قمر کوسي جي اچانڪ موڪلاڻي اکڙين ۾ پاڻي

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    قمر کوسي جي اچانڪ موڪلاڻي اکڙين ۾ پاڻي!!!

    اظهر امر

    اوهان جي وري ياد آئي اسان کي
    پئي يار جهوري جدائي اسان کي


    سنڌ جي نگري ۾ جن شخصيتن جو جنم ٿيو تن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم به مليو جن کي پنهنجي حصي جو ڪم مليو انهن وڏي چاھه سان پنهنجي ڪم کي نڀايو آھي

    لکڻ لکجڻ پڙھڻ پڙھڻ سان چاھه هجڻ ڪري مان لکندو رهيو آھيان پڙھندو رهيو آھيان سنڌ کي حصي ۾ ملندڙ ڏکن تي تڙپي لڇندو به رهيو آھيان منهنجي لڇي لکڻ سان ڪنهن تي ڪو فرق پوي يا نه پوي سوء رب بهتر ٿو ڄاڻي باقي مان مٽي جي پتلو آھيان رب پاڪ جيڪا ڏات ڏني آھي انهي جو صحيح استعمال ڪندي بغير ڪنهن جي هٿ کڻڻ تي پنهنجو پاڻ تي هٿ کڻندو رهيو آھيان.

    اڄ جنهن شخصيت تي لکڻ لاء قلم کي هٿ ۾ کڻي تڙپيندڙ تن سان لکي رهيو آھيان اُھو شخص فقيراڻي طبعيت رکندڙ حساس دل ماڻھو قمر کوسو آھي جيڪو هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو سندس وڇوڙي گهڻن کي گهائي ڇڏيو آھي

    مون جهڙن نئين ٽھي جي لکندڙ نوجوان جي همت افزائي ڪندڙ محبوب ماڻهو قمر کوسو جنهن جو جنم پهرين فيبروري 1954ع ۾ ڳوٺ الف کوسو تعلقي رڪ ضلع شڪارپور ۾ ٿيو سندس اصل نالو قمر الدين هيو ادبي دنيا کيس قمر کوسي نالي سان سان منسوب ڪري سڄي جڳ ۾ قمر کوسي نالي سان ڳارائي ڇڏيو سڄي سنڌ قمر کوسي جي نانء سان کيس چڱي طرح سڃاڻي ٿي صدين تائين سڃاڻيندي رهندي.

    ادبي کيتر ۾ قمر کوسي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو قمر کوسي لکڻ جي شروعات 1985ع ۾ ڪئي جنهن کانپوء هو سڄي سنڌ ۾ قمر کوسي جي نالي سان سڏجڻ لڳو پرنيٽ ميڊيا جو دور هيو جڏهن ماڻهن تائين رسالا اخبارون مشڪل سان پهچنديون هيون. انهي دور ۾ جڏهن ڪنهن جي ڪا تخليق شايع ٿيندي هئي تڏهن جنهن شاعر جي تخليق شايع ٿيندي هئي اُھو شاعر تمام گهڻو خوش ٿيندو هيو انهي خوشي مان اتساھه پيدا ٿيندو هيو ماڻهو اڃان وڌيڪ لکندا هئا اڃان به لکڻ ۾ بهتري ايندي هئي

    موجود وقت ۾ نئين ٽهي جي لکندڙ کي تمام گهڻيون سهولتون آھن پر تڏهن به سٺو نٿا لکي سگهن انهي جا سبب ڪهڙا آھن اُھي به ڄاڻڻ گهرجن خير مان ڪٿي جو ڪهڙي پاسي هليو ويس
    رڪ واسي قمر الدين کوسي کي مون سوشل ميڊيا تان ڄاتو سڃاتو مون کي جڏهن ڪٿان ادبي رسالو هٿ ايندو هيو سنڌ جي ٻين شاعرن کانسواء پياري قمر کوسي جي شاعري به پڙھڻ لاء ملندي هئي پوء ڪڏهن ڪڏهن گهري سوچ ۾ وهي سوچيندو هيس تي هي شاعر ڪيڏا نه وڏا ماڻهو هوندو ڪنهن سان ملندا به نه هوندا هُن جي شاعري ماڻهو پڙهي هنن کي ڳوليندا به هوندا

    اُھو دور به ڪيڏو نه پيارو دور هيو ماڻهو ماڻهو جي سڃاڻپ کان اڻ ڏٺي به ڪيڏو نه مداح ٿي ويندو هيو اُھو به دور هيو خير هئير مان انهي قمر کوسي کي تمام ويجهو بلڪه بلڪل پاڻ سان گڏ هجڻ جو سوچيندو هيس قمر کوسو مون سان گڏ ويٺو آھي

    سوشل ميڊيا اسان سڀني کي گڏ ڪري ڇڏيو هيو سڄو ڏينھن فيس بڪ تي آن لائين ڏسي هڪ ٻئي کان حال حوال وٺي وٺندا هئاسين اڄ مان انهي قمر کوسي جي وال کي کولي سندس شاعري پڙهي سندس وڇوڙي تي هنجون هاري روئي رهيو آھيان تڏهن قمر جون اُھي سٽون منهنجي دل کي آٿڪ ڏئي مونسان مخاطب ٿي رهيون آھن.

    اگهي اگهي مان, ٿڪو هان ليڪن
    رڪيو اکين جو ملهار ناهي.

    سندس هڪ وائي جون سٽون هي اُھا وائي آھي جيڪا فيس بڪ جي هڪ سلسلي ۾ هلائي وئي

    اڱڻ ''قمر''جي او پرين
    الله آٹيندئي شل-

    موٽُ مٺل
    آءُ پئي جيئان تو آسري


    قمر کوسو سگهڙ تنظيم سلات جو ميمبر پُڻ هيو سندس شاعري جو هڪ ڪتاب "نقش تنهنجي ياد" ڇپيل آھي جنهن کي ادبي ميدان ۾ وڏي پزيرائي حاصل ٿي تنهن کانسواء گڏيل شاعري جي ڪتابن ۾ به شاعري شامل ٿي. قمر کوسو 65 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب سکر جي هڪ اسپتال ۾ اسان کان وڇڙي ويو سندس وڇوڙي تي سنڌي ادبي لڏو سوشل ميڊيا جا اُهي ساٿي جيڪي قمر سان مسلسل رابطي ۾ رهيا ٿي انهن کي تمام گهڻو ڏک پهتو. ڌڻي در دعاڳو آھيون رب پاڪ پياري قمر کوسي کي جنت فردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو