ميهڙ جي مقتولن جا قاتل ٽياس تي ڪڏهن تنگبا؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    اڄ کان تقريبن 20 مهينه اڳ چانڊيا قبيلي جي مختلف برادرين، پاڙن ۽ فردن، چانڊيا نواب گهراڻي سان اختلاف ڪري چانڊيا تمندار ڪائونسل قائم ڪري رئيس مختيار ميرڙاڻي کي تمندار ڪائونسل جو چيئرمين بنايو ته نواب گهراڻي جي اهم فردن ۽ ڪائونسل جي ميمبرن خصوصن مختيار چانڊيو وچ ۾ تعلقات خراب ٿيڻ لڳا. سوچڻ جي ڳالھ اها هئي ته اڃان ڪائونسل اهو طئه ڪو نه ڪيو هو ته سرداري سسٽم نه کپي يا ڪنهن ٻئي برادري جي نيڪ مرد کي چانڊيا قبيلي جو سردار بنائجي يا وري مذڪوره ڪائونسل کي سردار خان چانڊيو تي ڪي تحفظات يا شڪايتون هيون ان کان پهريون ئي رئيس مختيار، سندس والد ڪرم اللله، ۽ ڀاءُ قابل چانڊيو کي سندس ئي برادري سان تعلق رکندڙ نامي گرامي ڏوهارين ۽ ڪرائي جي قاتلن قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي قهري ڪاروائي پويان مقتولن جي وارثن چانڊيا نواب ڀائرن جي هٿ هئڻ جو نه صرف الزام هنيو پر سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو تي قتل جي سڌي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي. تعجب خير ۽ افسوسناڪ ڳالھ اها پڻ هئي ته جيڪا چانڊيا تمندار ڪائونسل نوابن سان تڪرار ۽ ميهڙ سانحي جو سبب بڻي اها گذريل عرصي دوران غير فعال رهي، تان جو ڪجھ ڏينهن اڳ ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ رئيس ٺارو خان مارفاڻي جي وارھ واري اوطاق تي هڪ اڻ پوري گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ھمراهن تمندار ڪائونسل کي ختم ڪرڻ ۽ نوابن سان ساٿ نڀائڻ جو وچن ورجائڻ کان اڳ اهو به چيو ته ڪائونسل جي قيام جو مقصد برادري جي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ هيو پر ڪن ڌرين ۽ فردن ان مان ذاتي ۽ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. حيرت ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته چانڊيا تمندار ڪائونسل جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ رئيس مختيار کي ٻن گهر ڀاتين سميت بيدردي سان ماريو ويو ته پوءِ جن مفادن جي ڳالھ ڪئي وئي اهي ڪنهن پئي ماڻيا؟! بهرحال تمندار ڪائونسل جي ٺھڻ جا مقصد ڪهڙا هيا؟ قتل ڪير ٿيا؟ ڪائونسل ۽ خود مقتولن جي وارثن سان بيوفائي ۽ ويساهگهاتي ڪنهن ڪئي؟ ۽ ھاڻي وري نواب گهراڻي جي نئين سر بعيت ڪرڻ جا عهد انجام ڪنهن ڪيا؟ اهو ڪنهن کان به ڳجهو پالهو ڪو نه آھي. ۽ ھن وقت مرداني ۽ قبيلائي دقيانوسي سماج ۾ رهندي به هڪ نوجوان ڇوڪري ام رباب چانڊيو وڏي خود اعتمادي ۽ بهادري سان بااثر ڀوتارن سان مهاڏو ڪيئن اٽڪائي رهي آھي اهو هڪ معجزو آھي. وري هڪ ڀيرو ٻيهر ميھڙ جي ٽن گهر ڀاتي شھيدن جي ڪيس جي شنوائي 14سيمبٽر تيائين ملتوي تي وئي. ٻئي طرف فريادي ڌر طرفان سکر دهشتگردي ڪورٽ مان ڪيس ڪراچي ڏانهن منتقل ڪرائڻ واري درخواست تي هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي فريادي ڌر جي استدعا رد ڪندي ڪيس سکر کان ميرپورماٿيلو ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، ڪورٽ سڳوري جي اهڙي فيصلي تي ميهڙ سانحي جي وارث ام رباب چانڊيو بي اعتمادي ظاهر ڪندي سپريم ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪرڻ اعلان ڪندي اهو پڻ چيو ته گهوٽڪي ضلعو سردارن جو ڳڙهه آهي تنهن ڪري اسانکي خدشو آهي ته اتان جا ڀوتار چانڊيه نوابن جو ساٿ ڏيندي ڪورٽ تي اثر انداز ٿين يا وري اسانکي جاني نقصان پهچائيندا. هن وڌيڪ چيو ته سندس ٽن گهر ڀاتين جي بيدردانه قتل ۾ ڄاڻايل چانڊيا نواب ڀائر سوشل ميڊيا ذريعي مون کي ڌمڪيون ڏيارڻ کانسواءِ مون کي ۽ منهنجي عزيزن خلاف منفي مهم هلائي رهيا آھن.ان سموري مامري تي ڪجھ لکڻ کان پهريون ڏٺو وڃي ته اسين جنهن مٺڙي ملڪ ۽ سونهاري سنڌ ۾ رهون ٿا ان جي پياري پوليس، مانوارين ڪورٽ سڳورين جا قائدا، قانون، پروسيجر، مختلف ڪيسن جي ايف آءِ آر درج ڪرڻ، انهن جي جاچ پڙتال ڪرڻ مناسب وقت تي ڪورٽن ۾ چالان پيش ڪرڻ، شاهدن، فريادين، مشيرن جا بيان وٺڻ، ڪيسن ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ انهن وٽان ڪيسن ۾ ڄاڻايل پراپرٽي رڪور ڪري ڪورٽن تائين پهچائڻ کان ويندي وڪيلن جون فيسون ڪورٽ ڪلارڪن توڙي وڪيلن جي منشين جون جيب خرچيون ۽ ٻيا مامرا اهڙا ته پيچيده هوندا آھن جو سالن جا سال ڪيس ڪورٽن ۾ پيا هلندا آھن، اهڙي ٿڪائيندڙ عدالتي چارا جوئي کان بيزاي ٿي فريادي ڌُريون مورڳو ڪيسن تائين هٿ کڻي وڃي ڪنهن ڀوتار وٽ جرگو ڪرائڻ تي مجبور ٿينديون آھن. پر ڪي اهڙيون ڌُريون ۽ فرد به هوندا آھن جيڪي مٿي ڄاڻايل سمورين منجهيل ۽ ڏکين حالتن هوندي به حوصلو ڪو نه هاريندا آھن، اهڙي قانون ويڙھ ڪرڻ وارن مان ميهڙ جي شھيدن جي وارث ام رباب چانڊيو به هڪ آھي. جيڪا گذريل 18 مهينن کان وٺي مسلسل پنهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قاتلن، انهن جي سهولتڪارن ۽ پُشت پناهين ڪندڙن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ هڪ ڏينهن به خاموش نه رهي آھي. پاڻ ان نياڻي سان ٿيل نسوري ڪربلا جي دردڪٿا بيان ڪرڻ وقت اهو واضح ڪندا هلون ته موت هڪ حقيقت آھي جيڪو ڪنهن به ساھ واري چيز خصوصن انسان ذات تي ڪهڙي وقت به اچي ڪڙڪندو آھي. موت جي آڏو ڪا به طاقتور ڌُر يا فرد رڪاوٽ نٿو بنجي سگهي. موت ڪنهنجي ننڍ وڏائي، ٻالڪ پڻي، جواني يا عمر رسيد جي پرواھ ڪو نه ڪندو آھي. موت ڪنهن امير، ڀوتار، سرمائيدار، جاگيردار، ڌاڙيل، رهزن يا وري هاري پورهيت جي ڪاڻ ڪو نه ڪڍندو آھي. موت کي ڪنهن به ماهر ڊاڪٽر جو اعلاج، يا پير فقير جو ڦيڻو، سڳو توڙي منڊ مُنڊي ڪو نه ٿو سگهي. موت فطري هجي يا غير فطري ٻنهي صورتن ۾ اڻ ٽر آھي جيڪو حضرت آدم کان وٺي پيغمبرن، پيرن فقيرن، درويشن، بادشاهن، راجائن توڙي عام ماڻھن کي هن وقت تائين پنهنجي آغوش ۾ آڻيندو رهي ٿو جيڪو سلسلو تاقيامت تائين جاري رهندو. تڏھن ته قرآن پاڪ ۾ اهو واضح فرمايل آھي ته ''قل نفس ذائقل موت''. ها موت جنهن به انسان کي ابدي ننڊ تائين پهچائي ٿو ان جو نيڪيون يا بهتر ڪيل عمل کيس آخرت ۾ عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا. اها به حقيقت آھي ته جڏھن ڪو به انسان جيڪو ڪبيرن گناهن يا پاپن جو مرتڪب نه رهيو هوندو ان جي اسلامي معاشري يا وري سماج جي ريتن رسمن موجب ساراھ ڪبي آھي. ٻئي ڳالھ ته هڪڙا اهڙا به موت هوندا آھن جن جا ڏک گهر ڀاتين، اوڙي پاڙي وارن، ذات قبيلي وارن تائين محدود نه رهندا آھن. هونئن به ڏک جي ڪا به سرحد ڪو نه ٿيندي آھي. اسان جي نظر ۾ ميهڙ سانحو به هڪ اهڙو ڏکوئيندڙ ھيو ۽ آھي جنهن جي ڏک جي ڪا به محدود حد ڪو نه هئي ۽ آھي. ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت بنا ڪنهن سبب جي ٽن گهر ڀاتين جا قتل ٿين ته پوءِ انهن جو درد هر دلين تائين پهچي سگهي ٿو. جنهن جو عملي ثبوت اهو هيو ته ڪرم اللله، مختيار ۽ قابل چانڊيو جي بيگناھ وهايل رت تي پوري سنڌ جا باشعور، باهمت ماڻھون تڙپي پيا. جن پنهنجون سموريون همدرديون شھيدن جي وارثن ۽ نفرتون انهن جي قاتلن ۽ سرپرستن لاءِ ظاهر ڪري ڇڏيون. جيئن ته ميهڙ جي ٽن گهر ڀاتين جي بيگناھ وهايل رت سان انصاف لاءِ در در ٻاڪاريندڙ مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو سنڌ جي باشعور ڌرين فردن توڙي ميڊيا وٽ مڃتا ماڻي چڪي آھي. پر جڏهن ٻه مهينا اڳ هو سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪارو لباس پهري پير اگهاڙا ڪري احتجاجن انصاف جي عدالت ۾ پهتي ته ميهڙ واقعي ڄڻ ته نئون رُخ اختيار ڪري ورتو. هن جي اهڙي اثرائتي احتجاج کانپوءِ ھڪ طرف بي بي سي لنڊن ٻئي پاسي جيو جهڙي مقبول نجي ٽي وي چينل تان هن جا انٽرويو نشر ۽ ڪاسٽ ٿيا ته ظاهر آھي ته ان واقعي جو هڪ ڀيرو ٻيهر جتي ڪٿي وارتائون ورجائڻ لڳيون ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ڀوتارن کان پگهر نڪرڻ شروع ٿي ويا، همراهن ان مامري جي سنگيني کي محسوس ڪندي مصيبتن جي ماريل نياڻي کي ميڊيا تي ملندڙ ڪوريج جي توڙ لاءِ ڪيترن ئي قلم فروش سوشل ميڊيائي پهلوانن کي زرخريد ڪري ميڊيائي ميدان تي لاهي ڇڏيو. جن يارن بنا ڪنهن سوچ ويچار، اصل صورتحال کي سمجهڻ جي ست رنگي سانڊي وانگر ڄڀ کي گردش ۾ آڻيندي ضمير جو سودو ڪري ڀوتارن وٽان ملندڙ مايا ۽ ھدايت تي نئين دور جي سسئي، مارئي ۽ ڀٽائي جي سورمي ام رباب چانڊيو تي بيهودا بهتان مڙھيندي صديون پراڻي دور جي درٻارين جي قلم ۽ ذھني چمچاگيري واري ڪرت کي مات ڏيڻ لاءِ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتا. اڄ ڪالھ سوشل ميڊيا جي نام نهاد مهندارن، ڀوتارن، جي ونگار وهندي جتي پنهنجي آقائن جي تعريف رکندي کين برائي کان آجو مسيت جو ڪک، لڄن جو لڄپال، قبيلي تي ڪرم ۽ قرب جا ڪڪر وسائيندڙ قرار ڏيڻ کان ٻه وکون اڳتي وڌائيندي اهو پڻ لکيو ته چانڊيا سردار گهراڻي جون قومي خدمتون، عوامي اُھڄاڻ، برادري وارن سان ڀلايل ڀلايون، اوڙي پاڙي وارن تي ڪيل احسان، ٻن ڌرين ۾ ٿيندڙ جهيڙن جهڳڙن کي روڪڻ يا انهن جا انصاف ڀريا اهڙا ته فيصلا ڪندا پيا اچن جن جي ڀيٽ نوشيروان واري ڪيل انصاف سان ڪري سگهجي ٿي. نه صرف اهو پر سوشل ميڊيا جي ٻولهڙين، پوليس جي هڪ بدزمانه آفيسر جنهن ڀوتارن جا ڪيس مان ڄاڻايل نالا جاچ دوران خارج ڪري ڇڏيا هئا ان جي واکاڻ ۾ به وسان ڪو نه گهٽايو. جنهن پير محمد شاھ ايس ايس پي لاءِ انصاف قانون جو احترام ڪندڙ ۽ ٻين انمول سوکڙين سان نوازي ڇڏيو. ان پاران سنڌ ۾ ماڻھو مار هلايل مهم جنهن کي پوليس جي ٻولي ۾ ڦل فراءِ ھاف فراءِ چيو ويندو آھي جهڙن غير قانوني، غير انساني، غير اخلاقي شروع ڪيل ڪُڌي ڪرت تي به ست پوش رکي ڇڏيا. پاڻ بحيثيت هڪ هلڪي ڦُلڪي ليکڪ جي اهو واضح ڪنداسين ته ذاتي طور تي ڀوتارن سان ڪا به منهنجي رنجش، بغض يا ساڙ ڪو نه آھي. نه وري مون ميهڙ ۾ شھيد ٿيل ٽئين فرد ڪڏھن به اکين سان ڏٺا هيا ، پر انسانيت ناتي مقتولن ۽ انهن جي وارثن سان همدردي ڪرڻ ضروري ٿيو پوي، جيڪا اڳ به ڪئي آھي هاڻي به ڪري رهيا آھيون جيستائين سوال آھي چانڊيا ڀوتارن جي حب الوطني قومي ڪردار عوامي همدردي ۽ پنهنجي برادري سان بهتر نموني هلڻ جو ته اها حقيقت آھي ته سنڌ جي ڀوتارن ۾ اهڙي قسم جون ڪي به خوبيون نه ماضيءَ ۾ رهيون آھن نه هال ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون نه وري مسقتبل ۾ انهن مان اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، مثال طورتي سنڌ جي سردارن جي سنڌ سان محبت جو هڪڙو انوکو ڪارنامون هن ريت آھي، 22 مئي 1843ع تي انگريز عملدار سر چارلس نپيئر وٽ حيدرآباد ۾ هنڌ ۽ سنڌ جا 8 هزار مختلف قبيلن جا سردار جاگيردار ۽ سندن 12هزار خاص ماڻھو اچي حاضر ٿيا جن سڀني گوري سرڪار سان عهد وفا نڀاهڻ يا پنهنجي وطن قوم سان غداري ڪرڻ جو وچن ورجايو اهڙن سردارن ۾ ان وقت چانڊيا قبيلي جو سردار نواب ولي محمد خان چانڊيو به شامل هيو جنهن موصوف کي انگريز سرڪار گولڊ ميڊل جهڙي انمول سوکڙيءَ سان نوازي ڇڏيو هيو، نه صرف اهو پر انگريز سرڪار جي هڪ صديءَ تائين جيڪي بيٺڪيت هت رهي ان پوري عرصي دوران جيڪي به چانڊيا سردار هيا اهي سڀ جا سڀ ڌارين سامراجين جا ٻڌا ٻانهان ۽ جيءُ حضوري رهيا، ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين جيڪي به سردار صاحب رهندا پيا اچن انهن ون يونٽ مار شل لائن ۽ سول ڊڪٽيٽرشپ جا خاص ماڻھو رهندا پيا اچن، جتي هنن جو قومي ڪردار مثبت ڪونه رهيو آھي اتي وري پنهنجي قبيلي جي عام ماڻھن کي گولو غلام محسوس ڪندا پيا اچن، ستم ظريفي جي ڪهاڻي اها به آھي ته سردار گهراڻي جا فرد هڪٻئي جا به تاقائون رهندا پيا اچن، اهي موصوف ذاتي ۽ سرداري مفادن جي حاصلات لاءِ ڪڏھن پنهنجي پيئرن ڪڏھن پنهنجي چاچان ڪڏھن سڳن چاچن سان به توهين آميز رويو ۽ عمل ورجائيندا پيا اچن، هنن جي اهڙن منفي ڪردارن جو ڇيد اتي به ڪونه ٿو ٿئي پر پنهنجي ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ مختلف ذاتين پاڙن کي هڪٻئي سان ويڙھائيندا ڪن جي حمايت ڪن جي مخالفت ڪندي سندن ذاتي مال ملڪيت تي زبردستي قبضو يا وري هنن جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو وٺندي خريد ڪندا پيا اچن، چوڻ جو مطلب ته ڀوتار ڪنهن به وقت ڪهڙي به ريت پنهنجي قبيلي لاءِ آزار ۽ گنڀير مسئلا پيدا ڪندا رهن ٿا، چوڻ جو مطلب ته هڪ قبيلي جي سردار يا وڏي جي ناتي جيڪي منجهن خاصيتون هجن انهن منجهان پاڻ وارا ڀوتار ڪونه آھن، باقي رهيو سوال ميهڙ جي المناڪ سانحي جو ته اها به حقيقت آھي ته ڪرم الله ۽ ان جي پٽن خاص ڪري مختيار چانڊيو جا نواب ڀائرن سان ان خوني واقعي کان سال ڏيڍ اڳ تائين تمام بهتر ۽ پنهنجائپ وارا تعلقات قائم ٿيل هئا اهڙن ويجهڙائپ وارن لاڳاپن ۾ وڇوٽيون ڪيئن پيدا ٿيون اها خبر ته ڌرين کي ئي هوندي پر ظاهري طورتي جڏھن چانڊيا تمندار ڪائونسل وجود پزير ٿي ۽ ان جو چيئرمين مختيار چانڊيو ٿيو ته پوءِ وڏن ڀوتارن ۽ ننڍن ڀوتارن جا برادرانا تعلقات وکرجي ويا اسين اهو ڪونه ٿا چئون ته ميهڙ جي مقتولن واري قهري ڪاروائي ۾ ڀوتارن جو سڌو يا اڻسڌو هٿ هيو يا نه، پر جنهن وقت اهو واقعو رونما ٿيو ته هر طرف کان اهي چوٻول ٿيڻ لڳا ته ڇا اهڙي خوني وارڌات ۾ ڀوتار ملوث ٿي سگهن ٿا، ان گمان کي تقويت تڏھن ملي جڏھن مقتولن جي وارثن ڀوتارن تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي بس پوءِ ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڀوتارن جو ڪردار مشڪوڪ رهند پيو اچي. موجوده مرداني سماج، فرسوده ۽ نيم قبيلائي جاگيرداري نظام ۾ هڪ عورت جنهن کي چوديواري تائين محدود رکڻ جون هدايتون ڏنيون وڃن يا فتوائون جاري ڪيون وڃن، جتي طبقاتي متڀيد چوٽان چوٽ هجي، جتي عورت جو گهران نڪري سرڪاري يا پرائيويٽ ادارن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ يا وري شهر جي بازارن ۾ خريداري ڪرڻ تي آڱريون کڄنديون هجن اهڙي دقيانوسي دور ۾ ام رباب چانڊيو پاران پنهنجي پيارن گهرڀاتين جي قاتلن انهن جي سرپستي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي ئي قبيلي جي طاقتور سردارن جيڪي سنڌ سرڪار جي حڪمران پارٽي جا چونڊيل عيوضي پڻ هجن انهن کي انصاف ۽ قانون جي ڪٽھڙي ۾ اڀپيرو بيهارڻ ڪا عام ۽ معمولي ڳالهه نه پر هڪ معجزو آھي، اسين جڏهن ميهڙ سانحي تي ڪجهه لکي رهيا آھيون ته اها به حقيقت آھي ته پاڪستان جي موجوده ۽ مروج قانون موجب پوليس، انتظامي ادارا توڙي ڪورٽون قانوني، اخلاقي ۽ ڪٿي ڪٿي مالي حساب کان فريادي ڌرين يا فردن جي جائز مدد ڪرڻ جي پابند هوندي آھي، مثال طورتي فريادي ڌر کي سرڪاري وڪيل بغير معاوضي جي مهيا ڪري ڏيڻ يا جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان ويندي ڪيس کي هڪ ڪورٽ کان ٻئي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ چوڻ جو مطلب ته متاثر ڌر ۽ فرد کي اها سهولت ڏيڻ جنهن جي قانون پوليس ڪورٽ جي قائدن ۾ اجازت مليل آھي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي پر افسوس ته اسان وٽ ان جي ابتڙ دنڌا ٿيندا رهن ٿا جنهنڪري ڪنهن ڏوهه جي اصل ڏوهاري ۽ ان جي پشت پناهي ڪندڙن کي جوڳي سزا ڪونه ٿي ملي. جهڙي ريت ڪيس سست رفتاريءَ سان هڪ ڪورٽ کان ٻئي ڪورٽ ڏانهن شفٽ ٿيندو پيو اچي ته ان مان لڳي ٿو ته اهڙي ڪيس کي ڍر ڏيارڻ پويان ڪي طاقتور هٿ آھن جيڪي ظاهري طور تي ته ڀوتار ئي ٿي سگهن ٿا، بحرهال اصل مامرا ڪهڙا به هجن پر ميهڙ سانحي جو هاڻ منطقي انجام ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهو مڃيل اصول آھي ته انصاف ۾ دير ڪرڻ به انصاف جي قتل برابر آھي، آخر ۾ اسان سڀني اهل قلم کي گهرجي ته ڪنهن ڌر جي ونگار وهڻ يا ڪنهن ڌرسان ساڙ ۽ بغض کان پاسو ڪرڻ جي تڏهن ئي ميهڙ جي مقتولن جي روحن کي ابدي راحت ملندي ۽ انهن جي وارثن جي دلين تي ٿڌي پاڻيءَ جو ڦڙو پئجي سگهي ٿو. آخري ڳالهه ته ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب پوليس ۽ عدالتون ڪنهن به فرياد ڌر کي جائز ۽ مناسب مختلف قسم جو رليف فراهم ڪرڻ جا ذميوار آهن، تنهن ڪري ميهڙ سانحي جي فريادي ڌر کي به رياستي سپورٽ ڪرڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو