بھاول خان انڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    بهاول خان انڙ

    بهاول خان انڙ، لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم سماجي شخصيت هئي. سندس والد جو نالو محمد عالم انڙ هو، جيڪو بنيادي طور زمينداري پيشي سان لاڳاپيل هو. بهاول خان تاريخ 10 آگسٽ 1939ع تي پيدا ٿيو. تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”پراڻي آباد“ ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪيائين. جنهن کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين، بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون ورتائين. خدمت خلق جو جذبو هئس؛ انهيءَ ڪري پنهنجي زمينداري مشغلي سان گڏ، سماج سڌارڪ طور پاڻ کي رڌل رکيائين. سال 1983ع ۾ ”سماٽ تنظيم“ جو بنياد وڌائين. سندس خيال هو تہ ”سنڌ ڌرتي، اصل سنڌين جي ملڪيت آهي ۽ اهي ئي هن زمين جا حقيقي وارث آهن“. انڙ خاندان جي هن فرد، تنظيم جي حوالي سان، سنڌين ۾ ثقافتي ۽ سماجي شعور جاڳايو. انهيءَ لحاظ کان سنڌ ۾ بار بار گشت ڪري، ڪافي ڪاميابي بہ ماڻيائين. نتيجي ۾ ”سماٽ تنظيم“ بلڪل غير سياسي پليٽفارم تان مثالي مڃتا ماڻي. هن ٺٽي ۽ ڪينجهر ڪناري تي انهيءَ سلسلي ۾ سيمينار بہ ڪرايا. هن پنهنجي انهيءَ اٽل ارادي کي مستحڪم ۽ مستقيم رکي، هڙان ۽ وڙان وڏا خرچ ڪيا. سندس ڏينهن رات جي لوچ ۽ لوڙ، آخر کيس نِستو بڻائي ڇڏيو ۽ 26 جنوري 1998ع تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.

    حسن پٺاڻ جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو