وڏي ڪاميابي جي قيمت...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    انسان الله تعالى جي بڻايل مخلوقات مان سڀ کان افضل مخلوقات آهي. بظاهر سڀئي انسان هڪجھڙا محسوس ٿيندا آهن سڀني جي جسم جا عضوا هڪجھڙا هوندا آهن پر هر هڪ انسان جو مزاج ٻين کان مختلف هوندو آهي. هر شخص پنهنجي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي پنهنجي تصور جي اکين سان دنيا کي مختلف انداز سان ڏسندا آهن. هڪ فرد جيڪو محسوس ڪندو آهي ان کي اهو حقيقت سمجھندو آهي ٻين جو احساس به جدا ۽ حقيقت به جدا آهي. چيو ويندو آهي ته هي دنيا مسئلن ۽ پريشانين جي پناهه جي جاءِ آهي ڪو چوي ٿو ته هي دنيا هڪ ميلو آهي ۽ هن ميلي ۾ هر ڪو اڪيلو آهي. ڪنهن جو نظريو هي آهي ته دنيا بي رحم ۽ بي وفا آهي ڪنهن جو مڃڻ آهي ته هن دنيا ڪنهن کي ڪجهه به نه ڏنو آهي. ڪنهن جو يقين آهي ته هي دنيا خوبصورت ۽ خوشين سان ڀريل هڪ باغ آهي. سوال هي پيدا ٿو ٿئي ته حقيقت ڇا آهي؟ ڇو ته هر ڪنهن جو تجربو ۽ احساس جدا آهي انهيءَ لاءِ هر هڪ جي لاءِ حقيقت به مختلف آهي. دنيا جي نهايت ئي ڪامياب ماڻهن تي ڪيل ريسرچ مان هي ڳالهه سامهو آئي آهي ته ماڻهو هن دنيا جي مسئلن ۽ رڪاوٽن جي حوالي سان بلڪل جدا يقين ۽ خيال جا مالڪ هوندا آهن. هي ماڻهو ڄاڻندا آهن ته ناڪامي در اصل تسلسل برقرار نه رکڻ جي وجھه سان ايندي آهي. هي ماڻهو زندگي جو هڪ واضح مقصد منتخب ڪرڻ کان بعد استقامت ۽ مستقبل مزاجي سان گڏ سخت محنت شروع ڪري ڏيندا آهن. ڪامياب ماڻهو کي علم هوندو آهي ته دنيا ۾ ڪا به شيءِ مفت ناهي ملندي، ايسيتائين جو پنڻ جي لاءِ به پنهنجي عزت نفس مجروح ڪرڻي پوندي آهي. اهڙي طرح ڪاميابي به مفت ناهي ملندي، ان جي لاءِ به توهان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ان قيمت جو پهريون حصو اهو جنون آهي جيڪو توهان کي سڪون سان نه ٿو ويهڻ ڏئي ۽ ڪاميابي جو ٻيون حصو اها سخت محنت آهي جيڪا توهان استقامت سان گڏ منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪندا آهيو. ماهرن جي مطابق اڪثر ماڻهو باصلاحيت هوندا آهن ۽ خدا انهن کي ڪيترين ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي پر اهي محنت جا عادي نه هوندا آهن. انهي ڪري اهي ناڪام ٿي ويندا آهن. هي به ڏٺو ويو آهي ته محنت ڪرڻ وارن ۽ مستقل مزاج انسان وٽ ڪاميابي جا گھڻا موقعا ايندا آهن. جيئن حديث شريف ۾ ايندو آهي ته “جيڪو ثابت قدم رهيو خدا ان سان گڏ آهي” اهڙي طرح ناڪامي هي ناهي ته تمام گھڻيون مشڪلاتون توهان جو رستو روڪي بيٺيون آهن، ناڪامي جو مطلب آهي ته توهان انهن کي منهن ڏيڻ جي همٿ وڃائي ڇڏي آهي ۽ ميدان ڇڏي ڪري ڀڃي رهيا آهيو. انهيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته محنتي جي سامهو پهاڙ پٿر آهي ۽ سست جي سامهون پٿر به پهاڙ. وڌيڪ بلندي تي وڃڻ جي لاءِ بنيادن کي مظبوط ڪرڻو پوندو آهي. ۽ بنيادون محنت ۽ مستقبل مزاجي سان مضبوط ٿينديون آهن. اڄ تائين دنيا جو ڪو ادارو يا فرد ٿورڙي عرصي ۾ ڪامياب ناهي ٿيو. استقامت ئي ڪرامت کي پيدا ڪندي آهي. الله تعالى انسان کي تمام طاقتور بڻايو ڇڏيو آهي. انسان جيڪڏهن همٿ ڪري ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي ته ان کي ضرور پورو ڪري ڏيکاريندو آهي انسان ناڪام تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اهو پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي محنتي ماڻهو جي لاءِ مشڪلاتون آسان ٿي وينديون آهن . اڄ جا نوجوان هڪ ٻه ناڪامين کان پوءِ همٿ هاري ويهندا آهن. حالانڪه لاتعداد ناڪامين کان پوءِ ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي. انهيءَ لاءِ جيڪڏهن توهان هي يقين پختو ڪيو ته ڪاميابي اچڻي ئي ناڪامين کان پوءِ آهي ته پوءِ مستقبل مزاجي سان محنت ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي. زندگي (درياهه) وانگر گذاريو، جيڪو هر رنڊڪ تي پري ڪندو لاهن چاڙهن مان گذرندو، پهاڙن ۽ پٿرن سان ٽڪرائيندو پنهنجي منزل جي طرف ( جاري و ساري ) رهندو آهي. درياهه پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. توهان کي به پنهنجو رستو پاڻ بنائڻ گھرجي. مسئلن جي پهاڙ سان ٽڪرائيندي پنهنجي نصب العين جي طرف اڳتي وڌڻ گھرجي. غور ڪيو ته درياهه جي رفتار هميشه ساڳئي نه رهندي آهي ڪڏهن تيز ته ڪڏهن آهستي ۽ ڪڏهن وري پرسڪون پر پنهنجي منزل جي طرف جاري وساري هوندو آهي. اڳتي وڌندي رفتار جي پرواهه نه ڪيو، ڇو ته ڳالهه رفتار جي ناهي پر ڳالهه صرف مستقل مزاجي سان محنت جي آهي. هلندي هلندي سهي وانگر سمهي نه پئجو متان ڪا ڪمي اڳتي نڪري وڃي. هي اٽل حقيقت آهي ته مقصد جيترو وڏو هوندو قربانيون ايتريون ئي وڏيون ڏيڻيون پونديو آهن. محنت به ايتري وڌيڪه ڪرڻي پوندي آهي دنيا کي سڪون ۽ امن جي دولت ڏيڻ وارا ماڻهو پاڻ ڏک ۽ غم جي ريگستان ۾ ويٺا آهن. وڏا ماڻهو رات جو جاڳندا آهن محنت ڪندا آهن عام ماڻهو ان وقت ۾ ننڊ جا مزا ماڻيندا آهن. توهان پاڻ ٻڌايو ٻئي ڪيئن برابر ٿي سگھن ٿا. ۽ ان کان ڪو وڏو سچ ناهي ته محنت هڪ ڌنار کي به نادرشاهه ۽ تيمور لنگ کي شهنشاهه بڻائي ڇڏيندي آهي. هي اصول ياد رکو! ته اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ سان زندگي جو گذر بسر ٿيندو آهي. ڪاميابي جي لاءِ 12، يا 14 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ايتري دير تائين اهي ئي محنت ڪري سگھي ٿو جيڪو ڪاميابي جي تشديد خواهش رکي ٿو مستقل مزاج آهي. اڄ جي محنت سڀاڻي جو سڪون آهي. ۽ جيڪو اڄ مزي ۾ آهي ان کي سڀاڻي تڪليف ده ملندو. اهي صلاحيتون جيڪو انسان پيدائشي طور تي کڻي ايندو آهي اهي به محنت ۽ رياض سان نکر جي ڪري سامهون اينديون آهن. دنيا جا وڏا وڏا رانديگر، گلوڪار، مقرر، ۽ ليڊر به ڪيترن سالن تائين سخت محنت، جدوجهد ۽ مشق ڪندا رهيا آهن تڏهن وڃي ڪاميابي انهن جا قدم چميا. چوڻي آهي ته: ان کان وڏو ڪنهن جي لاءِ الله تعالى جو انعام ناهي جو الله تعالى ان کي محنت ڪرڻ جو جذبو عنايت ڪيو آهي. “ يعني محنت ڪرڻ ئي ڪاميابي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي”. انهيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته “محنت ۾ عظمت” آهي. ۽ عظمت مستقل مزاج انسان کي ئي ملندي آهي.
     
    شرف الدين مرکنڊ طاهري هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98

هن صفحي کي مشهور ڪريو