنادار هوندو آهي؟
    *تجنيس مڪرّر ۾ آخري دهرايل لفظ، ماقبل جي ڪهڙي حصي جو معنادار جز ٿي سگهي ٿو؟
    *ڇا تجنيس مڪرّر جو مخصوص هنڌ ’قافيو‘ ئي ٿي سگهي ٿو؟
    اڀياس جو عمل
    لفظ ’مڪرّر‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى آهي ’دهرايل‘. هتي جڏهن لفظ ’تجنيس‘ ڪم آڻيون ٿا، ته ان مان مراد اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مختلف لفظ آهن، جيڪي هڪٻئي سان دهرائڻ واري عمل نسبت سلهاڙيل هجن. هتي ’تجنيس مڪرّر‘ جي دائري جاچڻ لاءِ لغت ۽ عالمن جي راين جي اتفاق ۽ اختلاف کي سامهون رکجي ٿو.
    تجنيس مڪرّر جو دائرو
    ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ان جي تشريح هيٺين ريت ڏنل آهي:
    ”تجنيس مڪرّر: ث. شعر ۾ ساڳئي لفظ جي ٻه دفعا اچڻ واري صنعت ’گرچ گل لاءِ پريشان هزار هزار، مون لاءِ مگر هڪ تون نگار نگار‘.“ (بلوچ، 1981: 591)
    جامع سنڌي لغات ۾ ساڳئي لفظ جي دهراءَ لاءِ ’تجنيس مڪّرر‘ جو اصطلاح ڪم آندل آهي. حالانڪ ’تجنيس‘ مان مراد ئي مختلف لفظ هوندا آهن، ان سبب جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل مثال ’قافيي جو تڪرار‘ چئبو، تجنيس مڪرّر جو مثال نه سڏبو! تجنيس مڪرّر جو دائرو اڳئين لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي، باقي حصي کي هم قافيا ڪري رکڻ آهي.
    تجنيس مڪرّر جي دائري بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻايو آهي ته: ”هن کي ’مردد‘ ۽ ’مزدوج‘ به چوندا آهن. هن بيت جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه همجنس لفظ گڏ ايندا آهن، جن مان پهرئين لفظ جي منڍ ۾، ٻئي پوئين کان هڪڙو يا ٻه حرف زياده هوندا آهن، يا پهرئين لفظ جو پويون ڀاڱو وري ايندو آهي ۽ معنى پنهنجي خلاصي هوندي اٿس.
    رباعي
    تنهنجي ٿي لڳي دوست ’پياري ياري‘،
    جند جان جي ڳڻتي مون ’وساري ساري‘،
    جي ڏينهن ٻه- ٽي مري ڏنم توکي ساهه،
    گويا هيءَ حياتي مون ’اُڌاري ڌاري‘.....“
    (قليچ، 2016: 98)
    ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي تشريح ۽ مثال لاهي رکيا آهن. (ظفر، 2007: 414)
    تجنيس مڪرّر بابت مرزا قليچ بيگ جي وضاحت ان حوالي سان مناسب آهي ته ’پهرئين لفظ جو پويون ڀاڱو وري ايندو آهي ۽ معنى پنهنجي خلاصي هوندي اٿس.‘ يعني اهي ٻه الڳ لفظ ٿي بيهندا، جن جي معنى الڳ هوندي. ان حوالي سان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل مثال مناسب ناهي.
    نتيجةً، تجنيس مڪرّر جو اهو دائرو بيهي ٿو ته ’ٻه اهڙا معنادار لفظ، هم قافيا بيهاريا وڃن، جن مان پهريون، پوئين کان پد/ پدن (Syllable/ Syllables) يا حرفن/ اکرن ۾ وڌيڪ هجي. اهي لفظ گهڻي قدر قافيي جي جڳهه تي ڪم آندا ويندا آهن، ٻي صورت ۾ شعر يا بيان جي ڪنهن به هنڌ استعمال ٿي سگهن ٿا. ان تجنيس کي ’ذوقافيتَين‘ جو نمونو به سڏي سگهجي ٿو.
    لغتن جي مدد سان ’تجنيس مڪرر‘ جو اشتقاق هيٺين ريت سامهون اچي ٿو:
    *تجنيس مڪرّر: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مڪرَّر- مُفعَّل- اسم مفعول (ڪَرَّ = هو وري وري آيو) وري وري اچڻ- ڏينهن ۽ رات جو واپس ٿيڻ- ڌاڳي جو ويڙهجڻ] علم بيان موجب ڪنهن شعر جي ٻٽن قافين يا هم قافيه لفظن مان آخري ۽ ماقبل آخري (Second last) قافين ۾ لفظن جو اهڙو دهراءَ ٿيڻ جو اڳئين قافيي ۾ پد/ پدَ (Syllable) يا اکر/ اکرَ وڌيڪ ڪم آندل هجن، جيئن:
    سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
    حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
    ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
    ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)
    ’تجنيس مڪرر‘ جا مثال شعر يا بيان جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهن ٿا، ليڪن خاص طور ’ذوقافيتَين‘ جو نمونو به آهي. ڄاڻايل مثال مان ’نروار‘ مان ’نر‘ ڪڍجي ته وار، يا وري ’وار‘ جي اڳيان ’نر‘ ملائجي ته ’نروار‘ ٿئي ٿو، ائين ٻيا مثال. مطلب ته تجنيس مڪرر ۾ اڳئين لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي، آخري حصي کي الڳ سان معنادار لفظ هم قافيا ڪري بيهاريو ويندو آهي. اهو ته ٿيو ’تجنيس مڪرر‘ جو عام انداز، ليڪن مولوي صاحب وٽ مڪرر جا ٻيا انداز به آهن.
    *’تجنيس مڪرّر‘ ۽ ’صنعت ذوقافيتَين‘ جو فرق
    تجنيس مڪرّر، بيشڪ ذوقافيتَين جو نمونو آهي، ليڪن انهن اصطلاحن ۾ ٿورو فرق آهي. ذوقافيتَين ۾ ڪي به ٻه گڏ قافيا ڪم آڻي سگهجن ٿا، جڏهن ته ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ اهڙا ٻه قافيا گڏ ڪم آڻڻ، جن مان آخري، پهرئين جو حصو هجي. اهڙو فرق هيٺين شعرن مان نوٽ ڪري سگهجي ٿو:
    *تجنيس مڪرّر جو نمونو:
    سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
    حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)
    تجنيس مڪرّر ۾ ’نروار- وار‘ ۽ ’هوشيار- يار‘ بيشڪ ذوقافيتَين جو نمونو آهي، ليڪن ’نروار- وار‘ ۾ آخري قافيو ’وار‘، اڳئين قافيي ’نروار‘ جو حصو آهي.
    *صنعت ذوقافيتَين جو نمونو:
    اَٿم ڏينهن رات تنهنجي تات، تَن مَن تار تُون تُون تُون،
    هِنيون حيران هِيرن لئي، هنجَن هُونگار هُون هُون هُون.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 416)
    صنت جو لاڳاپو لفظن کان وڌيڪ ان جي معنى سان هوندو آهي. مٿئين شعر ۾ ’تار- تون تون تون‘ ۽ ’هونگار- هون هون هون‘ ذوقافيتَين آهن، ليڪن خاص ڳالهه اها آهي ته ’تون تون تون‘ قافيو ’تار‘ جو حصو ناهي، نه وري ’هون هون هون‘ تڪرار جي صورت ۾ ’هونگار‘ جو حصو آهن. البت، اهو اتفاق آهي ته هڪ ’هون‘، ’هونگار‘ جو حصو آهي، پر صرف اتفاق آهي، لازمي ناهي.
    *تجنيس مڪرّر جو هنڌ
    عام طور هن جو انداز قافيي وارو بيهي ٿو، جنهن سبب اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته هي صرف قافيي واري هنڌ ئي ٿي سگهي ٿو، ليڪن اهو ضروري ناهي ته ’تجنيس مڪرّر‘ جو هنڌ صرف قافيي وارو هجي. هيءَ تجنيس شعر يا بيان جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي، جيئن:
    طالب المولى مُذڪر، گڏ ضرورت ۾ ضرور،
    سِر ڪلهن ڪوڏار، وڄڙيون وار، واري ٻي وَلهار.
    ڄاڻايل شعر جي پهرين سٽر ۾ لفظ ’ضرورت‘ جو آخري اکر ڪٽي، ’ضرور‘ رکيو ويو آهي، جيڪو قافيي جو هنڌ ناهي.
    سِج سدا سهڻو گهڻو، منهنجو سڄڻ سج کان به صاف،
    ڇا تجلي، ڇا تجمُل، ڇا ته جَمُل واهه جو.
    ڄاڻايل شعر ۾ صرف ’جمل‘ قافيو آهي ۽ ’تجمل‘ قافيي جو حصو ناهي. جيڪو ساڳي سٽر مان ’تجمُل‘ جو آڳو ڪٽي، ’جمل‘ بيهاريو ويو آهي.

    *مولوي احمد وٽ تجنيس مڪرّر جو دائرو
    ’مڪرّر‘ لفظ جي مراد بيشڪ ’دهراءَ‘ واري آهي ۽ ساڳئي دهرايل لفظ کي چئي سگهجي ٿو، ليڪن جڏهن تجنيس لفظ جو جوڙ ڳنڍجي ٿو ته ان مان مراد ئي آهي، مختلف جنس جو لفظ! ان لحاظ کان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل تشريح نا مناسب آهي. تجنيس مڪرّر مان مراد ئي اهڙا مختلف لفظ، جن مان اڳئين لفظ جو ڪجهه حصو ڪٽي، ان مان ئي ٻيو لفظ بيهاري مڪرّر ’ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ. يعني اهو لازمي آهي ته اهڙا هم قافيا لفظ جن مان پويون، اڳئين جو حصو هجي.
    مولوي احمد سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو نرالو شاعر آهي، جنهن وٽ صنايع بدايع نسبت تجنيسن ۽ صنعتن جا اضافي دائرا پڻ ملن ٿا. جيئن ته ’تجنيس مڪرّر‘ جو بنيادي اصول ’اهڙا ٻه هم قافيا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن مان اڳيون لفظ پوئين لفظ کان پد يا پد ۾ وڌيڪ هجي يا پويون لفظ، اڳئين لفظ جي ڪاٽ سان بيهاريل هجي‘ ته ان حوالي سان مولوي صاحب وٽ ڄاڻايل تجنيس جا ٽي انداز نوٽ ڪيا ويا آهن:
    1.لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيهارڻ
    ان دائري اندر پهرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
    سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
    حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)
    ڄاڻايل شعر ۾ ’نروار- وار‘ ۽ ’هوشيار- يار‘ ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل مثال ۾ لفظ ’نروار‘ جو اڳيون حصو ’نر‘ ڪٽي، ان مان ’وار‘ لفظ بيهاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني ’هوشيار‘ مان ’هوش‘ ڪٽي ’يار‘ بيهاريو ويو آهي. اهڙي ڪاريگري سان ٻه لفظ بيهارڻ، جن مان پويون، اکرن جي نسبت، اڳئين جو لازمي جز هجي ته ان کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو ڪوٺيو وڃي.
    2.لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيهارڻ
    ان دائري هيٺ، پهرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
    ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،
    کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 154)
    ڄاڻايل شعر ۾ ’چيٽ- چٽ‘ ۽ ’کيٽ- کٽ‘ ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل ’مڪرّر‘ جي مثالن ۾ لفظ ’چيٽ‘ جو وچيون حصو ’ي‘ ڪٽي، ان مان ’چٽ‘ لفظ بيهاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني ’کيٽ‘ مان وچ ڪٽي ’کٽ‘ بيهاريون ويو آهي، ان انداز جي ڪاريگريءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو چئجي.
    3.لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيهارڻ
    ان دائري هيٺ، پهرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
    نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،
    ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 155)
    ڄاڻايل شعر ۾ ’مٽن- مٽ‘ ۽ ’ڀٽن- ڀٽ‘ ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل ’مڪرّر‘ جي مثالن ۾ لفظ ’مٽن‘ جو پويون حصو ’ن‘ ڪٽي، ان مان ’مٽ‘ لفظ بيهاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني ’ڀٽن‘ مان پويون حصو ڪٽي ’ڀٽ‘ بيهاريون ويو آهي، ان انداز جي ڪاريگريءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو چئجي.
    تجنيس مڪرّر جا اهي ٽئي انداز اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن به شاعر وٽ ڪونه ٿا ملن. اهي قافين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن، جنهن سبب انهن کي ’ذوقافيتَين‘ به چئي سگهجي ٿو.
    *تجنيس مڪرّر نسبت، مولوي احمد جا مڪمل غزل
    ’تجنيس مڪرر‘ جي حوالي سان مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ هيٺيان ٽي انداز نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي مڪمل غزل جي صورت ۾ خيال خاطر پيش ڪجن ٿا:
    ٻن قافين مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيهارڻ:
    سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
    حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
    ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
    ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
    ڪر خدا ترسي خدا لڳ، خون ناهي خان، خوب،
    ڀال ڪر، ڀالو کڻي، بي ڏوهه مَ ڪنهن بيمار مار.
    سال سالم وچ نه پيو، ڪيئن صلح جي وسريَئي صلاح،
    مَس لنگهيا آهن انهيءَ آچار کي آچار چار.
    دلربا دلبر، تو ڌاران، ٿيم سِر ڌڙ ڌار ڌار،
    گهائي غمزي سان مَ رک، غم ۾ وري غمخوار، خوار.
    هيج ما هي جي هَنجون، تو هار هاريان ٿو هميش،
    منهن پيم مهراڻ، تنهن مان مهر سان مختار، تار.
    غرض گهڻين ڳالهين سان، ڇا سندم ڪامل قريب،
    عرض آهم، ٿي مَ ’احمد‘ کان سدا آڌار ڌار.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)
    ڄاڻايل غزل ۾ ’تجنيس مڪرر‘ جو هنڌ، قافيو آهي. لفظ ’قافيو‘ ’قفّ‘ مان ورتل آهي جنهن جي معنى ’پٺيان هلڻ‘ آهي. هن جي هڪ ئي شعر ۾ ڏٺو وڃي ته ٻٽو قافيو ڪم آهي، ليڪن هن تجنيس جي نسبت ان کي ٻٽي قافيي (قافيتَين) وارو غزل به نه چئبو. ٻئي پاسي جيڪڏهن غزل ۾ ساڳيا لفظ اڳتي پوئتي ڪبا ته وري هڪ الڳ تجنيس جو مثال بڻجي ويندو، جنهن کي ’تجنيس زائد‘ ڪوٺيو ويندو آهي.
    مٿيون صرف هڪ غزل سامهون رکيو ويو، جنهن جي قافين جا لفظ دهرايل آهن، يعني پهرئين لفظ مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيهاريو ويو آهي، جيئن: ’نروار- وار‘، ’هوشيار- يار‘، ’انڪار- ڪار‘، ’بيمار- مار‘، ’آچار- چار‘، ’غمخوار- خوار‘، ’مختار- تار‘ ۽ ’آڌار- ڌار‘.
    پِياري پرينءَ ساڻ پرڀات بات،
    ته سڪ کان لڳيم سخت سڪرات رات.
    قرارن ڪڏهن پار بُت بي قرار،
    وَهي مَن اندر ري ملاقات ڪات.
    هِنيون منجهه حويلي، حوالات ۾،
    حوالات ۾ پيش حالات لات.
    ڀنڀرڪي ۾ڇڏيم ڀَنڀو هيءُ ڀنڀور،
    هليا هو وڃن هوت هيهات هات.
    لڳي ريت، بي ريت پِر سان پريت،
    ڀلين ڏي نه مون تي بيانات نات.
    ڏسان وار مشڪي ته مشڪل چڙهڻ،
    پسان منهن ته مڙئي مُهمات مات.
    هڻين گهُنڊ گهوڙا، ته وِهه کير کنڊ،
    تون مرڪين ته مون لاءِ ميوات وات.
    ڏِسيو اَهُڙا آهه نڪريو وڃيم،
    اچن اڳڀرو جي ته آفات فات.
    ڀلو تون، ڀلا ڪر ڀُليءَ سان ڀَلي،
    نه ڏس ڪم ڪمينيءَ جي ڪمذات ذات.
    سڄڻ سج ته ’احمد‘ اڳيان انڊلٺ،
    نه اک مان بيهي بوند برسات سات.
    مٿئين غزل جي قافين جا لفظ دهرايل آهن، يعني پهرئين لفظ مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيهاريو ويو آهي، جيئن: ’پرڀات- بات‘ (لاڙي لهجي موجب ’پربات‘ اچاربو، ليڪن معياري لهجي موجب ’پرڀات‘ لکبو)، ’سڪرات- رات‘، ’ملاقات- ڪات‘ (هن ۾ ’قات بدران ڪات‘ ورتل آهي، جيڪو تجنيس لفظ جو نمونو آهي)، ’حالات- لات‘، ’هيهات- هات‘، ’بيانات- نات‘، ’مهمات- مات‘، ’ميوات- وات‘، ’آفات- فات‘، ’ڪمذات- ذات‘ ۽ ’برسات- سات‘.
    ٻن قافين مان وچ ڪٽي، ٻيو لفظ بيهارڻ:
    ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،
    کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.
    چال پنهنجي رَک چڱي، چَلنديون نه چالاڪيون ٻيون،
    نيٺ ڪهڙن ناٽوَن کي، ٿا ڇڏائن نيٽ نَٽ.
    خوب صورت خَلق ۾ تون، خوب سيرت خُلق رَک،
    تون لَکن جو لعل آهين، پوءِ نه لِڏ ۾ ليٽ لَٽ.
    اڄ عطر لائين لڱن کي، مُشڪ لوئين ميٽ ماڳ،
    پَر مَرڻ کان پوءِ مٿي ۾، مُشڪ مِٽيون ميٽ مَٽ.
    ري مُروَت ۽ صفا، مَروو صفا ڊوڙي ته ڇا،
    پاڪ پاڪيءَ ري نه ڪنهن، پاڪيٽ جا پاڪيٽ ڪَٽ.
    اُڀ زمين تو وَٽ امانت، ڇڏ خيانت جا خيال،
    پاٽ پَٽ تي سَٽ نه پُٽَ، پاڻهين نه پنهنجو پيٽ پَٽ.
    ڪالهه چيو قالُوا بَلى مون، تا قيامت قول هڪ،
    ڦِٽ مَ دل، نه ته ڦُٽ اسان کان، جي اٿئي ٻيو ڦيٽ ڦَٽ.
    عيب ’احمد‘ ۾ اجايا، پر اَحد ۾ آسرو،
    بادشاهي بارگاهه، ڀيٽڻ گهُرين ٿو، ڀيٽ ڀَٽ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 154)
    مٿئين غزل ۾ ’چيٽ مان چٽ‘، ’کيٽ مان کٽ‘، ’نيٽ مان نٽ‘، ’ليٽ مان لٽ‘، ’ميٽ مان مٽ‘، ’پاڪيٽ مان ڪٽ‘، ’پيٽ مان پٽ‘، ’ڦيٽ مان ڦٽ‘ ۽ ’ڀيٽ مان ڀٽ‘ ۾ پهرين قافيي مان ’حرف علت (ي)/ ڊگهو سُر (اي)‘ وچئون ڪڍي، ٻيو قافيو بيهاريل آهي، ان سبب ان چال کي ’تجنيس مڪرر‘ ۾ ڄاڻبو.
    ٻن قافين مان پڇاڙي ڪٽي، ٻيو لفظ بيهارڻ:
    نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،
    ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ.
    پَکن مان ڪنهن پَکي پيغام آندو،
    ته مارئي، ڪينَ ماڙين تي مٽن مٽ.
    ڪياڙي ڪير ڏي ڪاغذ سندن کي،
    نظر منجهه هن نوشتي جي سِٽن سَٽ.
    کَرو منجهه کيٽ، ڳالهيون ڳاهه جون ڪَن،
    سُئم سرتين جو سڏ ويهي سِٽن سَٽ.
    نه سُمهنديَس سيج تي، مَر سج نه اڀري،
    اٿم کُٽڪو ته کنئِي ڇا لي کِٽن کَٽ.
    مٿي مِصري، وطن ويندم نه وسري،
    ڳڻيان ٿي ڳاٽ لئي ڳُڙ جي ڳِٽن ڳَٽ.
    عمر جو ڪوٽ آهُن سان اڏايان،
    چُهاڪن سان ڪريان چاڙيَن چِٽن چَٽ.
    پڙهان پيغام پاڙيچيَن، جيئن تون،
    چِٺي ڄاڻين چِٽي حرفن چِٽن چَٽ.
    عمر جو ڪوٽ ’احمد‘ اڄ نه آباد،
    ڪيو ماڙين کي مارئي جي پِٽن پَٽ.
    (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 155)
    مٿين ٻٽن قافين ’مِٽن مَٽ‘، ’ڀِٽن ڀٽ‘، ’سِٽن سَٽ‘، ’کِٽن کَٽ‘، ’ڳِٽن ڳَٽ‘، ’چِٽن چَٽ‘ ۽ ’پِٽن پَٽ‘ مان پهرين قافيي جي پڇاڙي ’ن‘ ڪٽي باقي ساڳيو لفظ قافيي طور ڪم آندو ويو آهي. اهڙي قسم جي قافين جي سٽاءَ کي ’تجنيس مڪرر‘ ۾ تصور ڪيو ويندو آهي.
    هن پيپر جو مقصد صنايع بدايع جي پيراميٽرن تحت ڪنهن به شاعر جي شاعري کي جاچڻ آهي. مون هتي مولوي صاحب جي عميق سمنڊ مان صرف هڪ رخ ’تجنيس مڪرّر‘ جي دائري هيٺ ڏسڻ جي ڪوشش ورتي آهي. مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جو شوق رکندڙ دوستن کي گذارش ڪجي ٿي ته سندس ڪلام مان اهڙن پيراميٽرن تحت کوج ڪئي وڃي ته جيئن علمي توڻي ادبي ميدان ۾ اضافي سرهاڻ پکڙجي.
    حاصل مطلب/ نتيجو
    صنايع بدايع جي هيٺ تجنيس مڪرّر جي دائري جي اڀياس بعد مولوي احمد جي غزليات جو جائزو ورتو ويو. جائزي دوران جيڪي نڪتا نتيجي جي صورت ۾ سامهون آيا آهن، تن کي هيٺين ريت رکجي ٿو:
    *فني لحاظ کان مولوي احمد ملاح جي شاعري مٿاهين پد جي رهي آهي، ايتري قدر جو سندس هڪ شعر ۾ ئي چند تجنيسون ۽ صنعتون نوٽ ڪري سگهجن ٿيون، جيئن سندس هيٺئين شعر ۾ هڪ ئي وقت ’تجنيس مرڪب، تجنيس تام، تجنيس مڪرّر ۽ صنعت ذوقافيتَين جون حرفتون سمايل آهن:
    ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
    ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.

    *تجنيس مڪرّر جو جيڪو دائرو ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل آهي، سو نامناسب آهي. البت، مرزا قليچ بيگ جو ڄاڻايل دائرو بهتر آهي.
    *جيئن ته ’مڪرّر‘ جي معنى ’دهراءَ‘ واري آهي، ان سبب ساڳيو دهرايل لفظ (هزار- هزار) ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ شامل نه ڪبو، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس‘ مان مراد ئي ’لفظن جي مختلف جنس‘ آهي.
    *تجنيس مڪرّر مان مراد اهڙا ٻه هم قافيا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن مان پهريون آخريءَ کان اکرن ۾ وڌيڪ هجي، يا ائين کڻي چئجي ته آخري قافيو، اکرن جي نسبت، اڳئين قافيي جو جز هجي ۽ پڇاڙي ساڳي هجي، جيئن:
    سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
    حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
    *’تجنيس مڪرّر‘ کي ’صنعت ذوقافيتَين‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو، ليڪن ’ذوقافيتَين‘ کي ’تجنيس مڪرّر‘ نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ آخري قافيو، اڳئين جو جز هوندو آهي.
    *مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جا ٽي نمونا نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن به عَروضي شاعر وٽ ڪونه ٿا ملن:
    1.لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيهارڻ
    ان دائري اندر پهرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
    سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
    حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
    2.لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيهارڻ
    ان دائري هيٺ، پهرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
    ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،
    کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.
    3.لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيهارڻ
    ان دائري هيٺ، پهرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
    نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،
    ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ.

    حوالا/ ذريعا
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
    عباسي ظفر (2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    مرزا، قليچ بيگ (2016) علم عَروض. ڄامشورو: مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.
     
    سجاد علي چنا هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو