شانِ قلندر سڪندر کھڙو قربن ڀريا قلندر لالڻ لکي موچارا، صدقو وڃاء سدائين سيوڻ شريف وارا. سڀ درد لاهي دلبر ڪر پار ٻيڙا سائين، پنهنجو ئي رحم ڪر رحمت ڀريا سدائين، مولا عليءَ جا پيارا تنهنجا ئي کپن سهارا. آمين اسان جي سدا رکپال تون ئي رهبر، آهي اسان لئه سهڻا شافي شفا تنهنجو در، ڪر هي قبول کوٽا سائين منهنجا ستارا. ناهي ڪاواھ مونکي توکان سوا اي سيد، ڪاڏي وڃان مان، آھيان ئي تنهنجو مريد، تنهنجي امان ۾ آهن گندڙا سڀئي ويچارا. ھر وقت رهي ٿو سگدر تنهنجو سدا سڪندر، ٻانھي جي ٻارڙي جو ڪر تون ڀلو سدا مقدر، آهين سخي سرور سڀين جي پارت اٿئي پيارا.