آندائون عميق مان.ـــ عالمي شاعري جو گلدستو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    تبصرو عاشق چانڊيو

    شاعري اندر جي امنگن ۽ احساسن کي بيان ڪرڻ کان علاوه ھڪ اھڙي غذا بـ آھي جيڪا روح کي گرمائي ٿي,اندر جي جذبن کي زندھ ڪري ٿي ۽ ماڻھو کي زندھ دل بنائي ٿي. شاعري ۾ اھي اٿاھ گھرا خيال هوندا آھن جيڪي انسان کي ھڪ نئين دنيا ڏانھن رجوع ڪرائن ٿا. شاعري انسان جي اندر واري انسان کي جاڳائي ماڻھو ۾ ھڪ نئون انسان پيدا ڪري ٿي جيڪو انسان ھن دنيا جي تمام ماڻھن کان بدلجيو وڃي ۽ ھڪ زندھ دل انسان بڻجيو پوي. اڄ آءٔ دنيا جي اھڙي ئي شاعري جي ڳالھ ڪيان ٿو جيڪا اسان جي اندر ھڪ نئين انسان کي جنم ڏئي ٿي. ان شاعري جي مجموعي جو نالو آھي "آندائون عميق مان."ان عالمي شاعري کي اسان تائين پھچائيندڙ جو نالو آھي رسول بخش پليجو. ھي نالو بـ ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي جو آءٔ ويھي تعارف ڪرايان ۽ نـ ئي ھن مھان شخصيت تي آءٔ پورو لکي سگھان ٿو تنھن ڪري آءٔ سندس ڪيل عاليشان ڪارنامي جي ڳالھ ڪندس جيڪا ھن اسان تائين پنھنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري پھچائي آھي. ڪتاب آندائون عميق مان چونڊ عالمي شاعري جو سنڌي ۾ ڪيل ترجمو آھي جنھن ۾ دنيا جي ڪيترين ٻولين جي شاعري جو ترجمو شامل آھي جنھن ۾ عربي, ويٽنامي, بلوچي, انگريزي, ترڪي, سرائيڪي, بنگالي, جپاني, پشتو ۽ فارسي شامل آھن.

    ھن ڪتاب جي شاعري جي ھر شعر ۾ زندگي جي مختلف پھلوئن بابت ڪيترائي سبق سمايل آھن. انھن شاعري منجھان آءٔ ڪجھ شعر اوھان جي نظر ڪريان ٿو.

    پنھنجي وطن جي وفاداري بابت ھي شعر پڙھو.

    #ياد رک!

    ياد رک!
    تو وٽ تنھنجو عقل ۽ تنھنجو علم,
    تنھنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آھن.
    امتحان پاس ڪري,وطن جي ويرين وٽ ڪرسي ماڻڻ,
    تنھن کان وڏي بي حيائي,ذلالت ۽ غداري ٻي ڪانھي.
    پنھنجي علم کي پنھنجي وطن جي
    ڦٽل نصيب سنوارڻ لاء وقف ڪر!
    پنھنجي حياتي جي پل پل سان,
    قوم جي تاريخ ۾
    سونھن ۽ سينگار پيدا ڪر!
    ***
    ڏسو انھن چند سٽن ۾ ڪيڏو نـ وسيع سبق سمايل آھي اھا بـ شاعري جي ھڪ خوبي آھي تـ جيڪي ڳالھيون گھڻن صفحن تي مشتمل ھجن انھن کي فقط چند سٽن ۾ سلجي مگر ان جي وسعت اھا ئي رھي ۽ جنھن شاعري ۾ اھا خوبي آھي ان شاعري ھميشـ اعلي مقام حاصل ڪيو آھي.

    ان کان علاوه ھڪ ٻيو شعر پڙھو جنھن جي چند سٽن ۾ بـ اوھان تمام گھڻي وسعت ڀائيندا ۽ انھن مان گھڻو سبق پرائيندا.

    "ڪئين سانوڻ بنا برسات جي گذري ويا,
    سرء جي جي ڪيترين موسمن ۾,اڻ مندائتا مينھن بند نـ ٿيا,
    سارين جا ٻج سڪي,سڙي ويا,
    فصل نـ ٿيا,
    ماڻھو ڏاڍا ڏکيا ٿيا,
    ٽيھ ھزار ڪتاب پڙھيا تـ ڇا ٿي پيو!
    (حيف آھي ھن حياتي تي جو)
    وار اڇا ٿي ويا,
    پر ماڻھو اڃا تائين,
    پنھنجي ماڻھن جو ڀرجھلو
    ۽ سندن ڀروسي جوڳو,
    بڻجي نـ سگھيو!
    ٽيھ ھزار ڪتاب پڙھيا تـ ڇا ٿي پيو!
    *-***
    ھنن سٽن ۾ ڪيڏو نـ سبق سمايل آھي تـ رڳو ڪتاب پڙھڻ ئي ڪاميابي ڪونهي جيڪر مون ٽيھ ھزار ڪتاب پڙھيا ۽ ماڻھن جو ڀرجھلو نـ ٿي سگھيس,ماڻھن سان سھڻو سلوڪ پيدا ڪري نـ سگھيس ۽ نـ ئي ڪنھن جو سھارو بڻجي سگھيس تـ پوء منھنجي ٽيھ ھزار ڪتاب پڙھڻ مان ڇا ھڙ حاصل؟

    ماڻھن سان ھمدردي بابت وري ھي شعر پڙھو

    "ماڻھن کي آزارڻ ڇڏ,ٻيو جيڪي وڻيئي سو وڃي ڪر,جو اسان جي شريعت ۾ ان کان سواء ٻيو گناھ ڪونھي."
    ****
    ھن شعر ۾ ماڻھن سان ھمدردي جو اظھار آھي تـ صرف ماڻھو کي نـ آزار جو اھو تمام گھڻو گناھ آھي باقي ٻيا گناھ اسان جي شريعت ۾ ئي ڪونھن.

    ھي ڪتاب انسان دوستي جو ڪيڏو نـ سبق سيکاري ٿو جيڪر ان ڪتاب جي شاعري تي عمل ڪجي تـ زندگي ھوند باغ بھار ٿي پوي.

    ھي سٽون پڙھو ۽ انسان دوستي جو سبق پرايو

    "آء پنھنجي ٻانھن جو ڏاڍو ٿورائتو آھيان,
    جو ماڻھن کي ستائڻ جي طاقت ڪانـ اٿن."
    ****
    شاعر اسان کي انھن ٻانھن جو شڪرگذار ٿيڻ جي تلقين ڪري رھيو آھي جيڪي ڪنھن کان ستائڻ کان قاصر آھن ڇاڪاڻ تـ ستائڻ جي معاملي ۾ ڪمزور ٻانھون ئي طاقتور ٻانھون آھن جو انھن بجاء ستائڻ جي پيار ڪرڻ جي ۽ ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي اگھ آھي ۽ اھا سگھ دنيا جي عظيم سگھ آھي.

    ان کان علاوه مذھب ۾ ڏيکاء ۽ دلي محبت رکندڙ جو فرق محسوس ڪريو

    "خدا خدا ڪندڙ ۽ خدا کي سڃاڻندڙ جي وچ ۾ اھڙو فرق آھي,
    جھڙو حيوان ۽ انسان جي وچ ۾!"
    *****
    ۽ شان ۽ شوڪت سان جيئڻ جو تاڪيد پڙھو

    عزت ۽ سربلندي تلاش ڪريو
    چاھي اھا جھنم ۾ ڇونـ ملي
    ۽ جنت کي خير آباد چئو
    جيڪڏھن اتي ذلت ۽ خواري برداشت ڪرڻي پوي."
    *****
    ھي خيال بـ ڪيڏا نـ نرالا آھن جيڪي ٻڌائي رھيا آھن تـ جھنم (ڪيڏي بـ تڪليف ۾) ھجو پر جيڪڏھن عزت ملي پئي تـ اھو گھڻو آھي پر جيڪر جنت (ڪيڏي بـ آسائش ۾) ھجو پر جيڪڏھن اتي خواري آھي تـ اھا آسائش ئي قربان ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ تـ توھان جي عزت ھر آسائش کان مٿانھين آھي.

    ھڪ ٻيو شعر جيڪو زندگي جو عظيم سبق سيکاري ٿو ھيٺ پڙھو

    "آءٔ انھن لاء جيئان ٿو,
    جيڪي مون کي ڀانئين ٿا,
    ۽ انھن لاء جيڪي مون کي سچو سمجھن ٿا,
    ۽ ان آسمان لاء جيڪو منھنجي مٿان بيٺو مرڪي,
    ۽ ان عظيم مقصد لاء جنھن کي مددگارن جي گھرج آھي,
    ۽ ان ناحق لاء جنھن سان مقابلي جي ضرورت آھي,
    ۽ ان مستقبل لاء جيڪو پري آھي,
    ۽ ان ڀلائي لاء
    جيڪا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت آھي."
    *****
    ھي سٽون بـ ڪيڏي نه وسعت رکن ٿيون جن ۾ سڄي زندگي گذارڻ جو سليقو بيان ڪيل آھي ۽ ٻڌايل آھي تـ مونکي ڪنھن لاء جيئڻو آھي ۽ مان ڪنھن لاء جيئان ٿو ڇو جو زندگي صرف پيٽ ڀري کائڻ ۽ ننڊ ڪرڻ جو نالو ناھي بلڪ زندگي ڪجھ ڪرڻ جو نالو آھي، جيڪي مون کي ڀانئين ٿا انھن لاء جيئڻ زندگي آھي,جيڪي مستقبل پري آھي ان کي حاصل ڪرڻ زندگي آھي ۽ اھا ڀلائي جيڪا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت آھي اھا ڀلائي ڪرڻ ئي زندگي آھي.

    اھا تـ زندگي جي وصف ٻڌائي وئي وري نيڪي جي وصف بـ ٻڌو

    "مونکي پور آيو ۽ مون پڇيو,
    "سچي نيڪي ڇا آھي؟“
    عدالت چيو "انتظام!"اسڪول چيو "علم!"
    ڏاھي چيو "سچ!"
    ڪنواري نينگري چيو "پيار!"ڳڀرو چيو "سونھن!"
    خواب ڏسندڙ چيو "آزادي!"سپاھي چيو "شان!"
    منھنجي دل ڏاڍي ڏک مان وراڻيو,
    "جواب اھو ناھي!"
    پوء مون پنھنجي سيني منجھان نرم آواز ٻڌو,
    "ھر دل اھو راز ڄاڻي ٿي,
    تـ حقيقي نيڪي نالو آھي قرب ۽ ٻاجھ جو"
    *****
    نيڪي جي وصف ڪيڏي نـ شاندار نموني بيان ٿيل آھي تـ حقيقي نيڪي پيار,قرب ۽ ٻاجھ آھي ڇو تـ پيار,قرب اھي شيون آھن جيڪي ماڻھو کي خوبصورت بڻائينديون آھن. سائين امر فياض چواڻي تـ "پيار اھڙي شيءِ آھي جيڪا ماڻھو کي خوبصورت بڻائيندي آھي ڇو تـ جيترو توھان ماڻھن کي ويجھا ويندؤ انھن سان پيار ڪندؤ اوترو اوھان ماڻھن جي نظر ۾ خوبصورت بڻجي ويندؤ ۽ جيترو توھان ماڻھن کان پري ٿيندؤ ۽ انھن سان نفرت ڪندؤ اوترو توھان ڪنا ۽ ڪوجھا بڻجي ويندؤ."

    ۽ اھا حقيقت آھي بلڪل بـ حقيقي نيڪي قرب ۽ ٻاجھ جو نالو آھي. شاھ لطيف بـ ان لاءِ چيو آھي تـ

    نمازون,روزا اي پڻ چڱو ڪم,
    او ڪو ٻيو فھم جيڪو پسي پرينٔ کي."

    ۽ اھو ٻيو فھم بـ آءٔ سمجھان ٿو قرب ۽ ٻاجھ آھي,ماڻھن سان محبت آھي ۽ ان ئي فھم سان پرينٔ کي بـ پسبو آھي.

    ھي شعر بـ پڙھو جيڪو توھان کي سچو ٿيڻ تي بـ اتساھيندو تـ مضبوط ٿيڻ جي صلاح بـ ڏيندو ۽ ٻيا بـ گھڻا سبق سيکاريندو.

    "آئون سچو ٿيندس,
    ڇو تـ اھڙا ماڻھو آھن,
    جيڪي مون تي ڀروسو ڪن ٿا.
    آئون مضبوط ٿيندس,
    ڇو تـ برداشت ڪرڻ لاء ڏک گھڻا آھن.
    آئون دلير ٿيندس,
    ڇو تـ ڪيترائي اھڙا ڪم آھن,
    جي دليري کان سواء نـ ٿيندا.
    آئون ماڻھن جو دوست ٿيندس,
    ڇو تـ غريب ۽ نڌڻڪا گھڻا آھن.
    آئون نماڻو ٿيندس,
    ڇو تـ مون کي پنھنجي ڪمزورين جي خبر آھي.
    آئون مٿي نھاريندس
    ۽ کلندس ۽ پيار ڪندس"
    *****
    ھي سٽون ڪيڏو نـ اتساھ ڏيندڙ سٽون آھن جيڪي انھن ماڻھن لاء سچو ٿيڻ جو تاڪيد ڪن پيون جن جو اسان تي ڀروسو آھي,ان ڪري مضبوط ٿيڻ جي صلاح ڏين پيون ڇاڪاڻ تـ برداشت ڪرڻ لاء گھڻو ڪجھ آھي تنھن لاء مضبوط ٿيڻو پوندو ۽ مون کي نماڻو بـ ٿيڻو پوندو ڇاڪاڻ تـ مان پنھنجي ڪمزورين کان بـ واقف آھيان.ڪتاب ۾ پشتو شاعري بـ شاندار آھي.ڪجھ مثالي شعر پڙھو.

    "رڙ ٿي تـ محبوب کي کٽ تي کڻيو پيا اچن,
    منھنجي دل ٻڏڻ لڳي تـ متان پٺ ۾ ڌڪ لڳل تـ ڪونھيس.

    *****

    اھو بھادري جو فلسفو بيان ڪيل آھي تـ متان محبوب پوئتي ھٽيو تـ ڪونـ آھي,متان ڌڪ پٺ ۾ تـ ڪونـ اٿس ڇو جو بزدل ماڻھو سان ڪھڙو پيار آھي پر جيڪڏھن بيھي مقابلو ڪيو اٿائين ۽ سامھون ڌڪ لڳل آھن تـ پوء اھا خوشنصيبي آھي.ڀلي ان مونکان جدائي ڪئي آھي پر ھو منھنجو ڳاٽ اونچو ڪري ويو آھي.اھو فلسفو لطيف سائين ھن ريت بيان ڪيو آھي تـ

    "ڪانڌ!منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان,
    تـ پڻ لڄ مران جي ھونس پٺ ۾."

    پٺ ۾ ڌڪ ھئڻ مھڻي جھڙي ڳالھ آھي.

    پشتو شاعري جي ترجمي مان ھڪ ٻيو شعر پڙھو


    "جڏھن منھنجو محبوب مون سان گڏ ھوندو آھي,
    تڏھن دھلئ جي تخت تي منھنجي اک بـ ڪانـ ٻڏندي آھي."

    *****

    ھي شعر صرف محبوب تائين محدود ڪونھي.ان ۾ "محبوب" ھڪ اھڃاڻ آھي ۽ اھڙي طرح "دھلي جو تخت" بـ ھر خوبصورت شئ جو اھڃاڻ آھي.اھي اھڃاڻ پنھنجي ڌرتي جي ڪکائين گھر ۽ تاج محلن سان بـ ڀيٽجي سگھجن ٿا تـ جيڪر منھنجو ڪچو گھر آھي پر آءٔ ان سان گھڻو پيار ڪريان ٿو تـ منهنجي لاء دنيا جا خوبصورت محل اھميت نـ ٿا رکن ۽ انھن تي منھنجي اک ئي ڪانـ ٻڏندي آھي تـ اتي آءٔ مٿيون شعر چوندس.يا اھو ئي شعر ھڪ شاگرد جي ڪتابن سان محبت جي اھڃاڻ طور کڻو تـ جيڪر ھو ڪتابن سان محبت ڪري ٿو ۽ ھن جي لاء وڏن ھوٽلن تي چانھ پيئڻ ۽ دوستن سان گھمندو رھڻ محبوب مشغلو ناھي تـ ھو چئي ڏيندو تـ

    "جڏھن منھنجو محبوب مون سان گڏ ھوندو آھي,
    تڏھن دھلي جي تخت تي منهنجي اک بـ ڪانـ ٻڏندي آھي."

    ھڪ ٻيو شعر آھي,

    "جي عاشقي ھجي ھا ۽ جدائي نـ ھجي ھا
    تـ اي خدايا! تو وٽ ڪھڙي کوٽ ٿئي ھا?"

    *****

    ھن شعر ۾ شاعر خدا سان شڪايت ڪئي آھي تـ اي خدايا جيڪر عاشقي ۾ جدائي نـ ھجي ھا تـ تو وٽ ڪھڙي کوٽ ٿئي ھا? تو وٽ تـ ھر شئ آھي,تو وٽ ڪھڙي شئ جي کوٽ آھي جو تو عاشقي ۾ جدائي بـ ڪئي آھي.

    ھي شعر پڙھو

    "الله تنھنجي ماء جي عمر وڏي ڪري,
    جنھن منھنجي لاء تو جھڙو خوبصورت گل پاليو."

    *****

    ھي شعر عاشق جي پنھنجي محبوب جي ماء لاء دعا آھي تـ الله کيس عمر وڏي ڪري جو ھن سھڻو گل پالي ڏنو آھي.

    ان کان علاوھ مولانا رومي جي بـ چونڊ شاعري ڏنل آھي.رومي جا شاعري مان ڪجھ ونڊ ڪجي ٿو.


    "جڏھن ڪو ٻڌڻ وارو ڪونھي,
    تڏھن خاموشي بھتر آھي.
    نااھلن کان جي ڪنھن ڳالھ جو انت
    لڪائي ڇڏجي تـ بھتر آھي."

    *****

    "جيڪڏھن ٻڌڻ وارو ٻڌڻ لاء پياسو ۽ بي چين ھوندو آھي,
    تـ پوء ٻڌائڻ وارو کڻي مئل ھجي تـ بـ اٿي ڳالھائڻ لڳندو آھي."

    *****

    "منھنجا ڀاء!تنھنجي اصل ھستي,
    تنھنجي سوچ آھي,
    باقي تـ ھڏا ۽ سکڻو گوشت آھي."

    *****

    "خواھشون ڀلي ڪر,پر حد اندر!
    گاھ جو ڪانو,
    جبل جو بار کڻي ڪون سگھندو."

    *****

    "خدا جي نظر ۾ ڪنھن ڏکويل جي اک مان ڪريل ڳوڙھو,
    شھيد جي رت جھڙو مقدس آھي."

    *****

    رومي جي ھنن سڀني شعرن ۾ تمام گھڻي وسعت ۽ سمجھاڻي آھي تنھن ڪري انھن شعرن کي ضرور پرکجو.ھي زندگي جي ھر پھلوء بابت سمجھاڻي آھي ۽ ھو ٻڌائي ٿو تـ خواھشون حد اندر ڪيو ۽ ايتريون ڪيو جيتريون توھان برداشت بـ ڪري سگھو ڇو تـ ڪجھ حاصل ڪرڻ لاء ڪجھ وڃائڻو ھوندو آھي ۽ ڏسو تـ اوھان وٽ وڃائڻ لاء بـ ڪجھ آھي يا سکڻو حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آھيو اگر وڃائڻ لاء ڪجھ ناھي تـ پوء حاصل ڪرڻ جي خواھش بـ ڇڏي ڏيو.رومي جي ھڪ وسيع سمجھاڻي تـ پنھنجي سوچ عظيم ڪيو,پنھنجي سوچ سڌاريو جو اوھان ۾ ڪم جي شئ فقط اھا ئي آھي.اھا ئي شئ آھي جيڪي توھان کي عظيم يا گھٽ بڻائي ٿي ڇو تـ باقي تـ انسان رڳو ھڏا ۽ ماس آھي.ڪٿي پڙھيو ھئم تـ "وڏو ماڻھو اھو آھي جنھن جي سوچ وڏي آھي."

    وري ڪجھ خواجـ حافظ شيرازي جا شعر پڙھو جيڪي پڻ سبق آموز آھن.

    "وفا ڪندا آھيون,ماڻھن جون ملامتون سھندا آھيون
    ء خوش گذاريندا آھيون,ڇو تـ
    اسان جي دين ۾ رنج ٿيڻ ڪفر آھي."

    *****

    "جھان ۾ زندگي ايئن گذار,
    جو جڏھن مري وڃين,
    تـ ماڻھو ايئن نـ چون ڪو فلاڻو
    "مري ويو!"

    *****

    "جي قرب جي رسي کي ھروڀرو ٽوڙڻو اٿئي,تـ بـ ايئن ٽوڙ جو جيڪڏھن ڪنھن ڏينھن پنھنجي ڪئي تي پشيمان ٿئين,تـ ان کي وري ڳنڍي بـ سگھين!


    ان کان علاوه ٻيا بـ اھڙا ڪيترائي شعر آھن جيڪي تمام گھڻي وسعت رکن ٿا.ڪتاب ۾ مپجد ڪجھ ڊگھا نظم جنھن ۾ "جھان کي ڏيو مبارڪون","اوھان جي پڄاڻان","اسين خاموش آھيون!","انسان بھرحال انسان آھي"پنھنجا ھٿ سلامت رکو","وقت ڪڍو","مضبوط ٿئ" ۽ "سچو پچو مڙس ماڻھو" شامل آھن.ھن نظمن ۾ بـ ايتري وسعت شامل آھي جو مونکي تشريح پيش ڪرڻ ۾ اوکائي پيش پئي ٿئي تنھن ڪري ھي ڪتاب وٺو,پڙھو ۽ انھن سڀني نرالين ڳالھين کان روشناس ٿيو.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بھترين

    ادا اوھان کي ذاتي پيغام موڪليو اٿم ان ۾ جواب ڏيو يا پنھنجو نمبر موڪليو
     
    عاشق علي چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    ادا ھي منھنجو نمبر آھي 03073151366
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو