1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

اسير ملاح، سنڌ جو مهمان نواز شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,760
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    اسير ملاح، سنڌ جو مهمان نواز شاعر


    ليکڪ ديدار "شام"

    18 آگسٽ 2019

    دنيا جي علمي، ادبي تاريخ ۽ سنڌ جي مفڪر ۽ عالمن جي تعليمات مان اسان پرايو ۽ سکيون آهي ته وطن جي آسودگي، سُک، ڏک ، پيار، امن ۽ آزادي سان جوڙيل شاعري ئي جيئري رهي سگهي ٿي!
    جيڪا شاعري، ادب يا لکڻي وطن سان جوڙيل ناهي ان جي بقا عارضي آهي!
    ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان جو وطن ئي سلامت ناهي ته پوءِ توهان جي شاعري، گيت، غزل، نظم ڪيئن سلامت رهي سگهندا! تنهن ڪري هڪ شاعر يا ليکڪ کي پنهنجي شاعري ۽ لکڻي کي نه رڳو وطن سان جوڙي رکڻ گهرجي پر پنهنجي وطن، مٽي، ديس جي آسودگي، امن، پيار، آزادي لاءِ هر وقت پتوڙڻ به گهرجي.
    اڄ جنهن ماڻهو تي هي مضمون لکان پيو ان ماڻهو جو ڳانڍاپو ۽ ان ماڻهو جي شاعري سنڌ جي آسودگي، سُک، ڏک ،پيار ،امن ۽ آزادي سان جوڙيل آهي.
    جي ها اهو ماڻهو اسير ملاح آهي جنهن سنڌ کي سرتي بڻائي شاعري ڪئي آهي!
    اسير ملاح، ڪوٽڙي کان سنڌو درياءَ جي ڪناري ڳوٺ ڪاري کهي ۾ 6 مئي1975 تي پيدا ٿيو، پرائمري تعليم ڳوٺ ۾, مئٽرڪ ڪوٽڙي بوائيز اسڪول ۾ حاصل ڪئي، ايم اي سنڌي م ڪئي،
    اسير ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد چتو خان مير بحر هو، اسير شاعري جي شروعات 1996 ڪئي.
    اسير، سنڌو درياءَ جو ماڻهو هجڻ ڪري درياهي ٻولي تي مهارت رکندو هو، ٻيڙين، مڇين ۽ درياهي شڪار بابت گهڻي معلومات رکندو هو، اسير ملاح سنڌ جي يگاني عاشق علي بابا جو يار هو،
    سنڌو درياءَ جڏهن به چاڙھ ۾ ايندو هو ته علي بابا ڪوٽڙي کان شيو جي مندر کان ٻيڙي تي سنڌو جو سيئر سفر ڪندو وڃي سندس ڳوٺ ڪارو کھو نڪرندو هو، پوءِ اسير، کيس درياءَ جي مڇي خاص ڪري پلو کارائيندو هو،
    2009 ۾ جڏهن اسير، بيمار هو ته شهيد بشير خان قريشي ڪوٽڙي آيو جيڪو پڻ سندس عيادت لاءِ ڳوٺ ڪارو کھو ھليون هو،
    اسير ملاح شهيد بشير خان قريشي کي پنهنجي اڳڻ تي ڏسي بيمار هوندي به ڄڻ ته چاڪ ٿي پيو هو، سندس اکين ۾ خوشي جي چمڪ اچي وئي هئي،
    ان ڏينهن به هن شهيد بشير خان قريشي جي مهمان نوازي ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي هئي، دل سان سندس آجيان ڪئي سڀني مهمانن کي اجرڪ پاريا ۽ واري ۾ پڪل درياءَ جي مڇي، پلو سندس خدمت ۾ پيش ڪيا، هتي اهو سڀ لکڻ جو مطلب ته اسير ملاح، سنڌ جي قومي تحريڪ جو مهمان نواز شاعر هو، هن وٽ عبدالوحد آريسر سميت ڪيترائي قومي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن مهمان ٿيندا هئا،
    اهو سبب آهي جو سندس شاعري به سنڌ سان جوڙيل آهي، ۽ سندس اڪثر شاعري درياءَ جي ڪناري تي ويهي لکيل آهي!
    هن جي شاعري ۾ سنڌ جو درد ڪجهه هيئن ڀريل هو

    ڇو نه لڇان مان ڇو نه ڪڇان؟
    گھايل گھايل گيت لکان،

    ڪو ڪٿ تڙپي، مان ئي تڙپان،
    ڪو ڪٿ روئي مان ئي روئان،
    ڪنهن جا ڪنهن جا ڌڪ ڌوئان،
    اهيو ڏسي مان ڪين سگهان،
    گھايل گھايل گيت لکان.

    يا ان ساڳي ئي نظم جي ٻئي بند ۾ چئي ٿو ته

    ڪوڙيون خبرون ڪوڙا ڪالم،
    جيڪي، جاهل سي ئي عالم،
    پنهنجن مارا ماڻهو ظالم،
    مڏي ڪاتيءَ ساڻ ڪُسان،
    گھايل گھايل گيت لکان.

    اسير، پنهنجي شاعري ۾ سجاڳي جو سڏ ڪجهه هن طرح ڏنو آهي

    جاڳو جاڳو لاٽ هلي ٿي.
    جاڳرتا جي بات هلي ٿي.
    آڌيِءَ تاءِ اوتارا جاڳن،
    رات سڄي ٿا تارا جاڳن.
    ٽانڊاڻن جي ٽم ٽم جاڳي،
    نيڻا ساوڻ رم جهم جاڳي.
    ڌرتي جاڳي، امبر جاڳي،
    مسجد جاڳي، مندر جاڳي،
    پانڌيڙن جون پُهچون جاڳن،
    لوئيارن جون لوچون جاڳن.
    همت ساڳي هوش به ساڳي،
    جذبا جاڳن جوش به جاڳي.
    بند کولين مان نعرا جاڳن،
    ڏنڊا ٻيڙين وارا جاڳن.
    ويڙيچن جا واهر جاڳن،
    آزاديءَ جا شاعر جاڳن.
    جاڳو جاڳو. لاٽ هلي ٿي.
    جاڳرتا جي بات هلي ٿي.

    اسير، جيئن ته درياءَ جو ماڻهو هو هن جي پرورش درياءُ جي ڪناري تي ٿي، هي درياءُ ۾ ٻڏي تري گوتا کائي درياءُ جو نه رڳو تارو ٿي ويو پر هن درياهي، ٻولي، ٻيڙين، مڇين ۽ درياهي شڪار جو ماهر ٿي چڪو هو،
    هن درياءَ مان لطيف سائين جو اهو سبق به سکيو ته "ٻڌندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجھن " ته هن درياءَ مان اهو علم به پرايو ته

    تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهنجو تُـرَهو؛
    اُونهي ۾ آڻي، ڪو نَه ڏيندُءِ ڪو ٻيو!

    هن کي تانگھي جي اهميت (تڪليف) جي ڄاڻ هئي!
    تنهن ڪري هي قلم مان شاعري ذريعي جيڪو سچ لکندو هو، ان سچ جي اهميت ۽ قرباني جي به هن کي خبر هئي!
    هي ڪڏهن ڪڏهن علي بابا وانگي درياءُ سان ڪچهري به ڪندو هو،
    جيئن سندس هي هڪ نظم آهي جيڪو هن درياءَ جي ڪناري تي ويهي لکيو هوندو،

    گذريا ڪيئي سال ڀٽائي.
    آءُ ته اوريو حال ڀٽائي.

    بيوس ٿري ٿر به ساڳيو،
    ڏور کوهن کان گهر به ساڳيو.
    اُڃيو بکيو مال ڀٽائي.
    آءُ ته اوريو حال ڀٽائي.

    اسير ملاح جو اهو نظم 17 بندن تي مشتمل آهي جنهن ۾ هن سنڌ جا سمورا ڏک ۽ سور لطيف سائين سان اوريا آهن، جيڪو نظم سندس ڪتاب ڌرتي جا گيت ۾ موجود آهي،

    اسير ملاح، جي هن يادگيرين جي گهڙين ۾ اڄ ان ڳالھ جي ضرورت آھي ته اسير جي ورسي کي هر سال ملهايو وڃي ۽ سندس شاعري جي ڪتابن سان گڏ سندس لکيل ڪهاڻين ۽ مضمونن جي ڪتاب کي به ڇپرايو وڃي. اها ذميواري سندس وارثن خاص ڪري سياسي، سماجي طور تي متحرڪ رهندڙ سندس ڀاءُ محمد ملاح ۽ سندس دوستن سميت سنڌي ادبي سنگت جي آهي. جن کي اها ذميواري وڏي سنجيدگي سان قومي فرض سمجهي نڀائڻ گھرجي.

    18 آگسٽ 2019
    Deedarshaam@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو