اچو ته! لائبريرين کي مشعل راہ بڻايون!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ

    جڏهن هڪ انسان کي مصروف زندگيءَ ۾ گھڻا وزن بار پئجي ويندا آهن ته زماني جا غم ان جي مٿان حاوي ٿي ويندا آهن ۽ زماني جي جنون ۾ وڪڙ جي ويندو آهي ته اهو انسان زندگي جي تڪليفن کان بچڻ جي لاءِ مختلف پناهه گاهون ڳوليندو آهي ان گھڻن وزنن، پريشانين ۽ تڪليفن مان نڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن ٻئي طرف مصروف ڪرڻ جي واسطي ڪوشش ڪندو آهي ڪجهه ماڻهو راند روند ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ته ڪجهه وري ماڻهو فلمون ، گانا ۽ ڊراما ڏسي ڪري آرام ۽ سڪون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ۾ هوندا آهن ۽ ڪجھ وري الله جا نيڪ ٻانها ذڪر اذڪار ۾ مشغول ٿي ڪري سڪون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪجهه وري ناسمجهه ماڻهو نشي آور شين کي استعمال ڪري پنهنجي قيمتي وقت ۽ پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهي ڪري ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن مان وري ٻئي قسم جا ماڻهو هوندا آهن جيڪي هميشه فائدي ۾ رهندا آهن هڪ طرف انهن جي پريشانيون ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون آهي ته ٻئي پاسي انهن جا احساس، فڪر ۽ سمجھه ۾ ڪافي اضافو ٿيندو آهي حقيقتن ۾ هي ماڻهو ڪتب خانن کي ذهني سڪون ۽ ڪتابن کي پنهنجو دوست ڪري وٺندا آهن. انسان ڪتابن جي مطالعي ۾ نه صرف پنهنجي پريشانين، تڪليفن ۽ غمن کي وساري ڇڏيندو آهي پر ان جي سوچ ۾ ڪشادگي، شوق ۾ اضافو ۽ احساس ۾ واڌارو پيدا ٿيندو آهي ان جو دامن علم سان گڏوگڏ فضيلت جي موتين سان ڀرجي ويندو آهي. ڪتاب هڪ بهترين دوستَ هوندا آهن انسان انسان کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو، پر ڪتاب ڪڏهن به ڌوڪو نه ٿو ڏئي سگهي. ڪتاب هڪ ورق ۽ سچو ساٿي هوندو آهي ڪتاب هڪ بهترين صلاحڪار ۽ معتبر رهنما هوندو آهي ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو خوبصورت اظهار هوندو آهي. تاريخدانن جي لکڻي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتابن سان اسان مسلمانن جو ڪنهن دور ۾ هڪ خاص اهم تعلق رهيو آهي. اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد صه تي جيڪا پهرين وحي نازل ٿي هئي ان جو به مقصد پڙهڻ هو، مسلمان ديني لحاظ سان صاحب ڪتاب ۽ ڪتابِ دوست ٿي گذريا آهن ۽ هي به حقيقت آهي ته ماضيءَ ۾ مسلمان انفرادي طور تي مجموع جي لحاظ سان وڏن وڏن ڪتب خانن جا مالڪ ٿي گذريا آهن. ڪتب خانو ڪنهن به قوم جو عملي عظمت ۽ فڪري بصيرت جو آئينو هوندو آهي. ان سلسلي ۾ اسان هڪ شاندار تاريخ جا مالڪ ٿي گذريا آهيون پر هاڻي هي ماضي جا قصا ڪهاڻيون بنجي چڪا آهن ۽ افسوس چوڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي رهيو. مشرق جي مشهور شاعر علامه اقبال رحمت الله عليه جو شعر آهي ته:

    وہ علم کے موتی کتابیں اپنے آبا کے،
    جو دیکھو ان کو یورپ میں تو دل ہوتا ہے سپارہ.
    جنهن قوم جا افراد علم و فضل جي دولت سان ڀريل هوندا آهن اهي سڀ کان پهرين اهي پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪيل تصنيفات کي ڪتب خانن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن جن کي زماني جي گردش جو خطرو هوندو آهي. اھڙي طرح تاريخ به انهن جو قدر و احترام ڪندي آهي جيڪي علمي سرمائيدارن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيندا آهن. جنھن ملڪ ۾ کيڏڻ جا ميدان آباد هجن، وري ان ملڪ جون اسپتالون ويران هونديون آهن ۽ وري جنھن ملڪ جا ڪتب خانه آباد هوندا آهن ته اتان جا وري قيد خانه ويران هوندا آهن. پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ خداداد اسلامي جمهوريت پاڪستان ۾ اسپتالون، روڊ رستا نيڪال، تعليمي ادارا ۽ ٻيا سرڪاري ادارا ويران نظر ايندا رهندا آهن ته اتي وري ڪتب خانه به ختم نظر ايندا آهن. هڪ اندازي جي مطابق ته اسان جي حڪومت جو اسان جي تعليمي ادارن جي طرف گهٽ توجهه آهي ته ٻئي پاسي اسان جو تعليمي نظام ناڪاره بڻيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنڊياري جي باءِ پاس تي ڪجهه هاڪر اخبارن جي سيٽنگ ڪري رهيا هئا ته انهن سان منهنجي ڪچهري ٿي ته مون انهن کان پڇيو ته ڇا ڪنڊياري جي شهر ۾ مڪمل اخبارون نه اينديون آهن؟ انهن مان هڪڙي مون سان ڳالهائيندي چيو ته مولانا صاحب اخبارون ته مڪمل اينديون آهن مون ان کي ان جواب ڏنو ته مان صرف سوڀ، هلال پاڪستان، ڪوشش ۽ ڪاوش کان سواءِ ٻيو اخبارون نه ڏٺيون آهن شهر ۾، ۽ سواءِ جڏهن اخبارن جي موڪل جو ڏينهن هوندو آهي ته هڪڙي صرف شام اخبار نظر ايندي آهي. انهن مون کي جواب ڏنو ته سائين شهر ۾ ڪافي ساريون اخبارون اينديون آهن جيڪي اسان مختلف هنڌن تي ڏئي ڪري آخر ۾ ڪنڊيارو جي يونين ڪائونسل جي طرفان قائم ڪيل لائبريري ۾ ڏيندا آهيون جيڪي توهان کي لائبريري تي ملي سگهن ٿيون پڙهڻ جي لاءِ، ٻئي ڏينهن تي مان جڏهن ان لائبريري تي ويم ته ڪجهه ڇوڪرا ويٺا هئا جيڪي اخبارن جو مطالعو ڪري رهيا هئا، مون جڏهن ان لائبريري جي انچارج کان معلومات ورتي ته ان ٻڌايو ته سائين هتي اخبارون ڪافي ساريون اينديون آهن جن جو خرچ يونين ڪائونسل ڀريندي آهي مون ان کان پڇيو ته ڀلا ڪتاب صفا گهٽ آهن هتي، ان جو جواب ڏيندي هن چيو ته اداري کي ڪافي دفعا خط لکي ڪري موڪليا آهن پر انهن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. ان لائبريري تي اخبارون ته ڪافي ساريون هيو پر ڪتاب تمام ٿورا نظر آيا جيڪي ڪجھ اسلامي هيا ته ڪجهه وري سياسي، ادبي ۽ ڪجهه پڙهائي جي حوالي سان هيا. ان حوالي سان آئون سرخ سلام پيش ڪري ٿو ڪوشش اخبار جي ليکڪ "ڪامريڊ منان چانڊيو" صاحب کي ۽ سندس جي ٽيم کي، جن اهڙي دجالي دور ۾ وارھ تعلقي جي شهر جي وچ ۾ بنا ڪنهن لالچ، غرض مفاد جي "قاضي عبدالغفار" جي نالي سان لائبريري قائم ڪئي اٿن، جنهن کي ٻن ورهين کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي اخبارون اينديون رهنديون آهن ته انهن سان گڏوگڏ لائبريري پنهنجي ڪتابن جي سونهن سان ڀري پئي هوندي آهي، جٿي ڪافي سارا ڪتاب مختلف فنن تي موجود هوندا آهن جن ۾ تاريخي ڪتاب، حديث و فقه تي لکيل ڪتاب، مختلف سياسي سماجي، ليکڪن بزرگن، صالحن جي زندگين تي لکيل ڪتاب، بيماري صحت تي لکيل ڪتاب، ۽ ٻين ڪيترين ئي فنن تي ڪتاب مشتمل هوندا آهن جن جي مطالعي سان انسان جي ذهن ۾ پنهنجي ماسلف جي ڪيل خدماتن جو ذخيرو جمع ٿيندو آهي. اهڙي طرح جامعه عربيه غفاريه درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ لائبريري حضرت سهڻا سائين رحه جي نالي جي مناسبت سان "بخشيه لائبريري" قائم ٿيل آهي جنهن ۾ ڪافي سارا قرآن ڪريم جا تفسير، جن ۾ تفسير مظهري، تفسير تبيان القرآن، تفسير احسن البيان في تفسير القرآن "نو جلدن ۾" (مفسر: مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب) ۽ ڪيترا ئي حديثن جا معتبر ڪتاب، اصول فقہ، تاريخي ڪتاب، ادب جي حوالي سان مختلف ڪتاب، درسي نظامي جا مڪمل ڪتاب، مختلف جماعتن جي طرفان شايع ٿيندڙ رسالا، مختلف معتبر ڪتابن جون شرحون، معتبر مصنفن جا ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن جن جو مطالعو ڪرڻ جي توفيق ملندي آهي. الغرض! ته ڪتب خانه قوم جي ضرورت ھوندا آھن اسان جا حڪمران اليڪشن جي ڏينهن ۾ واعدا ڪندي نظر ايندا آهن ته اسان هر ضلع هر تعلقي کي هر قسم جون سهولتون ۽ سامان ۽ ٻيو شيون مهيا ڪرڻ جا واعدا ڪري ويندا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به چيو آهي ته اسان ضلع يا تعلقي جي لاءِ هڪ لائبريري جو قيام عمل ۾ آڻيندا سين جنهن ۾ هر سهولت سان گڏ معياري ڪتاب هوندا مطالعي جي لاءِ سٺو ماحول ٺاهينداسين حالانڪ هي سڀ خواب ئي خواب رهجي ويندا آهن. حضرت قبلا سڄڻ سائين مدظله عالي جن پنهنجي جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي اراڪين کي تاڪيد ڪندي فرمائيندا آهن ته هر ضلع جي باڊي، تعلقي جي باڊي، برانچ هجي يا مدرسو اتي لائبريري جو هجڻ ضروري آهي جتي بهترين ۽ خوبصورت ڪتاب هجن جن جو هر نوجوان مطالعو ڪري سگهي ۽ ڪتابن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪري پنهنجي دوستن احبابن سان شيئر ڪري. اچو ته! پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪاپي ڪلچر کان بچايون ۽ لائبريري جو قيام هر ضلعي، تعلقي، هر يوسي ۽ هر ڳوٺ ۾ آڻيون ۽ هر لائبريري ۾ هر فن تي ۽ هر موضوع جي مناسبت سان ڪتاب رکون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي تعليم جي دولت سان نوازيون . اهو ٽائيم پري ناهي جو اسان جي تاريخ جو هڪ باب روشن ٿي ويندو ۽ اسان مسلمان پنهنجي پراڻي روايت، وراثت ۽ ڪتاب دوستي کي زنده ڪري سگهو ٿا پر ان جي لاءِ هڪ شرط آهي ته حڪومت سڳوري ان جي طرف خصوصي توجهه ڏئي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جديد قسم جي لائبريرين جو عمل آندو وڃي.
    Sharfdinmarkhand@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو