ريلوي جي وزير پاران سمجهوته ايڪسپريس کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    اسلام آباد: (خميس 08 آگسٽ 2019ع) وفاقي وزير ريلوي شيخ رشيد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سمجهوته ايڪسپريس ٽرين هميشه جي لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

    اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ويندڙ هر ٽرين ۾ ٻن ڪوچز جي اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. عيد تي 2 اسپيشل ٽرينون هلايون وينديون. عيد کان پوءِ ٽرين ٽائمنگ، ڪوچز ۽ صفائي ۾ بهتر تبديلي آڻينداسين. نيون 38 ٽرينون هلائڻ سان نظام متاثر ٿيندو. 70 لک مسافر وڌيڪ کنيا ۽ 10 ارب روپيه وڌيڪ ڪمايا. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت طرفان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو سوچيل سمجهيل سازش جو ايجنڊا آهي. هي خطرناڪ سال هوندو.

    هن ۾ جنگ به ٿي سگهي ٿي. اسان جنگ جي طرف نٿا وڃڻ چاهيون پر ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم تي خاموش تماشائي بڻجي ويهي به نٿا سگهون. جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اها آخري جنگ هوندي. مودي جاهلاڻو ڪم ڪيو آهي. ڪيترائي سياستدان اهڙي غلطي ڪندا آهن جنهن سان تاريخ بدلجي ويندي آهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان ظلم تي خاموش رهون. ان لاءِ بحيثيت ريلوي جي وزير سمجهوته ايڪسپريس کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.

    هي ٽرين هفتي ۾ 2 ڏينهن هلندي هئي، ان سان مسافرن کي ٽڪيٽن جي واپسي تي پورا پئسا ڏنا ويندا. شيخ رشيد چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جو دل گڏ ڌڙڪندو آهي. مان ڪشمير کي اندر کان سڃاڻان ٿو. مودي جي سياست لال چوڪ سري نگر ۾ ختم ٿي ويندي. هوڏانهن اڄ سمجهوته ايڪسپريس واهگا ريلوي اسٽيشن تي ڀارت وڃڻ لاءِ تيار هئي پر ڀارتي اختيارين طرفان ٽرين وصول ڪرڻ جي ڪليئرنس نه ڏني وئي. ٻنهي ملڪن جي اسٽيشن ماسٽرن هاٽ لائين تي رابطو ڪيو جنهن تي ڀارت طرفان ڪوبه مثبت جواب نه ڏنو ويو ۽ ٽرين صبح جو 9 بجي کان 108 مسافرن کي وٺي اسٽيشن تي بيٺل رهي.
    وڌيڪ پڙهو Sindhi News

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو