ملڪ جنهن مقصد لاءِ حاصل ٿيو ان جي ساڀيان ٿي رهي آھي!؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    هن ڀيري جڏھن پياري پاڪستان جو آذادي وارو سڀاڳو ڏڻ ملهائجي رهيو آھي، ته هڪ طرف ڀارتي حڪومت نريندر مودي جهڙي جنوني وزير اعظم جي سرپرستي ۾ جنگ جنگ جو بي سرو راڳ آلاپجي رهيو آھي، ٻئي پاسي عمراني سرڪار ۽ اپوزيشن وچ ۾ سياسي ڄُنڊا پٽ ٿي رهي آھي ۽ ٽئين طرف ملڪي ماڻھو مهانگائي جي طوفان ۾ وڪڙجي ويا آھن. اهڙن ڳنڀير مامرن هوندي به خوشي جي ڳالھ اها آھي ته جشن آزادي جون پُروقار تقريبون، عيد الاضحيٰ جون پرمسرت خوشيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته ٿر، ڪاڇي، ۽ ڪوهستان تي مندائتي پلر جي پالوٽ ٿيڻ ڪري ماروئڙن، جهانگيئڙن، ڏوٿيئڙن ۽ مسڪين ماڻھن جي مرجهايل منهن تي مرڪن جون انڊلٺي ريکائون ٽڙي رهيون آھن.
    ڏٺو وڃي ته اڄ کان 72 سال اڳ 14 آگسٽ تي دنيا جي گول نقشي تي هڪ نئون اسلامي ملڪ پاڪستان نموندار ٿيو، ساڳي طرح هڪ ڏينهن پوءِ هندوستان نالي به هڪ وڌيڪ ملڪ وجود پزير ٿيو. اھڙي ريت ست سمونڊ پار کان آيل انگريز سامراج جي هند ۽ سنڌ تان هڪ صدي واري بيٺڪيت ختم ٿي وئي. 1843ع ڌاري انگريز جڏھن سنڌ تي جارحيت ڪري غير قانوني، غير آئيني، غير اخلاقي طور تي قبضو ڪيو ته ان وقت سنڌ هڪ آذاد رياست هئي، تنهن ڪري ٿيڻ ته ايئن گهرجي هان ته انگريز جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ کي ساڳئي قسم جي آذاد رياست يا ملڪ وارو درجو ڏنو وڃي ها، پر ايئن ڇو نه ٿيو؟ اهو هڪ ڊگهو داستان آھي جنهن جي هن وقت پچار ڪرڻ فضول ٿيندي. بهرحال سنڌي قوم جي بهادرن، بيباڪ ڌرين ۽ فردن لاڳيتو سو سالن تائين انگريز سان چوٽون کائيندا رهيا، ڪڏھن سنڌ ۾ ڪڏھن هند ۾ حملي آورن تي سنوان سڌا ڪڏھن گوريلا وار ٿيندا رهيا، هِتي سورهيه بادشاھ جي اڳواڻي ۾ حُر تحريڪ هلندي رهي، هُتي وري ڀڳت سنگھ جهڙن انقلابي مرد مجاهدن جي سرپرستي هيٺ قابض قوتن تي راتاها لڳندا رهيا. اھڙي طرح ''انگريزون هند ۽ سنڌ خالي ڪريو''، ''هجرت ڪريو''، ''ريشمي رومال ۽ انگريز جي شين جو بائيڪاٽ ڪريو''، جهڙن طريقن سان به آذادي پسند هلچل هلائيندا رهيا. ڪڏھن هند ۽ سنڌ جي ويڙھاڪ ڌريون گڏيل نموني ويڙھاند ڪنديون رهيون، ته وري ڪڏھن ڌار ڌار پنهنجي طاقت جي آڌار تي انگريز سامراج کي للڪاريندا رهيا، مطلب ته هڪ صدي تائين ڌارين کي ڌرتي ڌڻين آرام سان رهڻ ڪو نه ڏنو، يا وري ايئن کڻي چئجي ته جيئن سنڌي قوم ماضي ۾ لشڪر ڪشي ڪندڙن سان پنهنجي ننگن، دنگن جي عزت، تحفظ ۽ آزادي برقرار رکڻ خاطر سر ڌڙ جي بازي لڳائي تيئن ئي انگريز سان به توبن، بندوقن، بڙڇين، ڀالن، تلوارن، ڪهاڙين، گهوٻاٽن ۽ ٻين ديسي هٿيارن سان مهاڏو اٽڪايو. ها فرق اهو هيو ته ماضي جي ڪاهي ايندڙ ڌارين جي ڀيٽ ۾ هڪ ته انگريز سامراج وٽ جديد قسم جا هٿيار هيا. ٻيو ته هنن مغلن، ارغونن، اربن ۽ ٻين ڌارين وانگي وڏي پيماني تي مار ڌاڙ، ڦُر لُٽ يا هر طرف بربادي برپا ڪو نه ڪئي. چوڻ جو مقصد ته انگريز سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان اڳ يا پوءِ جتي جتي حاڪميت قائم ڪندا رهيا اتي ڪيترا ئي ترقياتي ڪم ڪار ڪرائي معاشي ترقي جي راھ هموار ڪندا رهيا. نه صرف اهو پر سڀ کان اهم ڳالھ اها به هئي ته ميرن جي صاحبي دوران سنڌي قوم جي اڪثريت کي اهميت ڏيڻ بدران ٿورائي کي نوازيو ويو يا کين برتري ڏني وئي. مثال طور تي مير شيعه مسلق سان لاڳاپيل هئا ۽ عوام سني فرقي سان، اهڙي ريت ميرن جي حڪومتي انتظامي مالي توڙي دفاعي مامرن ۾ بلوچ قبيلن کي فوقيت ڏني وئي ۽ سماٽن کي ڄڻ ته ٻئي درجي واري خاني ۾ رکيو ويو. تنهن ڪري انگريز سان وڏي ويڙھ ڪو نه ٿي، اسان جي چوڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته سنڌي قوم جي گهڻائي جيڪا سماٽ قبيلن تي مشتمل هئي اها وطن جي قومي ويڙھ ۾ مڪمل طور تي شامل ڪو نه هئي، پر اها به حقيقت آھي ته انگريز سامراج سان سنڌ ۾ جيڪا ڊگهي ۽ منظم گوريلا طرز جي لڙائي لڙي وئي ان جو روح روان سورهيه بادشاھ هيو. هو نه صرف آزادي جي ويڙه جو سپھ سالار هيو پر هڪ روحاني رهبر پڻ هيو. تنهن ڪري ڌارين سان جيڪا جنگاڻ ٿي ان ۾ مذھبي رنگ وڌيڪ نمايا رهيو يعنيٰ جتي جتي پير پاڳاري جا مريد به معروف حُر هئا اتي اتي ''وطن يا ڪفن''، ''آزادي يا موت'' واري نالي کي وڌيڪ مڃتا ملندي رهي.
    اسين جڏھن سنڌ تي ڌارين يا انهن جي دلالن سان عوامي ويڙھ جي ڳالھ ڪنداسين ته پوءِ ان ۾ مذھبي يا پيري مريدي جو عنصر ڏسڻ ۾ ايندو. مسلن شاھ عنايت جي ''ڪمانڊ'' واري لڙائي هجي، ''يا ڪلهوڙن جي ميان والي تحريڪ'' توڙي مخدوم بلاول واري ''بلاولي تحريڪ'' هجي. بهرحال اهي سڀئي مثبت تحريڪون ۽ جدوجهدون هيون جن مان سنڌي قوم ۽ عوام کي اتساھ مليو، جيسيتائين پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۽ ھلچل جي ڳالھ آھي ته ان ۾ به هونئن ته سنڌين، بلوچن، پختونن، پنجابين، بنگالين کان علاوه ٻين نسلن جو پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪردار رهيو. پر سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم حصو سنڌين جو هيو جنهن جو مثال سنڌ اسيمبلي مان سنڌ پرست سائين جي ايم سيد پاران ٺھراءُ پاس ڪرائڻ ھيو، جيڪڏھن اهو ٺھراءُ پاس نه ٿئي هان ته پاڪستان جو وجود ناممڪن هيو. خير اهو ڌار بحث آھي ته جنهن شخصيت اهو عظيم ۽ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو اهو پاڪستان کان هٿ ڇو ڪڍي ويو ۽ کيس غدار چئي سالن جا سال جيل ڀيڙو ڪرڻ يا گهر ۾ نظربند ڇو رکيو ويو؟ ان کانسواءِ سنڌي قوم جي قومي قيادت تي غداري جا لقب ڏئي ديوارن پويان واڙڻ حڪومتي ۽ انتظامي سيٽ اپ کان ڄاڻي واڻي پري رکڻ به ڪا عام، مامولي ۽ نظر انداز ڪرڻ جهڙي وارتا ڪونه هئي. پر گڏيل ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ عددي حساب سان وڏي قوم بنگالي هئي. ان سان جيڪو حشر ڪيو ويو جيڪا نسل ڪشي ڪئي وئي، جيڪا انسانيت کي لڄائيندڙ ڪُڌي ڪرت ڪئي وئي يا آئيني قانوني شقن جي پوئواري ڪندي جمهوريت جي سونهري اصول تي عمل ڪري اقتدار شيخ مجيب الرحمٰن جي سياسي پارٽي عوامي ليگ کي ڏيڻ بدران بنگالي ماڻھون نه پر اتان جي زمين کپي واري منفي سوچ جي آڌار تي جيڪا نسوري ڪربلا برپا ڪئي وئي اها ايڏي ته وڏي دردڪٿا آھي جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر کپن يا وري 72هين جشن آزادي واري خوشي واري موقعي تي غير فطري ڪهاڻي لڳندي. باقي 23 مارچ 1940 واري متفقه ۽ گڏيل گهڻ قومي قيادت واري ٺهراءُ کي قرارداد مقاصد ۾ ڇو ۽ ڪنهن تبديل ڪيو، يا گذريل ستن ڏهاڪن تائين ان جي اهم نقطن تي عمل ڇو نه ٿيو ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، انهن جي تهه تائين وڃبو ته اهو به هڪ وڏو الميو آهي ته سنڌين، بلوچن ۽ ڪنهن حد تائين پختونن سان ويساهه گهاتي ڇو ۽ ڪنهن ڪئي، ۽ کين جيڪي سبز باغ ڏيکاري ويراني ۽ رڻ پٽ ۾ ڇو رلايو پيو وڃي، ٽن برادر قومن جا قدرتي وسيلا ڪئين لٽيا، ڦريا ۽ ڦٻايا پيا وڃن. سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن جي اڀري سڀري حڪومتي اختيارين ۾ ڪئين ۽ ڇو مداخلت ڪئي پئي وڃي، يا کين هلڻ ڇو نه ڏنو پيو وڃي، اهي سڀ معامرا قومن کي برابري وارا حق ڏئڻ جي طئه شده اصولن جي ابتڙ ٿي رهيا آهن، جن جو 1940 واري ٺهراءُ موجب پاسداري ڪرڻ جو واعدو ڪيل هيو، ان جو ڀرم ڇو نه رکيو پيو وڃي.
    اسين جڏهن سنڌ سنڌي قوم جي آزادي خودمختياري يا ٿيندڙ ڏاڍائين جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌ ۽ سنڌي قوم صدين کان وٺي مڪمل ۽ جزوي طور آزاد رهي آهي، اتي وري سوين سالن تائين ڌارين، ۽ حملي آورن جي قبضي هيٺ رهي آهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن پنهنجن حڪمرانن جي حڪومت ڏٺي آهي، ڪڏهن وري پرڏيهي پرمارن جي پليت پيرن هيٺان لتاڙبي رهي آهي، سنڌ سنڌي قوم جي حڪومتي، انتظامي، مالي ۽ دفاعي ڍانچي جا والي وارث ڪڏهن برهمڻ، سما، سومرا، پنهور، ٽالپر، ڪلهوڙا رهيا آهن، ته وري ڪڏجن عرب، ترڪ، تاتاري، مغل، منگول، ترخان، پٺاڻ ۽ گورا رهيا آهن، سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن خوشحال، باغ بهار ۽ سکر رهيا آهن، ته وري ڪڏهن بدحال، غمگيني ۽ ڏڪر جي ور چڙهيا آهن، سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن مالي، ذهني، جسماني ۽ روحاني طرح چاڪ چوبند رهي آهي، ته وري ڪڏهن بک، وبائي بيمارين جو شڪار پڻ رهي آهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن فرض شناس قومي غيرت، ۽ رحم دلي واري جذبي سان سرشار، پنهنجا اڳواڻ ڏٺا آهن، ته وري ڪڏهن ظالم، سفاڪ، عياش، قومي غيرت، ۽ انساني نيڪ جذبي کان وانجهيل بزدل حڪمران به ڏٺا آهن.
    چوڻ جو مصقد ته سونهاري سنڌ ۽ ان جا اصلوڪا واڳ ڌڻي مختلف نوعيت ۽ ڪيفيت وارن حڪمرانن جي حڪومتي دور مان ڏکين سکين حالتن مان ٿيندا اچي اڄوڪي حالت ۾ پهتا آهن. هن وقت مٺڙي ملڪ جي فيڊريشن ۾ رهندي سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪهڙين مشڪلاتن، ڏکن، ڏولاون يا سندر، سهانن، ساڀيائن ۽ صدورين گهڙين ۾ گهارن پيا اها به هڪ ڪشيده، پيچيده، سنجيده ۽ گهڻ رخي ڪهاڻي آهي ان مان سنڌي عوام جي گهڻائي ۽ ساڃاهوند ڌريون ڪيترو خوش يا ناراض آهن تنهن بابت نه مختلف ڌرين ۽ فردن جا ڌار ڌار رايا ۽ خيال آهن. هن وقت سنڌي عوام جي سوچ، خواهش اجتمائي مفادن جي حاصلات واري آهي يا انفرادي، ساڳئي طرح هو قومي ڦرلٽ واري انياءُ کي پاڻ لئه خطرناڪ محسوس ڪن ٿا يا وري طبقاتي جبر ۽ ڀوتارڪي ڪلچر کي سنڌي سماج لئه ڪوڙهه جو مرض سمجهن ٿا، ان بابت به ڪا هڪ گڏيل سوچ ۽ عمل نظر نٿو اچي.
    بهرحال هن وقت بظاهر ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته پاڪستان جي چئني قومن، صوبن يا پرڳڻن ۾ جيڪي به صوبائي حڪومتون پنهنجو حڪومتي ڪاروهنوار هلائي رهيون آهن انهن کي جمهوريت جي اصل روحُ موجب هلڻ ۾ مرڪز يا ٻين طاقتور ڌرين جن کي اڄ ڪلهه خلائي مخلوق سڏيو پيو وڃي انهن جي ڪا به رنڊڪ ڪون آهي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ جي پارليامينٽ طاقتور، ۽ مڪمل آزاد آهي تنهن ڪري ملڪ جا ٻيا جيڪي به سول يا عسڪري ادارا آهن اهي ان جي ماتحت آهن، ليڪن انهن ٻڌايل ڳالهين ۾ ابهام ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچي پيو. آخري ڳالهه ته جنهن مملڪت خداداد اسلامي جمهوريه پاڪستان جو اسم گرامي آهي ان جي ٻن لفظن يعني اسلامي جمهوريه جو ڪيترو ڀرم رکيو ويو آهي ان جي واضح نشاني اها آهي ته هڪ ته ملڪ جو جيڪو به مالياتي سسٽم آهي اهو وياج تي ٻڌل آهي، ٻيو ته اسانجي حڪمرانن جي گهڻائي نيڪ صالحن تي مشتمل ڪون رهندي پئي اچي، ٽيون ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو اهڙو ته طوفان اٿيو آهي جو ڪو به حڪومتي ۽ انتظامي ادارو ان جي لپيٽ کان ڪون بچو يا آجو آهي. سوال رهيو جمهوريت جو ته ملڪ جي اڌ عمر فوجي جنرلن جي غير آئيني، غير جمهوري ۽ غيرقانوني آمريت ۾ گذري آهي، ۽ هاڻي به انهن جا اثر ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پسجي رهيا آهن، پر پوءِ به ڪروڙين ملڪ واسين کي جشن آذادي جي مبارڪ هجي جو هو ڪجهه نه ڪجهه آزاد فضائن ۾ گهمي رهيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو