شاعري، شان قلندر، سڪندر کھڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    شانِ قلندر
    سڪندر کھڙو
    قربن ڀريا قلندر لالڻ لکي موچارا،
    صدقو وڃاء سدائين سيوڻ شريف وارا.

    سڀ درد لاهي دلبر ڪر پار ٻيڙا سائين،
    پنهنجو ئي رحم ڪر رحمت ڀريا سدائين،
    مولا عليءَ جا پيارا تنهنجا ئي کپن سهارا.

    آمين اسان جي سدا رکپال تون ئي رهبر،
    آهي اسان لئه سهڻا شافي شفا تنهنجو در،
    ڪر هي قبول کوٽا سائين منهنجا ستارا.

    ناهي ڪاواھ مونکي توکان سوا اي سيد،
    ڪاڏي وڃان مان، آھيان ئي تنهنجو مريد،
    تنهنجي امان ۾ آهن گندڙا سڀئي ويچارا.

    ھر وقت رهي ٿو سگدر تنهنجو سدا سڪندر،
    ٻانھي جي ٻارڙي جو ڪر تون ڀلو سدا مقدر،
    آهين سخي سرور سڀين جي پارت اٿئي پيارا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو