1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

جي ايم سيد جي سوانح نگاري جو هنر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,766
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جي ايم سيد جي سوانح نگاري جو هنر
    An Analytical Study of Profile Writing of G M Syed
    هوش محمد ڀٽي

    Abstract:
    In Sindhi language the profile writing starts from the partition. There was good work in biographical writings. Well known Sindhi magazine quarterly Mehran also issued special number on biographical literature.
    In 1966 the classical book on related with biographies ” .“اهي ڏينهن اهي شينهن After on year G M Syed’s جنب گذاريم جن سين published in two volumes. Peer Ali Muhammad Shah Rashidi and Sain G M Syed were the pioneers of biographical literature.
    This paper is critical and research study of biographical writings of G M Syed. There are three books on that topic. جنب گذاريم جن سين-ٻه جلد. جديد سياست جا نو رتن، سنڌ جا سورما.
    G M Syed was not only the Politician, Philosopher, Historian of the Sindh but he was also a researcher as well. In these profile writings we found cultural, social and historical perspective about big personalities of Sindh and sub-continent.

    سنڌي ٻوليءَ ۾ سوانح نگاري جي تاريخ ورهاڱي کان اڳ شروع ٿئي ٿي.ورهاڱي کان اڳ سوانح نگاريءَ ۾ سٺو ڪم ڪيو ويو. پر ورهاڱي کان اڳ بزرگن، عالمن،مذهبي شخصيتن ۽ ڪجهه هندو اديبن جي حياتين جا احوال قلم بند ڪري ڇپايا ويا. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي سوانح نگاري کي زور وٺائڻ لاءِ ٽي ماهي مهراڻ پاران 1957ع ۾ سوانح نمبر ڪڍيو ويو. 1966ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ “اهي ڏينهن اهي شينهن” پير علي محمد شاهه راشدي جو ڇپجي پڌرو ٿيو. ان جي ٻئي سال ئي سائين جي ايم سيد جو “جنب گذاريم جن سين” ٻه جلد شايع ٿيو. اهڙي طرح سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪل سوانح نگاري جو بنياد پير علي محمد شاهه راشدي ۽ سائين جي ايم سيد رکيو. بعد ۾ پير حسام الدين راشدي، مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، عبدالقادر جوڻيجي، نجم عباسي، علي احمد بروهي، ماهتاب محبوب، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تنوير عباسي ۽ هڪ کيپ آهي جنهن هن فن کي اوج تي رسايو آهي.
    حضرت عمر فاروق رضه چيو آهي ته: “اسلام کان اڳ عربي ۾ جيڪا سرجيل شاعريءَ آهي ان کي پڙهيو وڃي، ڇو ته ان ۾ عربي ٻوليءَ، ثقافت، تهذيب جو وڏو خزانو آهي.”
    بلڪ ائين شاعريءَ هجي يا نثر ان ۾ ان دؤر جون تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي نه رڳو جهلڪيون پر جامع مواد موجود هوندو آهي. سوانح نگاري به هڪ اهڙو هنر آهي، جيڪڏهن مورخ ان کي سچائي سان نڀائي ته ان مان ايندڙ نسل وڏو لاڀ حاصل ڪري سگهندو.
    سنڌ ۾ ڪي اهڙيون هستيون آهن، جن کي سمجهڻ لاءِ ان دؤر جي پوري تاريخ کي سمجهڻو پوندو. شاهه عنايت شهيد هجي يا شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن کي درست سمجهڻ لاءِ ان دؤر جي سڄي تاريخ پڙهڻي پوندي. ائين سائين جي ايم سيد به اها هستي آهي. جنهن جي شخصيت کي سمجهڻ لاءِ ويهين صديءَ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ کي مطالعي هيٺ آڻڻو پوندو.
    سائين جي ايم سيد جي شخصيت جو ڪهڙو اهو شعبو آهي جنهن تي سندس اثر نه پيو هجي! سنڌ جي سياست، ثقافت، تعليم، تاريخ، تهذيب، سماجي خدمت، زراعت، انتظاميه، فلاسافي ۽ ادب تي سائين جي ايم سيد جي هستي جو نه صرف اثر رهيو ان ۾ وڏي ڀاڱي حصيداري به آهي. سائين جي ايم سيد ننڍي کنڊ، ملڪ ۽ سنڌ جي اها شخصيت آهي جنهن جو ڪردار شفاف آهي. پوءِ به ڄاڻي واڻي ان تي متضاد قسم جون لکڻيون لکيون وڃن ٿيون. حقيقي طور سائين جي ايم سيد ڪڏهن به ڪنهن کي ڪجهه نه چيو ۽ پنهنجو ڪم شاندار نموني ڪيو. هر ڪم، منصوبي ۽ روش کي سائين جي ايم سيد مثبت ۽ هاڪاري طرح ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سائين جي ايم سيد پنهنجي سڄي حياتي انسانيت جي ڀلائي، ترقي، ٻڌيءَ ۽ پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي خدمت ڪندي، سنڌي ٻوليءَ، ادب، ثقافت، تهذيب ۽ لطيفيات تي معياري ڪم ڪيو.
    سائين جي ايم سيد سنڌي ٻوليءَ جو ڪلاسيڪل نثر نويس آهي. سندس سموريون تصنيفون نثري آهن. اهي سڀ جون سڀ ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ آهن.
    غلام محمد لاکي مطابق؛“ اسان جي تاريخي لٽريچر ۾ “جنب گذاريم جن سي” جي ڪلاسڪز جي اهميت آهي.” (1)
    سائين جا 40 کان مٿي ڪتاب سياست، تنقيد، لطيفيات، سوانح نگاري، تاريخ، مضمون نويسي، خطوط نويسي، ثقافت ۽ خطابت تي سنڌي ادب جو اڻ ميو خزانو آهن.
    سائين جي ايم سيد جو جنب گذاريم جن سين، ٻه جلد خاڪا نويسي جو اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ 167 مکيه ماڻهن جي حياتين جو احوال ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور سياسي، سماجي ۽ ادبي هستين جو ذڪر سائين پنهنجي ساروڻين تحت ڪيو آهي. انهن جي زندگي جي تقريبن هاڪاري پاسن کي ڏنو آهي.
    ڊاڪٽر قاضي خادم موجب؛ “جنب گذاريم جن سين” جيون خاڪن جو اهم ڪتاب آهي.” (2)
    سائين جي ايم سيد جو هي پورهيو ڏاڍو قيمتي آهي. سوانح نگاري هڪ ڏکيو ۽ مصيبتن وارو ڪم آهي. جنهن دؤر ۾ سائين جي ايم سيد هي ڪتاب آندو، ان وقت ۾ ايڏيون سهولتون نه هيون، جو جلدي ۾ ڪنهن باري ۾ ڪا معلومات حاصل ڪري سگهجي. اڄ ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ترت ڄاڻ مليو وڃي. سائين جي ايم سيد اهو ڏکيو ڪم ڪندي جن تڪليفن مان گذري محنتون ڪري هي ڪتاب جوڙيو هوندو اهو وڏو جفاڪشي وارو معاملو هوندو.
    سائين جي ايم سيد معروف سياستدان ۽ دانشور هو. سائين جي ايم سيد ئي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي کان پوءِ ٻيو عالم هو جنهن شاهه عبداللطيف تي پيغام لطيف جهڙو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب لکيو. سائين، هميشه، شاهه لطيف کي پنهنجو رهبر ڪري ڄاتو. ان جي پيغام کي هر سنڌي ۽ دنيا ۾ ڦهلائڻ جي تبليغ ڪئي. “جنب گذاريم جن سين” ڪتاب جو نالو به سائين، شاهه لطيف جي شعر تان کنيو آهي. ائين سائين پنهنجن ٻين ڪتابن جا نالا شاهه لطيف جي ڪلام جي سٽن کي بڻايو آهي. سائين جي سوانح نگاري جي هن ڪتاب جو نالو شاهه لطيف جي هن شعر تان کنيل آهي:
    مٿي ٿر رهي، ويا گذري ڏينهڙا،
    وٽان تن ائيو ڪو پنهوارن پهي،
    ويا سي وهي، جنب گذاريم جن سين. (3)
    ان تمهيد جو مقصد اهو هو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي هن خوبصورت خاڪا نويسي جي ڪتاب ۾ جن جن شخصن تي لکيو آهي. انهن کي شاهه لطيف جي لافاني ڪلام سان هڪ شاندار ڀيٽا ڏيندي بيت حوالي طور ڏنا آهن. جئين سائين علام آءِ آءِ قاضي صاحب جي زندگي تي لکندي قاضي صاحب لاءِ شاهه جون هي سٽون لکي ٿو: مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.
    ائين سائين ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي تي لکندي به شاهه لطيف، روحل فقير ۽ سچل سائين جا ڪيترائي بيت ڏنا آهن. سائين هر شخصيت سان ڪو نه ڪو ڪلاسيڪل شاعريءَ جو شعر منسوب ڪيو آهي. سائين جي ايم سيد فارسي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. سائين جي اڪثر لکڻين ۾ فارسيءَ جا شعر هوندا آهن ۽ هتي خاڪا نويسيءَ ۾ به سائين کوڙ ساترا فارسيءَ جا شعر ڪوٽ ڪيا آهن.
    ايم ايڇ پنهور موجب؛ “جي ايم سيد جيڪو ڪتاب لکيو آهي“جنب گذاريم جن سين” اها سٺ سالن جي تاريخ آهي. جنهن ۾ ماڻهو چونڊ ڪيا اٿس. نه فقط سياسي تاريخ آهي. سوشل تاريخ آهي. اقتصادي تاريخ آهي. اهو سٺ سالن جو دؤر تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهڙو فقط مون هڪڙو ڪتاب اڳ ۾ ڏٺو هو. اهو آهي؛ Man and Events my life in India by Richard Tempil. (4)
    جنب گذاريم جن سين جي پهريئن جلد ۾ 5 استادن، 44 زميندارن ۽ خاندان جي ماڻهن، 6 درويشن، 22 قومي ڪارڪنن، 9 سياستدانن، ٽن اديبن، 9 آفيسرن، چئن سماجي ڪارڪنن جنهن ۾ عورت ۽ مرد اچي وڃن ٿا جو پنهنجي قلم سان ڏاڍو سهڻي نموني خاڪو جوڙيو آهي. سائين جي لکڻ جو اسلوب مڪمل طور تي ان جو آهي ۽ ڏاڍو سمجهائڻ ۽ قصه گو واري نوع ۾ لکيل آهي.
    ڊاڪٽر حميده کهڙو موجب: “سندن ٻيو ڪتاب جيڪو مون کي تمام وڏي اهميت وارو لڳندو آهي، اهو آهي “جنب گذاريم جن سين”. جنهن ۾ 1920ع کان 1940ع تائين واري دؤر جي سنڌ جي شخصيتن کي اجاگر ڪيائون. نه ته اسان کي اها خبر ڪيئن پوي ها ته ڪهڙا ڪهڙا پڙهيل لکيل ماڻهو هن خطي ۾ رهندا آهن.” (5)
    جي ايم سيد سوانح نگاري جي هنن ٻن ڪتابن ۾ هن شخصيتن تي لکيو آهي ان ۾ هن پهريان شخصي زندگي، واپاري زندگي، سياسي زندگي، مذهبي رجحان، سماجي خدمتون ۽ مون سان واقفيت جا عنوان ڏئي ڪري بيان ڪيو آهي. ڪتاب ۾ تاريخي تصويرون ۽ شجرا به ڏنا ويا آهن. تصويرون ڏسي ان دؤر جي ياد ۽ عڪس سامهون اچي وڃن ٿا.
    “جنب گذاريم جن سين” جي ٻئين جلد ۾ پيش لفظ لکندي سائين جي ايم سيد لکي ٿو: “بهرحال مون، پنهنجي وس آهر موجوده دؤر جي چند ماڻهن جي زندگيءَ کي قلمبند ڪري، مستبل جي تاريخ نويسن لاءِ مواد ميسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.” (سيد-22)
    اها حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جا لکيل سڀ ڪتاب تاريخ نويسي جي حوالي سان اهم ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جي آتم ڪهاڻي “پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني” جتي آتم ڪٿا گهٽ تاريخي دستاويز وڌيڪ لڳي ٿي. سائين ننڍي کنڊ، سنڌ ڇا پر پوري عالمي منظر نامي کي قلمبند ڪيو آهي. اتي سائين جو هي پورهيو به تاريخي آهي.
    عبدالواحد آريسر مطابق: “جنب گذاريم جن سين” ويهين صديءَ جي سنڌ جي نه صرف ممتاز شخصيتن جو تذڪرو آهي پر اهو ڪتاب هن صديءَ جي سنڌ جي سياسي، ثقافتي، ادبي ۽ فڪري رجحانن ۽ لاڙن جي انسائيڪلوپيڊيا پڻ آهي.” (6)
    ٻئين جلد ۾ پهريان سائين درويشن جو ذڪر ڪيو آهي. 6 درويشن جي خاڪن کان پوءِ سائين 16 قومي ڪارڪنن تي لکيو آهي. بعد ۾ مدبر سياستدانن تي 21 خاڪا انهن جي تصورين سميت ڏنل آهن 14 اديبن تي به سائين لکيو آهي ۽ آخر ۾ سائين پنهنجي ٻن دوستن جي سوانح حيات لکڻ کان پوءِ “ٻيا بزرگ، رفيق ۽ واقفڪار” جي عنوان سان 17 شخيتن جو لفظي ڍانچو جوڙيو آهي. جن کي پڙهي انهن معتبر انسانن جي زندگين بابت خبر پوي ٿي.
    محمد پنهل ڏهر لکي ٿو: “جي ايم سيد انهن تاريخي ۽ سوانح نگاري متعلق ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته جي ايم سيد دؤر جو هڪ وڏو مفڪر، تاريخدان ۽ سوانح نگار هو.” (7)
    جديد سياست جا نو رتن:
    هي جي ايم سيد جو ٻيو خاڪن جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ جي ايم سيد ننڍي کنڊ جي سياست جي وڏن نالن جي زندگين جو معلوماتي نقطن سان احوال قلمبند ڪيو آهي. جنهن ۾ نامور ٿيافسٽ ڊاڪٽر ايني بسنت، مهاتم گانڌي، پنڊت جواهر لعل نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سر سيد احمد خان، مولانا محمد علي جوهر، علام اقبال ۽ محمد علي جناح جي سوانح عمري تي لکيو ويو آهي. هنن خاڪن ۾ سياست جي اهم نالن جي سياسي زندگيءَ سان گڏ سماجي ۽ عملي حيات جو مستند مواد ڏنو ويو آهي.
    سنڌ جا سورما
    هي جي ايم سيد جو ٽيون خاڪن جو ڪتاب آهي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ جن بهادرن کي غلط نظريي سان پيش ڪيو ويو آهي. سائين ان جي حقيقي پس منظر کي بيان ڪيو آهي. تاريخي حقيقتن کي نروار ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ جي جن بهادر سپوتن جو هن ۾ ذڪر آهي راجا ڏاهر، دودو سومرو، دولهه دريا خان، مخدوم بلاول ۽ شهيد شاهه عنايت شهيد. جي ايم سيد هڪ مؤرخ وانگي هن ڪتاب ۾ خاڪا نويسيءَ کي نڀايو آهي.
    سائين جو هي ڪلاسيڪل پورهيو جتي شاندار آهي اتي منهنجي خيال ۾ هنن ٻنهي ڪتابن کي ائڊٽ ڪرڻ جي ضرورت به آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تمام گهٽ ماڻهو پڙهن ٿا پر مون جڏهن سائين جا هي ٻئي ڪتاب مطالعي هيٺ آندا ته اها ضرورت مون کي شدت سان محسوس ٿي. مثال طور: مرزا قليچ بيگ لاءِ سائين لکيو آهي ته ان جا ٽي سو ڪتاب آهن جڏهن ته مرزا صاحب جا 480 ڪتاب آهن. يا وري جي ايم سيد شيخ اياز جي ڄم جي تاريخ 23 مارچ لکي آهي. ۽ مرڻ جي تاريخ نه ڏنل آهي ان وقت ته اياز زندهه هو. شيخ اياز جي ڄمڻ جي سهي تاريخ سنڌ جي محنتي عالم ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي تحقيق ڪري هٿ ڪئي آهي جيڪا 3 مارچ آهي. الاهي شخصيتون جيڪي سائين جي هن ڪتاب لکڻ وقت زنده هيون هاڻي نه آهن ۽ انهن جي مرڻ جي تاريخ درج ٿيڻ کپي. ۽ ڪتابن جا تعداد ڪجهه گهٽ وڌ آهن انهن ۾ نوان آيل ڪتاب به ڏيڻ کپن. ٻيو ته جي ايم سيد سرائيڪي ۽ سنڌي سان گڏ جيڪي فارسي جا شعر ڏنا آهن. انهن جو هن سنڌي ترجمو نه ڏنو آهي. جيڪو نئين ايڊيشن ۾ ضرور ڏيڻ گهرجي. ڇو ته فارسي ٻولي هن وقت نئين نسل لاءِ ناپيد ٿي چڪي آهي. پوري دنيا جيان هتي به انگريزي جو راڄ آهي. ان ڪري نوجوان نسل کي سمجهڻ ۾ ڏکائي ٿي سگهي ٿي جيئن مون کي ٿي.
    جي ايم سيد جيئن صاف ۽ فرشته صفت سياستدان هو، تيئن سائين جي خاڪا نويسي جو هنر به اعلي پائي جو آهي جنهن مان سنڌ جو نئون نسل مستفيد ٿيندو.

    ببليوگرافي
    1. آزاد قاضي، (مرتب)- جي ايم سيد ۽ سنڌ جي تاريخ، لاکو غلام محمد، صفحو -305
    2. قاضي، ڊاڪٽر خادم، سنڌي ادب،
    3. آزاد قاضي، ڊاڪٽر، (مرتب)ساڳيو- تقرير- ڊاڪٽر حميده کهڙو- صفحو-34
    4. جي ايم سيد، جنب گذاريم جن سين، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1960ع، صفحو-22
    5. آزاد قاضي، ڊاڪٽر (مرتب) تقرير، پنهور، ايم ايڇ، جي ايم سيد فائونڊيشن، ڪراچي، 2003ع، صفحو-159.
    6. آريسر، عبدالواحد، ڇا ته شخص هو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1999ع
    7. ڏهر محمد پنهل، جي ايم سيد هڪ سوانح نگار، آزاد قاضي، ڊاڪٽر (مرتب)، جي ايم سيد فائونڊيشن، ڪراچي، 2003ع،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو