ولي محمد وفا پلي جو وڇوڙو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    وڇوڙي ۾ ورهين جي هڪ رات ٿيندي!!!!

    اظھر امر

    تنھنجو مشتاق ديد ساري ٿو,
    آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو.

    سنڌي شاعري جو هڪ وڏو نانء ولي محمد وفا پلي جنھن جو جنم 7 ڊسمبر 1944 ئي تي ناري جي هڪ نواب عطا محمد پلي جي گهر ۾ ٿيو سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هيو. ڪنھن کي اُھا ڄاڻ ڪان هئي, ولي محمد اڳتي هلي سڄي سنڌ ۾ وفا پلي جي نانء هڪ سٺو شاعر ٿي اُڀرندو.

    اُھو ولي محمد وفا پلي سنڌي شاعري ۾ غزل جو بادشاھه شاعر ٿي ويو کيس 2004 ۾ ننڊي کنڊ جي وڏي سنڌي ادبي سنگت طرفان وفا پلي کي غزل جي بادشاھه واري ايواڊ سان نوازيو.

    وفا پلي جا غزل موجود دور جي شاعرن کي بيحد پسند آھن, اُھو انهي ڪري جو سندس غزل ڪنھن خوبصورت اپسرا جهڙو ڏيک ڏين ٿا.

    وفا جون سنڌي ادب لاء پيش ڪيل خدمتون ساراھه جوڳيون آھن, وفا پلي سنڌي ادبي سنگت کي ٻه شاعري جا مجموعا ڏنا. جنھن مان هڪڙو "لئون لئون منجھه لغار" ٻيو "درد هزارين هڪڙي دل" جيڪي بيحد منفرد ڪتاب آھن.

    تنھن کان سواء سنڌي ڪافي ۽ غزل جي مشھور راڳي سينگار علي سليم, راڳ جي راڻي عابده پروين ٻيان ڪيترن ئي ڪلاسيڪل فنڪارن وفا جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

    وفا پلي جي شاعري مون نوجوان کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو وفا جا ڪتاب مون کي هٿ ناهن اچي سگهيا باقي وفا پلي جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ٻُڌي آھي ڪڏھن ڪڏھن سوشل ميڊيا جي دوستن جي مهربانين سان وفا پلي جي شاعري پڙھندو رهان ٿو.

    سندس وڇوڙي جو ٻُڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو فجر جو وقت مان ننڊ ۾ هئس گهر جي ٻاهران ايندڙ آواز تي سڄاڳ ٿي پنھنجو سيل فون کڻي ڏٺم فجر جا ٺيڪ ساڍا چار ٿي رهيا هئا. سيل فون تان نيٽ جي ڊيٽا کلو فيس بڪ تي نظر ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪيم جيئن مون فيس بڪ آن ڪيو تي ڪنھن دوست جي پوسٽ تي نظر پئي. سنڌي غزل جو بادشاھه شاعر وفا پلي اسان کان همشه لاء موڪلائي ويو.
    تڏھن اکين مان لڙڪ لاڙي پيا پنھنجي پاڻ کي ڏوراپا ڏيندي چيم سنڌي شاعري هڪ بيباڪ شاعر کان محروم ٿي وئي.

    اپريل جي اُھا گرم رات جنھن ۾ ماڻھو پوئين پهر پوندڙ ٺار سبب سڪون جي ننڊ ۾ هيو تي هي ڏک جي خبر ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿاري چيو اوهان اڄ ڪنھن دلربا شاعر کان محروم ٿي ويا آھيو.

    وفا پلي جو وڇوڙو سنڌي ادب جو وڏو نقصان آھي, سندس وڇوڙي جو خال ڪڏھن ڪون ڀربو. مان رب پاڪ کان دعاڳو آھيان وفا پلي کي جنت جاء عطا فرمائي آمين.

    ڪو به ايندو نه ريگذارن ۾
    راھه ڪنھن جي وفا نهاري ٿو!
     
    باغي راشد ڪوٽڙيو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.
    وفا پلي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو