غزل، فقير محمد سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    غزل
    فقير محمد سنڌي

    برھ ۾ مٺا جو اثر آ ڏسي ڪو،
    ڪيو دل آ جيڪو صبر آ ڏسي ڪو.

    سڄو ڏينهن منهنجو عذابن ۾ گذريو،
    ڪٽيو ڪيئن منهنجو پھر آ ڏسي ڪو.

    سڄي سنڌ پنهنجي پرين کان پرتائي،
    ڪري مون جيئان پوءِ سفر آ ڏسي ڪو.

    سدا منهنجي من ۾ رهي پئي اڻتڻ،
    ڪٽيان ڪئين تو بن ھجر آ ڏسي ڪو.

    نماڻن اکين هن سٺا سور سنڌي،
    ٿيو ڪيڏو مونسان قھر آ ڏسي ڪو.
     
    حرسانوڻ راڄڙ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو