سنڌ ۾ طبقاتي تعليم جا سماج تي اثر

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ايس ڪي سوڍر

    دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ترقيءَ جو راز گهڻن سببن مان هڪ اهو به آهي انهن ملڪن جي تعليم هڪجهڙي آهي. اڪثر ڪري يورپ جا ملڪ انهي ڪري ترقي ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن جي اسڪولن جي بناوت ۾ تفاوت ضرور آهي پر انهن اسڪولن ۾ سليبس ساڳيو پڙهايو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اهي ملڪ ايشيا جي ملڪن کي لاڀ ڏئي رهيا آهن ۽ جهجو پئسو ڪمائي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ هڪجهڙي تعليم جيڪري ٻار پنهنجي فطري صلاحيتن سان پنهنجي ملڪن کي مالا مال ڪري رهيا آهن. حضرت محمد صلعم جيڪو يورپ توڙي اوڀر جي ملڪن ۾ وڏي انقلابي سوچ رکندڙ ۽ وڏي ۾ وڏو معلم ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. انهي پنهنجي طبقاتي سماج کي ظلم، ڏاڍ، وڏائي ۽ هٺ ڌرمي کي ختم ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو لکيو وڃي ٿو ته، حضرت محمد صلعم جيڪا تعليم ڏني اها هڪجهڙي هئي. بزنس مين ابوبڪر هجي يا دولتمند حضرت عثمان غني رضه هجي. غلام بلاول حبشي هجي توڙي ٻانهو زيد بن حارث هجي. انهن سڀن کي گڏي هڪ هنڌ ساڳي تعليم ڏني ويندي هئي. جنهن ۾ علم سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت هوندي هئي انهن کي ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو. هڪجهڙي تعليم کي اپنائڻ جيڪري انهي ملڪ ۾ امن جا اعلان ٿيا، ترقي جا هوڪا هليا، پوءِ انهن همت وارن انسانن جا مقبرا ۽ نشانيون ايتريون ته عظيم ۽ مقدس بڻجي ويون جو دنيا جا ماڻهو انهن کي ڏسڻ لاءِ روزانو ايترا ته اچن ٿا جو اهو ملڪ يورپ کان به ترقي ۾ وڌيڪ آهي ۽ سڄي دنيا جو هر هڪ ملڪ هن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندو آهي ۽ ايڪانامي ترقي ڪندو رهندو آهي.

    خاص ڪري سنڌ ۾ ته الٽي گنگا بهتي هي. سنڌ ۾ رهڻي ڪهڻي جا به طبقا آهن ته تعليم ۾ به طبقا آهن انهي طبقاتي تعليم جيڪري سنڌ جي ستر سيڪڙو ٻارن کي صحيح تعليم نٿي ملي سگهي. انهي ڪري سنڌ جي اڪثر آبادي جو وڏو حصو مفلسي ۾ گذاري رهيو آهي. اهي مڪمل طور تي پنهنجو پيٽ نٿا ڀري سگهن ته اهي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پئسن جي تعليم ڪيئن ڏياري سگهندا! ۽ اهي ٻار پنهنجي گهر، سماج ۽ ملڪ کي پنهنجين صلاحيتن سان ڪيئن ٽمٽار ڪري سگهندا! سنڌ ۾ تعليم جو پهريون طبقو جنهن ۾ ٻار ملڪ جي مهانگن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا يا بيرون ملڪ لنڊن، آمريڪا، چين وغيره ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهي ٻار اسان جي ملڪ جي انهن ماڻهن جا آهن جيڪي وڏا سياستدان، بيروڪريٽس، وزراع آهن جيڪي پنهنجي ٻارن جي ذهن ۾ فيڊ ڪري ڇڏيندا آهن ته حڪومت ڪيئن ڪجي (How to rule) ۽ ماڻهن کي استعمال ڪيئن ڪجي! انهن ماڻهن جو سنڌ جي ماڻهن جي ساهه تي به قبضو آهي. سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌي ماڻهو پهرين طبقي جي ڄار ۾ ڦاٿل ضرور آهن. انهن ماڻهن جي حڪم کانسواءِ انهن جي علائقن ۾ پکي به پر نٿا هڻي سگهن. اهي ماڻهو ضلعي تي ٻه چار آهن جن کي تعلقا ورهائي ڏنل آهن. انهن کي هر هڪ تعلقي جي هر ڊپارٽمينٽ مثلن ايريگيشن، واپڊا، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ مان حصا ملندا رهندا آهن. باقي اليڪشن ۾ هنن جا خاص پٺا هوندا آهن جن جي ڪري اليڪشن کٽندا آهن انهن مان ڪن کي ڪنهن نه ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ڪندا آهن وري اهي پٺا ڊپارٽمينٽ کي ستين فارم تي چڙهيل ملڪيت سمجهي لٽيندا آهن.

    سنڌ ۾ تعليم جو ٻيو طبقو آهي جيڪي به ٻار ملڪ جي بهترين اسڪولن بهترين ٽيوشن سينٽرن تي پڙهندا آهن اهي ٻار اڪثر ڪري ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسرس ۽ ايس پيز، ليڪچرار بڻجي ويندا آهن. انهن ٻارن جا والدين تعلقن جا امير، وڏيرا مٿئين طبقي جا پٺا وڏا واپاري يا جن کي اڳي کان ئي انهن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون آهن. هنن جو ڪورس وري پهرين طبقي کان مختلف آهي. هنن جي سکيا ئي اهڙي هوندي آهي ته پئسو ڪمائڻو آهي. اهڙا اڪثر ڪري پئسا ڪمائڻ واري مشين ٿي ويندا آهن. پنهنجيون آرزو ۽ تمنائون ختم ڪري پئسن جي پويان هوندا آهن ۽ پنهنجي اولاد کي پاڻ جهڙو يا اڃا به مٿي پهچائڻ ۾ رڌل هوندا آهن. هي ماڻهو اڪثر پنهنجي ٻارن جون مارڪون بورڊ مان پئسن تي وٺندا آهن. انهن ماڻهن مان ڪجهه چاهيندا آهن ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي سرشتو هجي ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو اڪثر سنڌ جي يتيم، مسڪين، مفلس ماڻهن سان سڌو سنئون ڊائريڪٽ واسطو آهي. اهي غريبن جي ڏکن سکن کان خوب واقف آهن پر انهن لاءِ وڏي جستجو ناهن ڪندا ڇاڪاڻ ته اهي پهرين طبقي جي ماڻهن جي نڪتل گول دائري کان ٻاهر ناهن نڪري سگهندا. اهو ئي سبب آهي جو انجنيئرن جو داروگا ۽ بيلدار به حڪم ناهن مڃيندا. اها ڪا لاجڪ منطق ناهي پر داروگا ۽ بيلدار پهرين طبقي جي ماڻهن جا کنيل هوندا آهن.

    ٽيون طبقو تعليم جو جنهن ۾ انهن ماڻهن جا ٻار آهن جن کي 50 کان 150 جريب زمين آهي يا پنهنجي شهر جا سٺا واپاري آهن يا ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي ٽيچر آهن. اهي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ گهڻو ٻاهر نٿا موڪلن پر اهي شهر جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پنهنجي ٻار کي سٽر جي حيثيت سان پڙهائيندا آهن. ڇاڪاڻ تٿ اهي پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر، انجنيئر، ڊائريڪٽر ڪرڻ چاهيندا آهن. انهن مان ٿورا بورڊ جو سهارو وٺندا آهن. انهن مان ڪو تيز ذهن وارو مٿي پهچي ويو ته وهوا! نه ته هي ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي، ڪلارڪ، هيڊ ڪلارڪ جي عهدن تي به راضي هوندا. هن طبقي جي تعليم جو ڪوبه هڪ ڪورس نه هوندو آهي. هر پرائيويٽ اسڪول جو پنهنجو ڪورس رکيل هوندو آهي. سچل وارا اڌ گورنمينٽ اڌ آڪسفورڊ پڙهائن ته بچل وارا سڄو آڪفورڊ ڪورس پڙهائن. لطيف پرائيويٽ اسڪولن وارا آمريڪا جو ڪورس پڙهائن ٿا ته مهراڻ، آءِ بي اي ۽ سيف وارا پنهنجا ڪورس پڙهائن ٿا.

    سنڌ ۾ چوٿون طبقو تعليم جو جنهن ۾ انهن ماڻهن جا ٻار اچي وڃن ٿا جيڪي مسڪين، پيٽ بکايل، مزدور، هاري، ڪمي، خاسبي، پٽيوالا، گڏهه گاڏي وارا يعني اهي جيڪي پاڻي پيئڻ کان گهڻو پنهنجو پگهر ٿا وهائن. هنن ماڻهن کي جيتري خوراڪ ملندي آهي انهي کان گهڻو وڌيڪ پنهنجي انرجي ضايع ڪندا آهن. ساڳئي ڪلاس جا ماڻهو پهرين طبقي جي ماڻهن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. هي ماڻهو پنهنجو اربين رپين جو قيمتي ووٽ هنن جي زندگي مان ڏک ۽ غم کي ختم ڪرڻ جهڙي قيمتي ووٽ کي مجبورن 500، 1000 جي عيوض کپائي وڪرو ڪندا آهن. ڇو وڪرو ڪندا آهن؟ ڇاجي لاءِ وڪرو ڪندا آهن؟ انهي سوالن جو وڏي ۾ وڏو جواب هي آهي ته هي ماڻهو بک تي روز جيئندا ۽ مرندا آهن. هن طبقي جي ماڻهن کي پنهنجي بک کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اولاد کي کائڻ جائز هجي ها ته هي طبقو ڪڏهن به پنهنجي اولاد گوليون هڻي ماري نه ڇڏي ها بلڪه پنهنجي اولاد کي پنهنجي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ڪچو کائي ڇڏين ها. هنن ماڻهن جي آبادي سنڌ ۾ 70 کان 75 سيڪڙو آهي. هي ماڻهو اڪثر ٻهراڙين سان تعلق رکن ٿا. هنن ماڻهن جا ٻار گورنمينٽ جي اسڪولن ۾ داخل آهن. هنن ٻارن جي پڙهائي ۾ ڪو به مسئلو نه آهي پر ڄاڻي واڻي هٿرادو ڪيترا ئي مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن. ڇاڪاڻ ته هي صحيح تعليم حاصل ڪندا ته پهرين طبقي لاءِ وڏا مسئلا کڙا ٿيندا جن مان ڪجهه هي آهن ته پهريون طبقو چاهي ئي نٿو ته هنن ماڻهن جي ٻارن ۾ هڪجهڙي تعليم ته ٺهيو پر تعليم جو معيار بهتر نه هجي. جيڪر هنن ماڻهن جي ٻارن کي سٺي تعليم ملي ته پهرين طبقي کي سائين ميان ڪرڻ وارا کٽي ويندا. ٻيو سبب ته جيڪڏهن گورنمينٽ اسڪولن ۾ جيڪي بالا آفيسر آهن اهي پهرين طبقي جا رکيل آهن. ٽيون مسئلو اسٽاپ جو آهي ڪٿي 300 ٻار آهن ته 3 استاد آهن وري ڪٿي 10 ٻار آهن ته 5 استاد آهن.

    اکين ڏٺو احوال ٻڌو. اسان جي ڳوٺ ممتاز آباد سوڍر ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول آهي انهي اسڪول مان پنجون پاس ڪندڙ ٻار ڪي انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽري لاءِ ڪوائليفاءِ ڪري رهيا آهن. انهي لاءِ توهان کي پڪو ثبوت اهو ڏيان ته آءِ بي اي ادارو جيڪو گورنمينٽ جي پنجين ڪلاس جي ٻارن امتحان وٺندو آهي ته توهان ان جي ويب سائيٽ کوليندا ته رزلٽ ۾ ٽاپ-ٽين ۾ وڌيڪ ٻار جي. بي. بي. ايس ممتاز آباد سوڍر جا هوندا آهن ۽ آءِ بي ادارو جيڪو اسڪالرشپ تي گورنمينٽ جا ٻار کڻن ٿا اهي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ مان جي. بي. بي. ايس ممتاز آباد سوڍر جا آهن. انهي اسڪول ۾ اعليٰ تعليم ٿي رهي آهي انهي اسڪول جو ايڇ ايم ايفل هولڊر آهي. انهي اسڪول مان ٻيو سال آهي ته ٻن استادن جون آءِ ڊيز بند ٿي ويون آهن. هڪ استاد ايڇ ايم بي. پي. ايس 17 ٿي ويو آهي ۽ هڪ استاد جي بائيو ميٽرڪ ٻئي هنڌ ٿي وئي آهي. يعني ته اهڙي معياري اسڪول مان چار ٽيچر نڪري ويا آهن ته انهي جي جاءِ اسڪول هيڊ ماستر سميت 3 ڄڻا 250 شاگردن کي ڪيئن ٿا معياري تعليم ڏئي سگهن. يا ته اهي گهوڙن جي ريس وانگر ڊوڙي تعليم ڏيندا هوندا يا وري هيٺئين ڪلاس جو معيار ڪيرايو هوندائون. اهڙي اسڪول ۾ ٻن سالن کان ٽيچنگ اسٽاپ گهٽ آهي. ڳوٺاڻا اعليٰ آفيسرن تائين دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن پر افيسرن جي ڪن تي ڪا جون به نٿي چري. وري هڪ ڏينهن ٻئي ڊگري ڪاليج ڏانهن وڃڻ ٿيو ته اتي پرفيسرس، ڪلارڪز پٽيوالن سميت لڳ ڀڳ 30 جو اسٽاپ ٻاهر ايئن ويٺا هئا جيئن سمونڊ ڪناري پنگوئن ويٺل نظر ايندا آهن. مون هڪ پروفيسر کان سوال ڪيو ته توهان پڙهايو ڇو نٿا ٻاهر ڇو ويٺا آهيو؟ جواب ۾ چيائين ته ٻار ڪل ريگيولر 12 آهن سراسري وڌي ته پڙهائي شروع ڪنداسين. مان پروفيسر کي چيو ته توهان انهي 12 ٻارن کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻايو ته ٻي سال 12 هزار ٻار توهان وٽ داخلا لاءِ ايندا. پروفيسر کي منهنجي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ پنهنجو منهن ايئن ڦيرايائين جيئن ڪا رڍ ڦيٽي آهي.

    خير، پاڻ ڳالهه پئي ڪئيسون تعليم ۾ هٿرادو پيدا ڪيل مسئلن جي ته، تعليم ۾ ڇوٿون سبب ڪاپي ڪلچر جو آهي. ڪاپي ڪلچر چوٿين طبقي جي ٻارن جي زندگي جو قاتل ڪلچر آهي جنهن ڪري چوٿين طبقي جي ٻارن جي تعليم حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي بلڪه ناممڪن آهي. ڪاپي ڪلچر جو نقصان ته ڪثير آهي. هن موضوع تي نون جلدن وارو ڪو ڪتاب لکجي. پر هتي ڪاپي ڪلچر جو هڪڙو نقصان ٻڌايان ٿو جنهن مان سڀئي نقصانات جنم وٺن ٿا. ڪاپي ڪلچر جيڪري ڇوٿين طبقي سان واسطيدار ٻارن جون فطري صلاحيتون پاڙ کان ئي ڪٽي ختم ڪيون وڃن ٿيون. انهن ٻارن جي سوچ، سمجهه، ڏاهپ، دانشمندي ۽ فهم کي ناڙ ڪيو وڃي ٿو.

    پنجون سبب آهي ڊيوٽي نڀائڻ جو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪجهه ماڻهو وڏيرن جا کنيل آهن، ڪجهه پٺا کنيل آهن. اهي ڊيوٽيون تٿ ڪندا ئي ناهن باقي بايوميٽرڪ واري اچڻ جي وقت خبر ئي ناهي پوندي ته ڪيئن ملائڪن وانگي اچي اسڪول پهچي ٿا وڃن. بايوميٽرڪ وارا صاحب به حلال حرام جي ڪاتي آهن. جيڪي استاد سڄو مهينو ڊيوٽيون نڀائن، گهر جي ضروري مسئلن جيڪري هڪ ڏينهن اسڪول نٿا اچن ته اتفاق سان سڳي ڏينهن بايوميٽرڪ وارو به پهتو ته ان کي غيرحاضر ڪيو ويندو ۽ شوڪاز نوٽيس پڻ ڏنو ويندو. جيڪي انهن کي پئسا کارائن ته انهن سان ڀاڙي واري مينهن وانگر ميڻ لڳا پيا هوندا.

    اڄ سنڌ جي حڪمرانن کي واضح لفظن ۾ چئجي ٿو ته سنڌ مان طبقاتي تعليم جو رجحان ختم ڪيو ته جيئن سنڌ جو غريب ٻار به هڪجهڙي تعليم حاصل ڪري ۽ وزيرن جو ٻار به هڪجهڙي تعليم حاصل ڪري. جيڪو ٻار وڌيڪ ذهين ۽ محنتي هجي ته اهو ئي اڳتي اچي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي. پوءِ جڏهن غريب ۽ امير جو ٻار هڪجهڙي تعليم حاصل ڪندو ته انهن ۾ محنت، لڳن ۽ تخليق جا جوهر پيدا ٿيندا. پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونهي جو اسان جي سنڌ جا ٻار ٻين صوبن جي تعليي ميدان ۾ هڪجهڙا هوندا ۽ پوءِ جيڪو سنڏ ۾ طبقاتي تعليم جيڪري طبقاتي سماج جڙيل آهي اهو به آهستي آهستي ختم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ڇوٿين طبقي جا ٻار 75 سيڪڙو آهن ۽ اميرن جا ٻار 25 سيڪڙو آهن. جڏهن 75 ۽ 25 سيڪڙو ٻار گڏ هڪجهڙي تعليم حاصل ڪندا ته پوءِ اهو لازمي آهي ته 75 سيڪڙو وارا ٻار وڌيڪ نوڪريون حاصل ڪندا پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ جيڪي اڇڙي ٿر تي بيمار ٻار آهن اهي بيمارين ۾ مرن ٿا پيا ۽ ڦڪڙي وارهه، حمل جا ٻار پاڻي جي بوند لاءِ تڙپي تڙپي جان ٿا ڏين پوءِ اهي جان ڪونه ڏيندا ۽ جيڪي ٻار دوائن لاءِ واجهائي رهيا آهن پوءِ اهي به هڪجڙي رعليم حاصل ڪري پنهنجي وطن جي ترقي لاءِ سوچيندا. ۽ جن ٻارن کي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ميثر ناهي اهي ٻار پنهنجي ذهانت سان واٽر پلانٽ لڳائيندا ۽ جن علائقن ۾ لکين زمينون غيرآباد آهن. هڪجهڙي تعليم حاصل ڪندڙ اهي ٻار زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڊئم ٺهرائيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو