تقدير ساز فيصلا..!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ : قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار : امتياز علي رند

    دنيا جي وڏن وڏن ڪارنامن جي شروعات به هڪ فيصلي ڪرڻ سان ئي ٿيندي رهي آهي. تاريخ کڻي ڏسو ۽ پاڪستان ٺهڻ جي وقت کي ياد ڪيو، جيڪڏھن هي فيصلو نه ڪيو وڃي ھا ته مسلمانن کي هڪ جدا وطن گهرجي ته ڇا ملڪ ٺهي سگهي ها؟ توهان پنهنجي ننڍپڻ ۾ اسڪول جي شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪيو انهن دوستن جي چهرن ۽ استادن جي نالن کي ياد ڪيو، اسڪول جي در ۽ ديوارن کي تصور ۾ آڻيو ۽ پوءِ اڄ جي ڏينهن کي ڏسو ڇا توهان ان وقت سوچيو هيو ته توهان ڪٿان کان ڪٿان تائين پهچي ويندؤ،ڇو ته ان وقت توهان ڪو مناسب شعوري فيصلو نه ڪيو. انهي لاءِ اڄ حالات توهان جا من پسند نه آهن پر زندگي ته اها آھي جيڪا باقي رهجي وئي آهي. جيڪڏهن توهان اڄ سوچي سمجهي ڪري ڪو شعوري، زبردست ۽ زندگيءَ کي سنوارڻ جو وڏو فيصلو ڪيو ٿا ته توهان جو پورو مستقبل بدلجي ويندو. ياد رکو! “زندگي صدين، سالن، مهينن ۽ ڏينهنن ۾ ناهي بدلجندي پر زندگي ان لمحي ۾ بدلجي ويندي آهي جنهن ۾ توهان زندگي بدلائڻ جو فيصلو ڪندا آهيو.” ڪاميابي سٺن فيصلن جو نتيجو هوندي آهي. ڪامياب ماڻهو سڀني حقيقتن ۽ خطرن کي سامھو رکي ڪري جلدي فيصلو ڪرڻ جا عادي بڻيل هوندا آهن. هي ماڻهو جيڪڏھن هڪ دفعو فيصلو ڪري ڇڏن ته ان کي تبديل نه ڪندا آهن. ناڪام ماڻهو صبح جو فيصلو ڪندا آهن ۽ شام جو تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. ڪيترائي ماڻهو ڪو فيصلو ڪرڻ کان ان جي لاءِ ڊڄندا آهن ته ڪٿي ناڪام نه ٿي وڃون. ياد رکو! ڪاميابي سٺن فيصلن جو نتيجو آهي ۽ سٺا فيصلا تجربن جو نتيجو هوندا آهن. تجربو به غلط فيصلا ڪرڻ جي ڪري ئي ايندو آهي. انهيءَ لاءِ فيصلي ڪرڻ کان ڪڏهن به نه گھٻرايو. اسان وٽ نوجوانن جي بدنصيبي هي آهي ته زندگي انهن جي پنهنجي هوندي آهي ۽ انهن جي زندگي جا سڀئي فيصلا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ٻار وڏو ٿي ڪري هڪ غير پختي شخصيت جو مالڪ بڻجي ويندو آهي. ان ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت نه رهندي آهي. هڪ سٺو فيصلو ايتري قوت جو حامل هوندو آهي جو هي توهان جي زندگيءَ جي هر رخ جيئن توهان جا تعلقات، ماحول، ڪارڪردگي، مستقبل، آمدني، توهان جي قسمت ۽ پاڻ توهان کي به بدلائي ڇڏيندو آهي. جيڪو ڪجھه توهان هڪ عرصي کان وٺي ڪندا ٿا اچو ان مان اهي نتيجا ملي رهيا آهن جيڪي اڄ توهان جي سامهو آهن. ڪجھه مختلف ۽ وڏو حاصل ڪرڻ جي لاءِ توهان کي هڪ وڏو فيصلو ڪرڻو پوندو ته جيئن توهان جو اچڻ وارو وقت شاندار طريقي سان گذري. هر عمل هڪ نتيجو ڏيندو آهي ۽ هر عمل ئي هڪ خاص سمت ۾ اڳتي وڌائيندو آهي، هر سمت اسان کي هڪ منزل جي طرف وٺي هلندي آهي. پر ڇا صرف هڪ دفعو ڪو عمل ڪرڻ سان زندگيءَ ۾ انقلاب پيدا ٿي ويندو؟ ڪڏهن به، زندگي ته مسلسل جدوجھد سان ٺهندي آهي. ڪنهن خاص عمل ۾ مستقل مزاجي ئي اسان جي قسمت کي سنواريندي آهي. انسان ڪنهن رستي تي تڏهن ئي قائم رهي سگھي ٿو جڏهن ان فيصلو ڪيو هجي، انهيءَ لاءِ فيصلو ڪرڻ ئي قسمت کي سنواريندو آهي. انساني تاريخ شاهد آهي ته: “حالات ڪمزور ماڻهن کي پيدا ڪندا آهن جڏهن ته طاقتور ماڻهو پاڻ پنهنجي مرضيءَ جا حالات پيدا ڪندا آهن. اهي حالات جي پيدا وار ناهن هوندا ڇو ته انهن حالات کي بدلائڻ جو فيصلو ڪيو هوندو آهي.” اڄ ئي پنهنجي زندگيءَ کي بدلائڻ جو فيلصو ڪيو، صرف ارادي يا خواهش سان ڳالهه نه ٺهندي پر اٽل فيصلو ڪيو ته توهان کي ڇا ٿيڻو آهي. پاڻ کي اڪسائڻ، اڀارڻ ۽ هي ٻڌائڻ ته زندگيءَ جو تحفو هڪ دفعو مليو آهي. خدا نه ڪري هي بيڪار گذري وڃي ۽ جڏهن زندگي جو اصل مفهوم سمجھه ۾ اچي ته پوءِ فيصلي ڪرڻ جو وقت ئي ختم ٿي وڃي ۽ زندگي ساٿ ڇڏي وڃي. جواني کان بهتر وقت ڪو به نه آهي. ماهرن جي هڪ ريسرچ مطابق ڏٺو ويو آهي ته عظيم ماڻهن عظمت حاصل ڪرڻ کان پهريان ڪجھه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو هوندو آهي. اڄ ئي پنهنجي سوچ، رويي ۽ عمل کي بدلائڻ جو فيصلو ڪيو. گھٽ ۾ گھٽ پنج اهڙا فيصلا ضرور ڪيو جيڪي توهان جي زندگي جي هر شعبي کي متاثر ڪري ڇڏن. اسان توهان کي آئيندي ٻڌائينداسين ته فيصلي ڪرڻ کان پوءِ سڀ کان اهم ڇا هوندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو