پاڻ کي قيمتي بڻايو....!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    هي دنيا انهن ماڻهن کي وساري ڇڏيندي آهي جيڪي هن دنيا جي لاءِ اهم ناهن هوندا جهڙي طرح ڪجھه ماڻهو الماڙين ۾ خزانو لڪائيندا آهن، اهڙي طرح ڪيترا ئي ماڻهو عظيم هستين جي ياد جو خزانو ۽ دلين ۾ محبت رکي هلندا آهن. دنيا جي تاريخ هن ڳالهه جي شاهد آهي ته جن شخصيتن به هن دنيا جي خدمت ڪئي، هن دنيا ۾ محبت ونڊي ۽ امن جو درس ڏنو انهن جا نالا اڄ به زنده آهن. قابلِ غور ڳالهه هي آهي ته آخر انهن سڀني ماڻهن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه هئي جو اهي دنيا جي لاءِ اهم هيا. تمام بني نوع انسان کي جيڪڏهن انسان ٿيڻ تي فخر آهي ته شايد انهن عظيم انسانن جي ڪارنامن جي وجھه سان ئي آهي. انهن سڀني شخصيتن جي عظمت جو هڪ خاص راز هي آهي ته انهن پنهنجي پاڻ کي دنيا وارن جي لاءِ قيمتي ۽ اهم بڻايو. ان وجھ جي ڪري اڄ تائين ياد ڪيا ٿا وڃن. اردو شاعري ۾ غالب جو ڪڏهن به نالو نه مٽجندو. “فلسفه خودي” هجي ته حضرت اقبال کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي. الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجھد جي داستان هجي ته محمد علي جناح ذهن ۾ اچي ويندو آهي، ايجادن جو سلسلو هجي ته ايڊيسن کي رهندي دنيا تائين ياد ڪيو ويندو. الغرض ته! هر شعبي ۾ عظمت وارا نالا موجود آهن، جيڪي عظمت حاصل ڪرڻ کان پهريان هڪ وڏي جدوجھد ۽ محنت سان پاڻ کي قيمتي بڻائيندا آهن. انهن کي خبر هوندي آهي ته سڀ کان اهم انهن جي پنهنجي ذات آهي، ڇو ته اهي نه هجن ته ڪجھه به ناهي رهندو. انهي لاءِ انهن پنهنجو مال اسباب، گھر ٻار، علائقو محلو ۽ خاندان کي ڇڏڻ بهتر سمجھيو پر پنهنجي طور طريقي کي ڇڏڻ ناهن پسند ڪندا. توهان اهو سڀ ڪجھه حاصل ڪري سگھو ٿا جنهن جا توهان خواهش مند آهيو پر ان جي لاءِ توهان کي پنهنجي پاڻ کي وڏو قيمتي بنائڻو پوندو. ياد رکو! قيمتي ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن محفل ۾ توهان جي موجودگي سان فرق نه ٿو پوي ته اهڙي محفل ۾ ڪهڙو وڃڻ ۽ جيڪڏهن هن دنيا تي توهان جي اچڻ سان فرق نه پيو ته، جڏهن توهان ويندؤ هليا ته به فرق نه پوندو، انهي لاءِ توهان جو دنيا تي اچڻ توهان جي لاءِ فضول ۽ بيڪار هوندو. ياد رکو! توهان جي لاءِ سڀ کان اهم توهان جي ذات آهي. ان جي لاءِ بهترين سرمايه ڪاري پنهنجي ذات تي ڪيو. سرمايه ڪاري جي شروعات هن سوالن سان ڪيو. “ توهان کي هي زندگي فقط هڪ دفعو ملي آهي هي موقعو وري ناهي ملڻو هن زندگي جي بدلي ڇا ڪجھه حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا؟” “جڏهن توهان هن دنيا مان ويندؤ ته هن دنيا کي ڇا ڇا ڏئي ويندؤ؟” هنن ٻن سوالن جا جواب لکڻ کان بعد گھڻو غور ۽ فڪر ڪندؤ ته توهان کي پنهنجي مقصد حيات جي خبر پئجي ويندي پوءِ ان تي محنت ۽ جدوجھد شروع ڪري ڏيو. سٺا ڪتاب خريد ڪيو هي توهان جي ذات نکاري ڇڏيندا. ڪتابن جو مطالعو عظمت جي چائوٺ تي پهچائي ڇڏيندو آهي. اهي ڪتاب پڙهو جيڪي توهان جي اخلاق کي بلند ڪن ۽ توهان جي همت وڌائن. اسان جي ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جو عام رواج نه آهي. اسان وٽ نوجوان فارغ وقت ۾ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي وقت ضايع ڪندا آهن. ترقي يافته ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جو وڏو سبب ئي ڪتاب سان “محبت” آهي. انهن وٽ فارغ وقت ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪتاب پڪڙيل نظر ايندا آهن. اڄ به دنيا ۾ اهڙا ترقي يافته خاندان موجود آهن جڏهن ڪنهن نوجوان جو رشتو ڏسڻ ايندا آهن ته ان جي لائبريري کي ضرور ڏسندا آهن. مطلب ته ڪتاب توهان جي ذات جي لاءِ بهترين سرمايه ڪاري آهي. پنهنجي ذات جي بهتري جي لاءِ سوچ ويچار جي عادت وجھو، هي دنيا الله تعالى جي هٿن جو لکيل خوبصورت ڪتاب آهي، هر وجود هي ٻڌائڻ جي لاءِ مصروف آهي ته مان به موجود آهيان. مولانا روم رحمة الله عليه جڏهن بانسري جي آواز تي غور ڪيو ته ان کي خبر پئي ته چوڻ لڳو ته هي ته جدائي جي داستان ٻڌائي رهئي آهي. غور ۽ فڪر ڪرڻ ايترو ته اهم آهي جو قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي جڳھين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو حڪم آيو آهي. پنهنجي ذات کي قيمتي بڻائڻ لاءِ اهڙيون ٽريننگز ۽ سيمينارز وٺي سگھجن ٿا، جيڪي اسان کي ڪاميابي جي طرف اڀارڻ ۽ علم ۾ اضافو ڪن. ڇو ته چيو ويندو آهي ته To earn more learn more بدقسمتي سان اسان وٽ سيلف هيلپ ۽ personality development جي موضوعن تي نه هجڻ جي برابر سيمنارز ٿيندا آهن پر جڏهن به توهان کي خبر پوي ته سيمينارز ۾ ضرور وڃو. جڏهن ڪو صاحب علم ڳالهائيندو آهي ته ان جو ڪيترن جو سالن جو تجربو ۽ تحقيق توهان کي چند ڪلاڪن ۾ حاصل ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته “ڪنهن صاحب بصيرت جي مجلس ۾ ويهڻ هزار سالن جي عبادت کان بهتر آهي.” ڪجھه سالن کان اسان کي سيلف هيلپ ۽ پڙهائي کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سمينارز شروع ڪيا آهن جن جا نتيجا تمام سٺا آيا آهن. پنهنجي ذات کي بهتر ۽ قيمتي بڻائڻ جي لاءِ اهڙا علم ۽ فن سکي سگھو ٿا جيڪي توهان جي ذات جي اندر لڪيل خوبين کي ٻاهر ڪڍي سگھن. ان ۾ هيپناٽزم تمام مؤثر آهي.N.L.P (نيورو لنگوسٽڪ پروگرامنگ) اڄ ذهن کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان بهترين علم آهي. مراقبو، يوگا ۽ ريڪي به سکي سگھجي ٿي. اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو به علم ۾ اضافي جو سبب بڻجندو آهي. علمي ۽ ادبي بحث ۽ مباحثي ۾ حصو وٺو ان سان توهان جي زاويي نظر ۾ وسعت پيدا ٿيندي. سيرسفر ڪيو ان سان دنيا جي خوبصورتي توهان جي اندر جي خوبصورتي کي جاڳائيندي. ياد رکو! ڪاميابي جي ضمانت پنهنجي ذات تي سرمايه ڪاري ڪرڻ جو فيصلو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو