غزل، فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
غزل
فقير محمد سنڌي

برھ ۾ مٺا جو اثر آ ڏسي ڪو،
ڪيو دل آ جيڪو صبر آ ڏسي ڪو.

سڄو ڏينهن منهنجو عذابن ۾ گذريو،
ڪٽيو ڪيئن منهنجو پھر آ ڏسي ڪو.

سڄي سنڌ پنهنجي پرين کان پرتائي،
ڪري مون جيئان پوءِ سفر آ ڏسي ڪو.

سدا منهنجي من ۾ رهي پئي اڻتڻ،
ڪٽيان ڪئين تو بن ھجر آ ڏسي ڪو.

نماڻن اکين هن سٺا سور سنڌي،
ٿيو ڪيڏو مونسان قھر آ ڏسي ڪو.
 
Back
Top