ڪاميابي ڪيئن ممڪن آهي؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند
    هر شخص ڪاميابي ۽ خوشحالي چاهي ٿو ماڻهو ڪاميابي کي قسمت جي حوالي سان ڏسندا آهن پر ڪاميابي تي ڪيل ريسرچ جي مطابق ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مخصوص فلسفي ۽ نظريي جو اثر هوندو آهي. جيتري قدر ڪامياب ماڻھو ھن دنيا تي آيا آهن خدا تعالي انھن ۾ ھي فلسفو ۽ ڪاميابي جو جذبو فطرتي طور تي شامل آهي. هي ماڻهو ڪامياب تہ ٿي ويندا آهن پر انهن کي بہ هن Process کي واضح طور تي بيان ڪرڻ جو علم ناهي هوندو جنهن جي ڪري هي ماڻهو به بهتر رهنمائي نه ڪري سگهندا آهن. ڪامياب ماڻهن جو ڪجهه تعداد جيڪي گفتار جا غازي به ٿيا اهي ايتري ته مصروف زندگي گذاري رهيا آهن جو انهن وٽ ٻين جي رهنمائي جو وقت ئي ناهي هوندو. انهن ماڻهن جو تمام ٿورڙو تعداد هي راز ٻڌائڻ پسند به نه ٿو ڪري شايد هن ڊپ کان ته ٻيا نه انهن جي جڳھ وٺي وڃن پر حقيقت بلڪل مختلف آهي هي قدرت جو قانون آهي ته ٻين کي رستو ڏيڻ سان توهان جو به رستو کلي ويندو آهي. هن ڪائنات جو نظام ڪجهه مخصوص قانونن ۽ اصولن جي مدد سان هلي رهيو آهي، انسان جڏھن انھن آفاقي حقيقتن ۽ اٽل اصولن کان واقف ٿيندو آهي ته پوءِ انهن کي قانونن جو نالو ڏيندو آهي، ڪيترائي عقل کان مٿي واقعا به ڪنهن نه ڪنهن قانون ۽ قاعدي جي ڪري ئي ظاهر ٿي رهيا هوندا آهن. پر انسان جي رسائي في الحال ايستائين ناهي پهتي هوندي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ ريسرچ اسڪالر نپولين هل به ڪاميابي ۽ خوشحالي جي حقيقت کي ڄاڻڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان سخت محنت سان 25 سالن تائين هزارين ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن جي زندگي جو مطالعو ڪيو، انهن جي انداز فڪر کي ڏٺائين انهن جي روين تي غور ڪيائين ۽ دنيا وارن کي ڪاميابي ۽ ترقي جي فلسفي کان آگاهه ڪيائين. نپولين هل جي ريسرچ تمام واضح ۽ حتمي آهي ان ۾ گنجائش ناهي پر اھا ریسرچ اڪثر ڪري ڪاروباري ماڻهن جي حوالي سان آهي. انهن اصولن کي جيڪڏهن خاص طور تي نوجوان طبقي کي ان سان متعارف ڪرايو وڃي ته نھايت حيرت انگيز نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. اسان اهيو ڪم پنهنجي اداري ۾ ڪجھ سالن کان وٺي سرانجام ڏئي رھيا آھيون هن ڪاميابي جي پيغام کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪاميابي جي حوالي سان هڪ سيمينارن جو سلسلو هلندو رهيو ٻيو شاگردن جي ڀرپور اصرار تي اسان انهن آفاقي اصولن جي موضوعن تي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. مالڪ ڪل ڪائنات هن دنيا تي ڪيترائي مزاج پيدا ڪيا هي Variety ئي آهي جيڪا هن دنيا جي خوبصورتي جو سبب آهي. هر انسان پنهنجي مزاج ۾ پابند آهي. ھر ڪو پريشان حال آهي ۽ خوش به پر ان خوشي ۽ غمي جا سبب سڀني جي لاءِ مختلف آهن، توهان قدرت جي ٺهيل مزاجن جو خوبصورت تضاد ڏسو ته هڪ شخص مال ٺاهي خوش ٿي رهيو آهي ته ٻيو مال وڃائي تسڪين حاصل ٿو ڪري. ڪو انسانيت کي بيقرار ڪري رهيو آهي ۽ ڪو سڀـني جي قرار جو سبب آهي. مزاج جي فرق جي سبب ڪاميابي جي تعريف سڀني جي لاءِ مختلف آهي پوءِ به چيو ويندو آھي ته. "ڪنهن خاص شعبي ۾ ڪو فرد جڏھن منفرد مقام ماڻيندو آهي ته اهو ڪامياب آهي" جيئن غالب شاعري ۾ پنهنجو نالو بڻائي ويو، سقراط فلسفي ۾، شيڪسپيئر انگريزي ڊراما نگاري جو بادشاھ بڻيو مطلب ته جڏهن ڪنھن شخص کي ڪنھن ڪم ۾ خوشي به ملي ۽ عظمت به حاصل ٿئي ته اهو ڪامياب آهي ان لاءِ هڪ شاگرد، رانديگر، سياستدان، بزنس مین ۽ سائنسدان مان هر هڪ جي ڪاميابي جو مفهوم مختلف آهي. اسلام هڪ مسلمان کي ڪاميابي جو نئون ۽ منفرد تصور هن دعا ۾ ڏئي ٿو ته "اي اسان جا پالڻهار اسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي عطا فرما" هن دعا ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي طلب ڪئي وئي آهي يعني اسلام دنيا ۽ دين کي الڳ نه ٿو ڪري پر چوي ٿو ته دنيا ائين ٺاهيو جو آخرت به سنور جي وڃي. جديد دور جي تقاضن مطابق ڪاميابي جو تصور زندگي جي مختلف شعبن کي متاثر ڪري ٿو، هڪ فرد مالي طور تي مضبوط هوندو آهي ته اهو ٻين جي به مدد ڪري سگهي ۽ ان کي ذهني سڪون ۽ سٺي صحت به حاصل ٿئي ته اهو زندگي مان به ڀرپور مزو ماڻي سگهي. اهو باڪردار ھجي، سٺي اخلاق جو مالڪ هجي، پنهنجي پيشي ۾ منفرد هجي ۽ پنهنجي پسند جو معيار زندگي رکندو هجي. ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ته توهان دل ۽ جان سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا خواهش مند هجو. ڪنهن به مضمون کي پڙهڻ سان ان تي عبور حاصل ٿيندو آهي، ڪاميابي به هڪ خاص شعبو آهي ۽ توهان جي لاءِ هڪ انوکو مضمون آهي انھي لاءِ توهان کي هن جو مڪمل علم حاصل ڪرڻو پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو