پاڪستان جو مطلب” پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ.!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ

    اڄ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي 14 آگسٽ آزادي جو ڏهاڙو آهي، جنهن جي آزادي جا اڄ مڪمل 72 سال ٿيا.
    هر سال 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ آزادي جي ڏينهن جي نسبت سان هر پاڪستاني خوشي ۽ جوش جذب سان ملهايئندا آهن. 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطع تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، عوام پنهنجي قومي جهنڊي کي هوا ۾ بلند ڪري پنهنجن محسنن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪندو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي قول ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو خيال ورجايو ويندو آهي. حقيقت ۾ اسان ڏاڍا خوش نصيب آهيون ڇو جو اسان کي پنهنجو آزاد ملڪ پاڪستان مليل آهي، هي 14 آگسٽ وارو عظيم ڏهاڙو ڪنهن عيد کان گهٽ نه آهي ننڍا وڏا جوان پوڙها هي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائيندا آهن. هي ملڪ اسان جي عظيم اڳواڻن تمام وڏين تڪليفن ۽ اذيتن مان گذري حاصل ڪيو آهي، پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جو پڻ مرڪزي ڪردار رهيو، قائداعظم محمد علي جناح کانسواءِ سنڌ ڌرتي جون ڪافي هستيون ساڻ گڏ هيون، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڏينهن رات ڪم ڪري آخر ملڪ آزاد ڪرايو. قائداعظم جي نظر ۾ سڀ پاڪستاني برابر هئا کين يقين هو ته مذهب يا ذات پات هڪ پاڪستاني کي ٻئي پاڪستاني کان پري يا جدا نٿي ڪري سگهي. وڌيڪ هن چيو ھو ته توهان ڀلي ڪهڙي به مذهب يا ذات سان تعلق رکندا هجو اوهان سڀ شهري مملڪت جا برابر شهري آهيون، ڪيترائي ڀيرا قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي عوام کي ياد ڏيارو ته پاڪستان خوشحال ۽ وڌيڪ مضبوط ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته عوام بي غرض، ايمانداري ۽ لاطمئو ٿي پنهنجو ڪم ڪري.اسان جو پيارو ملڪ جيڪو اڳ 72 سال هندستان اندر برطانوي سلطنت جي اقتدار جي پڄاڻي ٿيو، ۽ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو جنهن ۾ مسلمانن جو هڪ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو، ننڍي کنڊ ۾ انگريزن، مسلمانن کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو هو ۽ ٻيو ساڻن اقتدار ۾ شريڪ هندن جو به مسلمانن سان تضاد ۽ تڪرار موجود هو،1906ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ڪوشش ڪئي ته هندو ۽ مسلم تضاد نه وڌي ۽ گڏجي ڀائيچاري سان رهن پر هندن جي بالا دستي پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس ان تضاد کي گهٽجڻ بدران ويتر وڌايو، پوءِ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻيا ڪافي سارا مسلمان اڳواڻ ان نتيجي تي وڃي پهتا ته جيسيتائين اسان مسلمانن جو نئون ملڪ نه ٺهندو، تيسيتائين اسان مسلمانن کي سمورا حق نه ملندا، ان کانپوءِ شروع ڪيل جدوجهد سان ملڪ آزاد ٿيو، “پاڪستان جو مطلب” پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جڳهه“ اهو نالو ڪيمبرج جي مسلمان شاگرد چوڌري رحمت علي جي طرفان 1933ع ۾ تجويز ڪيو ويو هو،قائداعظم محمد علي جناح جي قول جي ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو خيال ورجايو ويندو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هر انسان کي پنهنجو و طن ڏاڍو مٺو لڳندو آهي انهي وطن تان ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه يعني پنهنجي جان، مال،عزت آبرو، اهل اولاد قربان ڪري ڇڏيندا آهن ڇو جو وطن جي جيڪ مٽي آهي سا هر ماڻهو لاءِ عظيم هوندي آهي. اسان کي نه صرف 14 آگسٽ جو ڏينهن ڌام ڌوم سان ملهائڻ گهرجي پر اهو اسان جو عين فرض بڻجي ٿو پنهنجي ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ هر ماڻهو سان سچا ٿيون، خدمت ، ايمانداري سان پنهنجي ملڪ سان بي مثال محبت ڪري پڪو پاڪستاني هجڻ جو مضبوط ثبوت ڏيون، اسان زندهه ۽ آزادقوم آهيون غلامي ۾ گذارڻ بدران پنهنجون زندگيون آزادي سان گذايون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو